Home / افيئر / ڀنگ جي لالچ ۾ پيش آيل ڀيانڪ واقعو
above article banner

ڀنگ جي لالچ ۾ پيش آيل ڀيانڪ واقعو

19جون تي شام جو گهران پنهنجي پاڙي جي واڙي مان کير وٺڻ لاءِ نڪتل 17 ساله فرسٽ ايئر جو شاگرد ۽ سي اينڊ ايس ڪاليج جي پرنسپل نثار احمد ميمڻ جي پٽ جو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن هٿان اغوا- جنسي ڏاڍائي، قتل ۽ اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ٺارو پور محله ۾ قبرستان ڀرسان هندن جي مساڻ ۾ لاش مٿان پيٽرول هاري ساڙڻ وارو واقعو شڪارپور جي تاريخ جو پنهنجي نوعيت جو اهو پهريون واقعوآهي جنهن ۾ 18 سالن کان 22 سالن جي نوجوانن سمورين وارداتن ۾ حصو ورتو آهي ۽ سمورن جوابدارن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.هي عام قسم جا پيشيور ڏوهاري ناهن. هي پڙهيا لکيا ۽ سهڻا سيبتا نوجوان آهن، جن جي ان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي سڄي سماج کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.

گرفتار جوابدارن،افتخار رسول ۽ هاشم حبيب عرف بابو پاران ڀنگ جي ارادي سان ڪيل واردات جو ڪارڻ انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري ارادي نت نون بحثن کي ڇيڙي ڇڏيو آهي.بابو ميمڻ ۽ افتخار مهر جي ڀاءُ جي انگلينڊ ۾ علم پرائڻ واري مقصد جي حاصلات هنن کان پنهنجي خواب جي حقيقت لاءِ اهو هانءَ ڏاريندڙ واقعو ڪرايو جنهن تي پوري انسانيت جو ذهن ۽ ضمير ڇرڪجي ويو آهي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته افتخار بابو جي اعليٰ تعليم واري سپني کي ساڀيان ارسلان ميمڻ جي اغوا واري پلان تي گذريل ٻن مهينن کان ڪم ڪري رهيا هئا. هن ڪيس ۾ پروفيسر جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ سندس سڳو ڀاڻيجو بشارت ميمڻ ۽ ٻيو مائٽ سفير ميمڻ به گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ ارسلان کي شهر جي موبائيل جي دڪان تان موبائل خريد ڪرڻ يا ٺهرائڻ جو چئي کنيو ويو ۽ کيس بابو جي اوطاق تي آڻي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.سندس مزاحمت کان پوءِ ويهن کان چاليهن منٽن تائين سبزي لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ مڏي ڇُري سان ڳلي ڪٽڻ جي ڪوشش ۾ ناڪامي کان پوءِ منهن مٿان وهاڻو رکي ساهه ٻوساٽي ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ پڪڙجڻ جي خوف کان يا لاش ملڻ جي صورت ۾ رازکلڻ جي امڪان کي آڏو رکندي پيٽرول هاري تيلي ڏئي لاش کي ڪوئلو بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. ان لاش کي جانورن پاران گهلڻ ۽ پٽڻ جون خبرون به آهن.جوابدارن قتل کان پوءِ ۽ لاش کي ساڙڻ کان اڳ پروفيسر کي 20 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ لاءِ موبائل تي رابطو ڪيو ۽ اهو رابطو ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهيو.

اسٽور گنج ٿاڻي تي فريادي پروفيسر نثار ميمڻ گناهه نمبر2012/72 واري ايف آءِ آر ۾ جوابدارن پاران 19 جون تي رات جو ڏهه وڄي 23 منٽن تي فون ۽ پنهنجي پٽ ارسلان سان ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان ايف آءِ آر ۾ جنسي ڏاڍائي جو ذڪر ناهي پر جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ سندن انڪشافن ان رخ تان لٽو لاٿو آهي. ڀنگ لاءِ اغوا هڪ آسان ترين واردات ٿي وئي آهي جنهن هاڻ باقائده هڪ صنعت جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. ان ڪري لڳ ڀڳ ٽين ايج ڇوڪرن جي دماغ به اهو دڳ ورتو. ٿي سگهي ٿو ته انگريزي فملن ۾ڏوهي وارداتن وارن منظرن هنن جي دلين ۾ اها ڪٺورتا پيدا ڪئي هجي پر هڪڙو سبب سماج ۾ ڏوهارين کي ملندڙ عزت،معتبري ۽ موٽ به آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته اڄ جي نوجوان جو آئيڊيل ڏوهاري آهي. پيسو ان جي ضرورت آهي، ان جي حاصلات لاءِ جائز ۽ ناجائز جي وچ واري فرق جا ٽپڙ ٽيشڻ تي ڇونه پهچي وڃن يا ڪردار ڪٻاڙو ڇونه ٿي وڃي ۽ شخصيت جي ڀينگ ڇو نه ٿي وڃي.پروفيسر نثار احمد ميمڻ ڏانهن ڀنگ لاءِ ايندڙ فونن جو رڪارڊ ته جوابدارن جي ڳچي ۾ رسو پئجي ڦاٿو ۽ سچ پترن جي وسڪاري واقعي جي هڪ هڪ رخ کي وائکو ڪري ڇڏيو .ذريعا چون ٿا ته پرنسپل ڀنگ ڏيڻ لاءِ ڏهه پندرنهن لک رپين جو بندوبست به ڪري ڇڏيو هو پر کيس پوليس ۽ سنگت ساٿ پاران پٽ سان گفتگو ڪرائڻ جي شرط سبب جوابدارن جو خواب شرمنده تعبير ٿيڻ نه ڏنو.پير مست علي شاهه ميمڻ محلا جي مقتول نوجوان ارسلان جي قبرستان ۾ مليل لاش واري وڊيو انٽرنيٽ تي ڏسڻ کان پوءِ جسم ۾ ڪنبڻي ۽ ڏڪڻي ٿي وڃي ٿي.

اهو لاش ڪيترا ڏينهن سول اسپتال جي مرده خاني ۾ سڃاڻپ جون صدائون ڪندو رهيو پر جڏهن ڪابه ان جي سڃاڻپ نه ٿي ته ايڌي وارن جنازي کان پوءِ چڻنگي مقام ۾ دفنائي ڇڏيو.سڙيل لاش جي ملڻ کان پوءِ قبرستان ۾ اي ايس پي ساجد کوکر سان گڏجي نثار احمد ميمڻ ان جي سڃاڻپ لاءِ ويو هو پر ايترو ته ڊپ جي غم ۾ گرفتار هو جو ان جو ذهن ۽ سندس دل مددگار ثابت نه ٿي سگهي.ايف آءِ آر ۾ ٽن جوابدارن جي نشاندهي ٿي ۽ چوٿين جوابدار جي گرفتاري ۾ هڪ نامعلوم خط جو عمل دخل آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اها اڳ ئي ان جوبدار جي حوالي سان باخبر ۽ متحرڪ ٿي چڪي هئي .افتخار رسول بابت ذريعا ٻڌائن ٿا ته اهو فوجي ڀڳوڙو ۽ پوليس انسپيڪٽر غلام رسول مهر جو پٽ آهي،جنهن جا بابو ميمڻ سان مخصوص تعلقات هئا ۽ ان  وٽان هٿ ٿيل موبائل فون ۾ شهر جي خوبصورت ڇوڪرن سان جنسي ڏاڍاين واري رڪارڊنگ به هٿ آئي آهي.

اڪثر اهڙن ڪيسن ۾ مختلف سببن جي ڪري جوابدار ڇٽي ويندا آهن.ٽن جوابدارن جو مقتول سان مائٽي وارو رشتو هن ڪيس کي پرنسپل مٿي برادري يا با اثر ماڻهن جي دٻاءَ ڪري ڪمزور ڪري سگهي ٿو ! اسان وٽ ٽريجڊي اها آهي ته متاثر جي مدد گهٽ ۽ ڏوهارين جي طرفداري وڌيڪ ٿيندي آهي.ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هن ڪيس جا جوابدار پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي سڄي سماج لاءِ عبرت جو مثال بڻجڻ گهرجن

ارسلان جي واقعي کانپوءِ شهر جي لکين ٻارڙن ۾ هڪ طرف نفسياتي مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي. سندن والدين ڪنهن امڪاني خوف جو شڪار ٿي ويا آهن.ٻارڙن کي گهرن تائين محدود رهڻ جون هدايتون ڏنيون ٿيون وڃن پر ان سنگين صورتحال بااثرن جي بيچيني ۾ تر جيترو به اضافو نه ڪيو آهي. لاتعلقي هڪ وبا جي صورت ۾ سماج کي اندران ئي اندان کوکلو ڪري رهي آهي. اين جي اوز ننڊ ۾ آهن، سياسي پارٽيون ستل آهن. آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟

naseembukhari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو