Home / ڪور افيئر / ڇا تڪراري بڻيل شهر ذوالفقار آباد ٺهي سگهندو
above article banner

ڇا تڪراري بڻيل شهر ذوالفقار آباد ٺهي سگهندو

ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪو چئيرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري طرفان نئون جديد شهر پنهنجي قائد ۽ پارٽي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي تي ٺاهڻ جو عزم ڪيو آهي جنهن جي سڄي سنڌ

 

 

اندر وڏي پئماني تي مخالفت ٿي رهي آهي ۽ جنهن چيني ڪمپني طرفان ان شهر جي اڏاوت جو ٺيڪو کنيو آهي ان جي قونصل خاني آڏو جسقم طرفان ڌرڻي هڻڻ لاءِ وڏي ريلي ڪڍي وئي پر ان کي پوليس جي وڏن اٽالن هٿيارن جي زور  ۽ ڪنٽينرز رکي دڳ بند ڪيا ويا ۽ اڳتي نه وڃڻ ڏنو ويو. جڏهن ته صدر پاڪستان طرفان ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ ڪراچي جي صدارتي ڪئمپ آفيس پهتل هو جتي هن ٺٽي جي مقامي صحافين ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي پارٽي قائد جي نالي تي ٺهندڙ شهر جي خلاف پئدا ٿيل پروپئگنڊا کي ختم ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ان جو دفاع ڪن ۽ جيڪو به ان خلاف ڳالهائي ته ان کي ڀرپور نموني سان جواب ڏنو وڃي.پاڻ صدر زرداري ڪراچي پهچي ان شهر جي حق ۾ باقاعده بريفنگ ۽ دليل ڏنا آهن ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي پارٽي قيادت ان نئين شهر جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي به مطئمن نه ڪري سگهي هئي ۽ وڏي مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان گڏجاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ان شهر جي اڏاوت خلاف بائيڪاٽ پڻ ڪيا ۽ بي اعتمادي به ظاهر ڪئي.خود پارٽي جا اتحادي پارٽين جا اڳواڻ شيرازي،ملڪاڻي ڀائر به ان شهر جي اڏاوت تي ناراض آهن ۽ سرڪاري سطح تي ان شهر جي حق ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به شرڪت نه پيا ڪن ۽ ان شهر جي اڏاوت جي حق ۾ جڏهن صدر پاڪستان  مقامي ماڻهن کي دليل ڏئي رهيو هو ته ان ۾ سندس جي پارٽي جي صوبائي وزير سسئي پليجو به شرڪت نه ڪئي ۽ ان خلاف پارٽي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ سندس والد غلام قادر پليجي بلاول هائوس واري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي.هاڻي اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته  جڏهن صدر پاڪستان جو اهڙي شهر جي اڏاوت لاءِ سندس پارٽي جا اڳواڻ ئي ساٿ نه ڏين ته پوءِ اهو شهر ڪئين ٺاهيندو؟ ان شهر جي اڏاوت واري معاملي بعد پيپلزپارٽي جي سنڌ اندر ساک تمام گهڻي متاثر ٿي آهي،پهريان پيپلزپارٽي چئن سالن ۾ جيتريون به غلطيون ڪيون هيون ان جا پارٽي تي تمام خراب اثر  پيا هئا ۽ ان جي قيادت ۽ اڳواڻن جو پڻ گراف به ڪريو آهي. پر سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي ماڻهن پيپلزپارٽي جو دفاع ڪيو هو پر جڏهن کان هنن ذوالفقار آباد شهر ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي تڏهن کان سنڌ ۾ ان جي قيادت ۽ اڳواڻن خلاف وڏي نفرت جنم ورتو آهي جيڪا هاڻي ختم ٿيڻ تمام ڏکي آهي .

 

سرڪاري ڪامورن جو ذوالفقار آباد شهر بابت ڪهڙا آهن!

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار جي هڪ آفيسر سان اسان ڪجهه دوستن جو ذوالفقار آباد رٿا تي بحث ٿيو جنهن ان جي حمايت ڪندي جي ايم سيد جو هڪ قول ٻڌايو ته جنهن قوم مان عقل هليو ويندو آهي ته ان ۾ محبت پئدا ٿيندي آهي ۽ سنڌي قوم به هاڻي ان ئي بيماري جو شڪار آهي جنهن کي مان چيو ته اوهان ڀلي اسان کي بيوقوف سمجهو پر اسان پنهنجا آباد ٿيل شهر ڇڏي هاڻي نئين شهر ۾ وڃي آباد نه ٿينداسين،جيڪڏهن اوهان جي سرڪار کي ترقي جو ايترو ئي شوق آهي ته پوءِ پوئتي پيل شهرن ۾ ترقي ڪرائين،باقي اسان عالمي يتيم خانو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون،ٻيو ان اهو به مثال ڏنو ته سنڌين ڪراچي جي حد ۾ سمنڊ اندر واري جي ٻن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي مخالفت ڪئي ۽ هاڻي اهي هونئن به تباهه ٿي ويندا،ڇا اها بيوقوفي نه هئي جنهن تي ان کي مان دليل ڏيندي چيم ته شهر هميشه قدرتي ٻيٽن تي ٺهندا آهن جيڪڏهن اوهان ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏيو ها ته ان سان ٺٽو ۽ بدين سان گڏ ڀارت جا ڪجهه شهر به سمنڊ ٻوڙي ڇڏي ها جنهن جو مثال اسان وٽ موجود آهي ته ڪراچي جي آبادي سمنڊ طرف وڌڻ ڪري ان جي هوائن جو دٻاءُ ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي پيو آهي ۽ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي تنهنڪري انهن ٻيٽن تي جيڪڏهن شهر ٺهن ها ته سنڌ جا ٻه ساحلي پٽي تي موجود ٺٽو ۽ بدين شهر اسان وٽ اڄ نه هجن ها ۽ اهي تباهه ٿي چڪا هجن ها.

چيني ڪمپني سنڌي عوام جي سخت رد عمل بعد ڇا پئي سوچي؟

ذوالفقار آباد شهر کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ 23 ڪلوميٽر ٻٽو ايڪسپريس وي ٺاهڻ لاءِ سنڌ سرڪار ۽ چيني ڪمپني وچ۾ ياداشتنامي تي صحيحون ٿي ويون آهن،ڪمپني طرفان نئين شهر جي اڏاوت تي سنڌ واسين جي وڌندڙ خدشن نقصان برداشت ڪيو هو هاڻي ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت به ان صورت ۾ ٿيندي جڏهن اسان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.اهڙي شڪايت بعد صدر آصف علي زرداري عالمي ڪمپني کي يقين ڏياريندي چيوته سنڌ ۾ گودار جهڙي صورتحال ڪونهي،اوهان بنا جهجڪ جي ڪم ڪريو. جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ ڪا اهڙي خراب صورتحال آهي ته پرڏيهي ڪمپني کي ٻين ڪمپنين وانگر بهتر نموني سان تحفظ فراهم ڪبو.ذريعن موجب صدر پاڪستان طرفان سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته هو ٻٽي ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ زمين جي نشاندهي ڪري رپورٽ ايوان کي ختم ڪرڻ جو شرط رکندي چيو آهي ته چيني سرڪار اهڙي ماحول ۾ هرگز ڪم نه ڪندي جنهن سان ان جي ماڻهن کي جان کان خطرو هجي ۽ بدنامي ٿئي.ذريعن موجب اهڙو اظهار چيني ڪمپني طرفان صدر آصف علي زرداري کي صدارتي ڪئمپ آفيس بلاول هائوس ۾ ڪوٺايل تقريب بعد ملاقات ۾ ڪيو.ذريعن موجب چيني ڪمپني اهو به چيو آهي ته اسان کي اڳ ئي گوادار پورٽ تي هڪ تجربو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ تجربو نٿا ڪري سگهون ڇو ته اڳواٽ ئي اسان گهڻو صدر ڏانهن اماڻي وڃي.ٻي طرف بلاول هائوس ۾ چيني ڪمپني ۽ ذوالفقار آباد شهر کي قومي شاهراهه سان ڳنڍڻ لاءِ ٻنهي ڌرين وچ۾ ياداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي ڊي جي افتخار احمد چيو ته  ذوالفقار آباد شهر جي انفراسٽريڪچر جي اڏاوت لاءِ پهرين مرحلي ۾ چيني ڪمپني سنڌوءَ دريا مٿان ٻٽو ايڪسپريس وي ٺاهيندي جنهن بابت ياداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن،ٻٽي پل ڌانڌاري کان شاهبندر تائين 23 ڪلوميٽرن واري مفاصلي تي مشتمل هوندي جنهن تي ڪمپني ڪم جي شروعات سرڪار سان حتمي ڳالهين بعد ڪندي ۽ اسان به بورڊ آف روينيو کان زمين حتمي ڳالهين بعد ئي وٺنداسين.

پيپلزپارٽي جي سرڪاري سطح تي ذوالفقار آباد جي حق ۾ ڏنل بريفنگ مان ڪهڙو کڙ تيل نڪتو

ٺٽي شهر ۾ ٺهندڙ تڪراري جديد شهر ذوالفقار آباد رٿا جي حق ۾ پيپلزپارٽي طرفان ڏنل بريفنگ مان صادق ميمڻ واڪ آئوٽ ڪيو هو ۽ هير اسماعيل سوهو،چيتن داس،منور عباسي نئين شهر جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته غلام قادر ملڪاڻي ۽ عثمان جلباڻي بريفنگ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙي کي مجبورن اهو چوڻو پئجي ويو ته آخر غلام قادر ملڪاڻي ۽ عثمان جلباڻي دعوت باوجود بريفنگ ۾ شريڪ ڇو نه ٿيا آهن انهن کي ڪئين راضي ڪجي ۽ ان تي صادق ميمڻ چيو ته ذوالفقار آباد رٿا وارو معاملو تمام تڪراري ۽ سياسي بڻجي ويو آهي،اوهان ان نوعيت کي سمجهو. پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر تاج  حيدر سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ حڪومت اهو سمجهي وئي هئي ته ان نئين شهر جي اڏاوت ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو آهي جيڪو هاڻي ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٺهي سگهي.ٻيو تاريخ شاهد آهي ته جنهن رٿا جي سنڌي ماڻهن مخالفت ڪئي آهي،اها ڪڏهن به نه ٺهي سگهي آهي ته پوءِ هاڻي اهو ذوالفقار آباد شهر ڪئين ٺهندو؟.سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته اسان سڀ قوم پرست آهيون،قومپرستي جو ڪنهن ٺيڪو ناهي کنيو ۽ اسيمبلي کان ٻاهر ويٺل پارٽين کي قومپرست چوڻ درست نه آهي.تاج حيدر چيو ته وڏي وزير ذوالفقار آباد رٿا تي اتفاق راءِ پئدا ڪرڻ لاءِ منهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا 7 جولاءِ کان ٺٽي جي ماڻهن ۽ هر سنڌ جي ترقي لاءِ جدجهد ڪندڙ ڌرين سان ڳالهيون ڪندي.هن چيو ته ڪراچي پورٽ   هزار3 ٽن،بن قاسم پورٽ 20 هزار ٽنن جو آهي پر اسان ڪيٽي بندر وارو 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي 2 لک ٽنن جا جهاز اتي آڻي سگهون ٿا.هن چيو ته تربيلا ۽ منگلا مان جيڪا بجلي اچي ٿي ان مان 35 سيڪڙو لائين لاسز ۾ ضايع ٿي وڃي ٿي.هن چيو ته ذوالفقار آباد ڪيٽي بندر رٿا جو تسلسل آهي.هن چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ ٺٽي ۽ بدين جي 20 لک ايڪڙ زمين پائي ويو آهي ۽ روزانو 18 ايڪڙ زمين کائي رهيو آهي جڏهن ته 2025ع تائين ٺٽو ضلعو سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو جنهن کاڄ کي روڪڻ لاءِ اسان ذوالفقار آباد رٿا ٺاهي رهيا آهيون.هن چيو ته چين جي شهر شينزن جي آبادي 4 هزار هئي جيڪو هاڻي هڪ ڪروڙ جي آبادي ۾ تبديل ٿي ويو آهي جيڪو چين جو تمام وڏو شهر آهي اتي چار پورٽ به ٺهي چڪا آهن،اسان به شينزن شهر ٺاهندڙ ان ئي ڪمپني کي ذوالفقار آباد رٿا جو ڪم ڏنو آهي.هن چيو ته گهوڙا ٻاڙي،شاهبندر ۽ جاتي جي 13 لک ايڪڙ زمين گهرجي ٿي.12 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي،اسان سمنڊ کي روڪڻ لاءِ 230 ڪلوميٽرن جو بند ٻڌنداسين.ذوالفقار آباد بابت ماسٽر پلان تيار ڪيو ويو آهي.اسان ٻه ڪميٽيون جوڙيون آهن جنهن مان هڪ انتظامي ۽ ٻي اڪنامڪ ڪميٽي هوندي.هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ به پلاننگ ڪئي ڪرڻي آهي.اسان پنهنجي صوبي ۾ صنعتون لڳائينداسين.اسان شاهبندر وٽان 62 هزار ايڪڙ زمين حاصل ڪئي آهي ۽ اتان ئي ڪم شروع ڪيو ويندو،52 هزار سرڪاري ۽ 20 هزار خانگي زمين آهي.خانگي زمين حاصل ڪري ڇڏي آهي،ڪابه رٿا مقامي ماڻهن جي مفاد ۾ نه هوندي ته اها شروع نه ڪنداسين.اسان ڪنهن به شخص کي بي گهر نه ڪنداسين،انهن کي ٻي هنڌ مناسب جڳهه ڏني ويندي،20 کان 22 هزارن جي آبادي آهي جن کي راضي ڪنداسين.هن چيو ته ڍانڍاري پل تي 3 ارب خرچ ايندو.هڪ ارب بجيٽ ۾ رکيا آهن جنهن جو ڪم 32 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو.43 ڪلوميٽرن جو ايڪسپريس وي پڻ جوڙيو ويندو ۽ بجلي گهر به لڳايو ويندو،ملائيشيا جي ڪمپني پڻ ساڍا 12 هزار ميگاواٽ جو بجلي گهر ٺاهيندي،ونڊ بجلي گهر مان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پئدا ٿيندي،250 ميگاواٽ جو بجلي گهر تيار ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته بدين کي به ذوالفقار آباد رٿا سان ڳنڍيو ويندو.

صدر پاڪستان جي بلاول هائوس ۾ ٺٽي جي مقامي صحافين ۽ پارٽي اڳواڻن کي ڏنل بريفنگ

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ذوالفقار آباد رٿا ٺٽي ضلعي جي ترقي لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي ان سان ڪنهن به مقامي رهواسي جو ٽڪرو به نه ڦٻايو  ويندو.اسان کان وڌيڪ ڪير به قومپرست نه آهي.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري ٺٽي جي مقامي صحافين کي يقين ڏياريو ته ذوالفقار آباد رٿا جي آڙ ۾ ڪنهن به مقامي رهواسي جي زمين نه ڦٻائي ويندي،اسان نئون شهر سمنڊ هيٺ آيل زمين کي بحالي ڪري اتي ئي ان جي اڏاوت ڪنداسين،پهرين مرحلي ۾ انفراسٽريڪچر، صنعتون ۽ ان کانپوءِ ئي شهر جي لاءِ پرڏيهي ڪمپني وڌيڪ ڪم ڪندي.جيڪي سياسي ماڻهو ان شهر جي مخالفت ڪري رهيا آهن اهي سنڌ جي ترقي جا مخالف آهن،اسان انهن ماڻهن کي اهڙن ڪنهن به مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪي نئين شهر جي اڏاوت آڏو رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪن پيا. ٻي طرف شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار آباد شهر نه ٺهيو ته ٺٽي ضلعو سنڌ جي نقشي تان ختم ٿي ويندو ڇو ته سمنڊ روزانو 18 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ،نئون شهر 13 لک ايڪڙن تي قائم ڪيو ويندو جنهن مان 3 لک 70 هزار ايڪڙ زمين موجود آهي ۽ باقي  زمين سمنڊ مان پئدا ڪئي ويندي.ذوالفقار آباد شهر 142 ديهن تي قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ جديد قسم جا ڳوٺ شامل آهن،هن ذوالفقار آباد  جي مخالفت ڪندڙن کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو ته اهڙي اهم رٿا جي مخالفت نه ڪئي وڃي.اطلاعات واري وزير جي ڪيل اهڙين ڳالهين تي سوال اهو پيو پئدا ٿئي ته ڇا هاڻي ذوالفقار آباد کانسواءِ ٺٽي کي سمنڊ کان بچائڻ جو رستو ئي ڪونهي ؟جيڪڏهن پ پ قيادت کي ٺٽي ضلعي کي سمنڊ جي پائي وڃڻ کان بچائڻ جو ايترو ئي احساس آهي ته مهرباني ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ ٺاهه موجب پاڻي ڇوڙ ڪرايو وڃي ته ٺٽي ۽ بدين کي ڪير به غرق نٿو ڪري سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو