Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي: ٽارگيٽڊ ڪلنگ،امن ۽ ونگاري ماڻهو
above article banner

ڪراچي: ٽارگيٽڊ ڪلنگ،امن ۽ ونگاري ماڻهو

استعمال کان اڳ هر شي جو ڪجهه قدر ضرور هوندوآهي، پر اسان وٽ ايئن ٿئي ئي ڪونه .هڪ ڳالهه جيڪا مون ڏٺي آهي اُها اِها ته ڪنهن حد تايئن انهن عام ماڻهن کي اها به خبر هوندي آهي ته اهي استعمال ڪيا پيا وڃن-پر مجال آهي هو ڪُڇن.ننڍن ڳوٺن کان وڏن شهرن تائين هر عام ماڻهو کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.فرق صرف ايترو اهي جو وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انهن جا استعمال ڪندڙ انهن سان گڏ رهن ٿا ۽ گهڻو وقت به ڏين ٿا.انهن کي ڪنهن حد تائينFacilitate به ڪيو وڃي ٿو.ڳوٺن ۾ جتي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهي ٿو اتي Interaction نه هئڻ ڪرڻ Reaction گهٽ نظر اچي ٿو.جيڪڏهن ڪنهن همت ڪئي به ته اهڙي ٿيندس جو ڏهه ڄڻا ٻيا به سوچڻ جي به همت نه نڪندا.انهي فرق جي ڪري ڪراچي جي موجوده صورتحال ۽ انهي ۾ ڇٽيل نفرتن جا ٻج ڪُجهه عرصي کان پوءِ ضرور ظاهر ٿيندا.جنهن جو اثر سڄي صوبي تي پوندو ۽ مستقبل ۾ اهڙن اثرن  کان بچڻ لاءِ اسان وٽ ڪي به بهتر تدبيرون ناهن.


ڪراچي جي موجوده صوتحال

هڪ عام اردو ڳالهائيندڙ هڪ عام پٺاڻ سان نفرت ٿوڪري.هڪ عام بلوچ هر اردو ڳالهائيندڙ کي نفرت جي نگاهه سان ٿو ڏسي.ڪراچي ۾ تمام گهڻن علائقن ۾ ڃاڻايل زبانون ڳالهائيندڙ هڪ علائقي کان ٻي علائقي ۾ نه وڃن.جڏهن ته سالن کان ڪم ڪندڙ هزارين ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي چڪا آهن. انهن يا ته ٻين علائقن جو رخ ڪيو آهي يا ته متبادل رستا اختيار ڪيا اٿن.جن جا به ڪي بهتر نتيجا نڪرندي نظر نٿا اچن. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان مطابق گذريل سال جولاءِ ۾ 397 ماڻهن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو.هن سال جنوري کان جون تائين 366 ماڻهو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مارجي چڪا آهن ۽ اهو اُهو انگ آهي جنهن کي عام زبان ۾ اسان معصوم يا بيڏوهي چئون ٿا.366 اهي عام ماڻهو آهن جيڪي غلطي سان ڪنهن علائقي ۾ غلط وقت تي هئا يا انهن جو اتان گذرڻ ٿيو هو. ڪميشن جي رپورٽ گهڻو ڪري اخباري رپورٽن تي ٻڌل آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کڻي ڪجهه به چون پر ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ ٽارگيٽڊ ڪلنگ آهي جنهن ۾ قتل ٿيندڙ شخص جو تعلق يا ته ڪنهن سياسي/ مذهبي پارٽي سان آهي يا ته ڪا خاص ٻولي ڳالهائيندڙ آهي. ڪراچي ۾ سياسي جماعتن جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب تقريبن هر ماڻهو جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر سان ضرور آهي.اها وابستگي سياسي سوچ جو نتيجو ناهي بلڪه ان پٺيان طاقت ۽ رعب اهم محرڪات آهي.ڪارڪن سياسي ٻولي نٿا ڄاڻن پر بندوق هلائڻ ۾ مهارت رکن ٿا.

عام چونڊن کان اڳ ڪراچي جي موجوده صورتحال انتهائي خطرناڪ رُخُ اختيار ڪري چڪي آهي جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان بظاهر شهر جي واحد طاقتور لساني جماعت کي ئي ٿيندونظر اچي ٿو، جيڪا هو ڪنهن به صورت ۾ هر گز برداشت نه ڪندي.ذريعن موجب مهاجر صوبي جو شوشو ڇڏيو ويو هيو جنهن جو مقصد سنڌي قوم جو رويوچيڪ ڪرڻو هيو.انهيءَ اشو کان پوءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي.متحده به پنهنجن ماڻهن کي پاسيرو ڪري ڇڏيوآهي.صوبي جو مطالبو ڪندڙ ڏيڏر وري کوهه ۾ وڃي لڪيا آهن پر اسان سنڌي ماڻهن اڄ به سڄو ملڪ کڻي مٿي تي رکيو آهي.ڇا سنڌ ورهائڻ ايڏو سولو ڪم آهي يا اسان انهن ڌرين کي ماحول فراهم ڪري پيا ڏيون ؟ڪراچي ،حيدرآباد ۽ سکر ۾ انهن پنهنجن عام ماڻهن جو استعمال ڪجهه بهتر انداز ۾ ڪيو،ليڪن انهن جي مڪمل Enrgy استعمال نه ڪئي وئي.اسان پنهنجي انرجي اڃا به ضايع پيا ڪيون جيڪا انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندي.

29 جون تي جناح گرائونڊ-عزيز آباد ۾ متحده جي جلسي ۾ شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزاريوال ۽ پٺاڻ گهرائي عام پٺاڻ کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو تيستائين پاڻ کي محفوظ سمجهن جيستائين هو انهيءَ پارٽي جو حصو آهن.سندن جان ۽ مال محفوظ به رهندو ۽ کين تحفظ به فراهم ڪيو ويندو.2 جولاءِ تي الطاف حسين جي 22 سالن جي  سياسي جدوجهد تي لکيل ڪتاب جي سنڌي ۾ ترجمي جي مهورت رکي وئي  ته جيئن دنيا کي ثابت ڪري ڏيکارجي ته متحده قطعي به ڪنهن مخصوس گروهه يا ٻولي ڳالهائيندڙن جي جماعت ناهي.وڏا وڏا جلسا ڪيا وڃن ٿا. چندا وصول ڪيا وڃن ٿا.ڪامياب هڙتالون ڪيون وڃن ٿيون.وڏا وڏا ۽ خطرناڪ مظاهرا ڪيا وڃن ٿا. اهڙي قسم جون ڪيئي ونگارون شهرجي عام ماڻهو کان ورتيون وڃن ٿيون پر اهو استعمال سوچي سمجهي ڪيو وڃي ٿو.انهن ۾ نه صرف عام ماڻهو کي ٿڪجڻ کان بچايو وڃي ٿو بلڪه انهيءَ جي انرجي کي به مڪمل Consume نٿو ڪيو وڃي.

پر انهي جي باوجود ڪراچي (خاص ڪري) جو عام ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿئي ٿو.هو قتل ٿئي ٿو.هنن ماڻهن وٽ (خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن) وٽ  ڪو به آپشن ناهي tه هو ڪراچي ڇڏي سنڌ جي ڪنهن ٻي شهر يا ڳوٺ ڏانهن منتقل ٿي سگهن  ۽ نه ئي هو صوبو يا ملڪه ڇڏي سگهن ٿا.جڏهن ته هڪ ٻي به مجبوري انهن کي اتي رهڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ اها آهي هن شهر جو ڪلچر،جنهن جي سحر مان نڪرڻ سولو ناهي.هن گهٽ ٻوسٽ ۽ افراتفري ۾ به هڪ زندگي آهي جيڪا ڪراچي کاري پري رهندڙن کي تيستائين سمجهه ۾ نه ايندي جيستائين اهي انهي ڪلچر جو حصو ٿين. نه صرف اردو ڳالهائيندڙ بلڪه هن شهر ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ هڪ منفرد ڪلچر کي جنم ڏنو آهي. جيڪو هو ڪڏهن به ڇڏڻ نٿا چاهين.شهر جون حالتون ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن هتي عام ماڻهو ٻاهر ضرور نڪرن ٿا۽ انتهائي ڳنڀير صورتحال ۾ هو پنهنجن خاص ماڻهن تي دٻاءَ به وجهن ٿا.گهر کان وڌيڪ ٻاهر هنن کي زندگي جون سڀ سهولتون  ميسر آهن. هن وقت ڪراچي جي رهواسين کي سڀ کان وڏو مسئلو امن امان جو آهي.

ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جي صورتحال :

ڪوبه هڪ مسئلو وڏو ناهي- پاڻي جي کوٽ، غربت،بيروزگاري،ايندڙ برساتن کان پوءِ جي صورتحال جو خوف، بجلي جو بحران، تعليم ۽ صحت جا مسئلا وغيره امن امان کان سواءِ آهن.مهاجر صوبي ۽ ذوالفقار آباد جا مسئلا ته اضافي آهن، ڪنهن حد تائين اسان وٽ سياسي ڪلچر موجود آهي.جيتوڻيڪ اهو سخت  بيمار ٿي چڪو آهي پر ڪنهن به حال ۾ موجود ضرور آهي.انهي سياسي ڪلچر هئڻ جي باوجود به اسان وٽ عام ماڻهو جو استعمال انتهائي سستي اگهه تي ٿئي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن ته بدين کان ڪمون شهيد تائين صرف برياني جي هڪ پليٽ ،ڪڏهن ڪڏهن سڀ ڪجهه برباد ٿيڻ تي ڌڪن ۽ ٿاٻن کان پوءِ فقط ڏهه هزار رپيا !هڪ عدد نوڪري تي سڄي ڳوٺ جا ووٽ ۽ نوڪري کان بعد اهو شخص / عورت سرڪار نه بلڪه انهي طاقتور ماڻهو جي احسان هيٺ سڄي زندگي رهڻ تي مجبور !سنڌ جي عام ماڻهو جي نه گهر ۾ خوشي آهي نه ئي هن جي پسگردائي ۾ . هو اخبار به پڙهي ته سواءِ تڪليف ۾ اضافي جي ٻيو ڪجهه به کيس پلئه نه پوي!

هڪ عدد سرڪاري نوڪريءَ خاطرهو هر قسم جي غلامي لاءِ هر وقت تيار ٿو نظر اچي.جڏهن ته ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري وٺڻ ڏانهن لاڙو تمام گهٽ آهي. پئسو آهي ته ڪاروبار، نه ته عام طور تي هو بغير ڪنهن وڏي ماڻهو جي تيل مالش جي ڪنهن پرائيوٽ اداري ۾ نوڪري ڪن.شهرن ۾ عام ماڻهو کان خاص ماڻهو ڪنهن حد تائين ڊڄن به پر سنڌ جي ڳوٺن جو خاص ماڻهو انهي جي پرواهه بنهه به نه ڪري .بنيادي سهولتن کان محروم ماڻهن جي ڪلچر کي اسان شهرن ۾ ڪيش ڪرائيندا آهيون پر جڏهن انهن جي ويجها ويندا آهيون ته کين “ڄٽ” تصور ڪيون.جنهن حساب سان هتي عام ماڻهو جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي طرح اهڙي قسم جي سوچ به جنم ورتو آهي جنهن جو مقصد ٿورن لفظن ۾ اهو ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي ته جيئڻ آهي. جيڪڏهن ڪراچي جي هاڻوڪي صورتحال عام چونڊن تائين برقرار رهي يا سنڌين لاءِ ڪراچي شهر ۾ خوف واري صورتحال ڪجهه وقت وڌيڪ ورتو ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته معاشي،سماجي ۽ سياسي طور تي سنڌ جي هڪ عام ماڻهو تي انهي جو اثر انتهائي بُرو پوندو.هڪ ته ڳوٺن  ۽ ننڍن شهرن ۾ نه حڪومت طرفان ۽ نه ئي سنڌي اميرن طرفان ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن جيڪي زندگي کي خوبصورت مقصد ڏين.جيڪڏهن اسان وٽ وافر مقدار ۾ ڪاشي آهي ته اُها وقت ۽ انهي مان جيڪڏهن سياستدان، قومپرست ۽ اڄڪلهه مذهبي رهنماڪجهه استعمال ڪن ٿا ته انهي ۾ ڪو عار ته نه هئڻ گهرجي !!!

انهي استعمال کي هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. اگر ايئن نٿو ڪيو وڃي ته به ڪنهن حد تائين Compensate ضرور ڪيو وڃي-اهو ڪراچي ۾ بهتر صورتحال جي مد ۾ به ٿي سگهي ٿو. پرامن ڪراچي نه صرف هن شهر ۾ رهندڙن لاءِ پر سموري سنڌ جي خوشحالي لاءِ بنهه ضروري آهي. ايئن ئي جيئن پرامن افغانستان پاڪستان لاءِ. ڪراچي جي صورتحال تمام گهڻين تبديلين جي ضمانت ثابت ٿي سگهي ٿي. اُهي نفرتون جيڪي هن شهر ۾ پکيڙيون ويون آهن يا وڃن پيون انهن اکي روڪڻ انتهائي ضروري آهي ۽ انهيءَ جو حل صرف عام ماڻهو وٽ آهي. اگر انهي عام ماڻهو پاڻ ۾ همت ساري آهي ته هو پنهنجي خاص ماڻهن سان انهي تي ڳالهائي نه ته خاموشي سان ووٽ ذريعي انهيءَ جو استعمال ڪري.جيڪڏهن انهي ماڻهو جو استمعال بهتر انداز ۾ نٿو ڪيو وڃي ته هو پنهنجو استعمال خوبصورت ۽ با مقصد ڪرائي سگهي ٿو…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو