Home / افيئر / ڪرتُوت
above article banner

ڪرتُوت

ڳالهه سڄي پڌري پٽ پئي آهي.اڳي ڪجهه ٻيو هو،هاڻي ڪجهه ٻيو آهي ۽ آئيندي الائي ڇاٿيندو ڏينهون ڏينهن ڪارا ڪرتوت وڌندا پيا وڃن ۽ حيوانيت به حدکان ٽپندي وڃي.انهن سڀني ڪرتوتن جا ڇنڊا رڳو سرڪار تي اڇلائڻ بي واجبي ٿيندي.

جي ڀلا هي سرڪار ساڳين ڪرتوتن جا ڇنڊا اڳين حڪومت تي اڇلائيندي ته به بي واجبي ٿيندي.اسان پروپئنگسٽ سياستدان يا نعري بازي ڀلي هوڪا ڏيندا وتن ته سياست ئي ڇڱي يا مٺي معاشري کي جنم ڏيندي آهي پر مڃيل حقيقت اها آهي ته سوسائٽي ئي سياست کي جنم ڏيندي آهي. پوءِ جهڙو منهن تهڙو موچڙو.ووٽ به سوسائٽي سياست جي هٿ ۾ ڏيندي آهي ۽ موچڙو به سوسائٽي سياست جي حوالي ڪندي آهي.سوسائٽي کريل نه هوندي ته سياست کي به کرڻ ڪو نه ڏيندي آهي،پوءِ جهڙا ڪانَو تهڙا ٻچا. برطانيا جو مثال پڌرو پيو آهي.جڏهن ٻي عظيم جنگ پئي هلي ته برطانيا جي سوسائٽي کي اهڙي ماڻهوءَ جي کپ هئي،جيڪو جنگجو هجي،وڙهڻ جا گُر ڄاڻيندو هجي ۽ ٻاويهه ڪلاڪ جاڳي ويڙهه کي منهن ڏئي.انهيءَ لاءِ برطانيا معاشري کي سرونسٽن چرچل جي ضرورت هئي،جنهن کي اهي گُر آيا ٿي ،پر جڏهن هٽلر وڃي گوڏا کوڙيا ۽ برطانيا ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ جنگ مان جند ڇٽي ته انهي صورت ۾ کين اهڙو وزيراعظم ٿي کتو جيڪو وري امن امان ۾ صحيح ڪم ڪري ڏيکاري.انهيءَ ڪري اتان جي معاشري پنهنجي هيرو چرچل کي ٿڏي سر ايٽلي کي وزيراعظم طور چونڊيو.خود اتان جي جمهوريت کي جنم ڏيندڙ به برطانيا جو معاشرو ئي هو.معاشرا جو ايئن ڪم ڏيکاريندا آهن.اچو سائين سنڌ جي معاشري تي.

هو ته هڪ اتفاق هو،جو ٿريو هوندي ڪري سيڪنڊري تعليم سانگي سکڻ واري عمر اُتر سنڌ ۾ گذاريم. “بابا سيان ڪوٽوال هو” يعني پوليس آفيسر. تنهن زماني ۾ پوليس جو وڏو ڏهڪاءُ  هوندو هو ۽ آيو ويو سلامي هوندو هو. جيڪب آباد ضلعي ۾ انهي وقت به ٻه قبيلا يا ذاتيون ڪنهن نه ڪنهن مامري تي پاڻ ۾ وڙهي پونديون هيون. ڪاهڪڙي ڌُر دانهن کڻي بابا وٽ ايندي هئي ته بابا وري انهيءَ ڌر جي هٿ ۾ چٺي ڏيندو هو،جيڪا اتان جي اصلي نسلي چڱي مڙس مير جعفرخان جمالي ڏانهن لکيل هوندي هئي ۽ مير صاحب ٻنهي ڌرين کي گهرائي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. منهن ۾ مڻيا به هئي ۽ اشرافت به هئي.پوءِ جڏهن انهي وقت جي ضلعي نواب شاهه (جنهن ۾ ضلعو نوشهروفيروز به شامل هوندو هو.)۾ آياسين ته ساڳيو ڪم چٺي تي اتان جا رڄ اشراف چڱامڙس ۽ اسان جي مهربان رئيس غلام مرتضيٰ خان جتوئي جا وڏا ڪندا هئا ۽ جهيڙو ٽاري ڇڏيندا هئا. باقي سنها ٿلها چور ڊڊي ۽ کاکڙيا تڏهن به پنهنجي ڪم سان لڳل هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو خون به ٿي پوندو هو.اهڙو ڪو وڏو ٻڙڌڪ ڪونه هوندو هو. پر هاڻي سنڌ تي نظرون ٿا ڦيريون ته پيرن هيٺان زمين نڪريو ٿي وڃي.ماڻهو نه مئو، ڄڻ ڪتو مُئو. ڏهه پندرهن خون هڪڙي ئي ڦوهاري ۾ چرن نه پيئن. اڳي ڪو ڪو، ڪارو ڪاري ڪري ماري ،هٿيار سوڌو پوليس جي اڳيان پيش پوندو هو ۽ ڦاهي کي چمي ڏئي پاڻ به انهي سان وڃي ملندو هو، جن کي ماريو هوندو هئائين. هاڻي ته اهڙي جٺ اچي متي آهي جو ڪارن ۽ ڪارين ڪو ڇيهه ئي ناهي. اڳي ڪهاڙي يا بندوق مان ڪڍندا هئا هاڻي ته چچلايو ٿا مارين سو به درجنن جي منهن. ڪُتا بڇائي پويان ٿا لڳائين،جيڪي ٻوٽي ٻوٽي ڪري مرد ۽ عورتن  کي ماريو ڇڏين. جوڙو ته ڇٽو پر مورڳو مرد جا مائٽ به ارڙي ۾ اچيو وڃن،تنهن کان علاوه مارڻ جو ٻيو طريقو وري اهو ڪڍيو اٿن ته جيئرين جاڳندين کي مارڻ لاءِ قبرون کوٽي انهن ۾ پوريو ڇڏين.بنيادي طور تي سنڌي ماڻهو Sadistناهي جيئن ٻيا آهن. پر هاڻي ته ساڳي طرح قبائلي جهيڙن جهٽن ۾ ڀري بازار ۾ مخالفن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو، نعرا هڻندا هليا وڃن،کين ڪو جهلڻ وارو ناهي. يا وري ڪنهن بس يا سوزوڪي کي ڀرئي روڊ تي روڪي مخالف ذات جي اهڙن ماڻهن کي به گاڏين مان ڪڍي گولين جو بک ٿا بڻائين جن جو مذڪوره قبائلي جهڙي سان واسطو به نه هوندو آهي. رڳو ذات يا قبيلي جي نالي ۾ گولين جو شڪار ٿا ٿين.هڪڙي ٻئي بلا به سنڌ ۾ اچي منهن ڪڍيو آهي ۽ اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ننڍڙا ٻار کڻي انهن سان زوري زنا ڪري، چيچلائي ماري ڪنهن پاسيري هنڌ تي ڦٽو ڪريو ڇڏين.سنڌين جو اهو وڙ ته ڪو نه هو، جيڪو پير هاڻي کنيو اٿن.الائي ڪهڙي اچي مار پئي آهي جو اهڙا اچي بڇڙا ٿيا آهيون. اهي ته ٿيا کلم کلا ڪارا ڪرتوت پر اندروئي اندر ڇاپيو وهي واپري ، ڪيترائي معصوم مرد ، عورتون ۽ ٻار شڪار ٿا ٿين اهو لڪل گند ته الائي ڪيترا ڀيرا وڌيڪ هوندو. هاڻي انهي ۾ ڪا شڪ جي گنجائش ناهي ته اسان جو معاشرو مڪمل طور تي انارڪي جي ٻوهي ۾ وڃي رهيو آهي. ظاهر آهي ته اهو هڪ مڪمل طور تي سماجي عمل آهي، جنهن جي اڳيان سياسي ليڊرشپ مجبور آهي. معاشرو سندن هٿن مان نڪتل آهي. نه ته ڪير چاهيندو ته سندس حڪومت دوران اهڙا ڪيس ٿين. قانون قانون ڪرڻ وارن کي اها خبر ناهي ته سماجي ڦيٽارو قانون کان به وڌيڪ سگهارو آهي،ڇاڪاڻ ته قانون به معاشري جو هڪ حصو آهي. پوليس به هن معاشري جو هڪ حصو آهي. اڳي به پوليس وارا ڪيترن ئي ڏوهن رشوت وٺندا هئا پر مجال آهي جو ڪو پوليس وارو خون يا زوري زنا تي پئسو وٺي.تڏهن ته اهڙي ڏوهاري کي ڪورٽ تائين پهچڻ ڪونه ڏيندا هئا ۽ اڳ ۾ ئي ڏوهاري کڙڪائي هن دنيا ڏانهن روانا ڪري ڇڏيندا هئا پر هاڻي پاڻ ويٺا خون ڪن ۽ زوري زنائون ڪن. اڳي ته طوائفن جي به اخلاقيات هوندي هئي ته محرم شريف ۾ پيشو ڪرڻو ناهي.ايئن ئي پوليس جي به اخلاقيات هوندي هئي. هاڻي ته هر قسم جي اخلاقيات موڪلائي چڪي آهي.سڄو معاشرو ڪپڙن مان ٻاهر نڪرندو ٿو وڃي.جيئن ڪنهن جسماني بيماري جو اصلي علاج خود بيماري کي ڊائگنوز ڪرڻ ۾ رکيل آهي،تيئن معاشرتي  بيماري جا ڪارڻ ڳولي نه لهبا ته علاج ناممڪن. ٺلهين اپيلن، ٽپيلن تقريرن، ۽ ههڙن مضمونن لکڻ ۽ قبائلي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ منٿ ميڙ وٺي وڃڻ مان ڪجهه نه ورندو،جيستائين اصل ڪيس جي تهه تائين نه پهچبو. تنهن ڪري اسان سڀني کي جيڪي سنڌ سان پيار ڪن ٿا انهن کي پهرين ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي،تنهن کان پوءِ وڃي هن معاشرتي بيماري کي پاڙان پٽي سگهبو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو