Home / افيئر / گيلاني، زنده سياسي شهيد
above article banner

گيلاني، زنده سياسي شهيد

ملتان، اڳوڻي وزير اعظم يوسف  رضاگيلاني ۽ سنڌ ۾ مريدن جو وڏو حلقو رکندڙ  مخدوم شاهه محمود قريشي جو اباڻو شهر. خيرپور ناٿن شاهه جي صحافي دوستن سان جڏهن ان شهر ۾ ڍاٻو ڪيوسين تڏهن سڀ کان پهرين سڀني

جي ذهن ۾ هڪ ئي سوال هو ته اڳوڻي وزيراعظم جي شهر ۾ ترقي ڪيتري ٿي آهي؟ پر ان وقت ملتان ۾ خود يوسف رضا گيلاني طرفان وزارت عظميٰ واري  دور ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي صدر زرداري خلاف سوئس اختيارين کي ڪرپشن ڪيس ۾ خط نه لکڻ جي ڪري سندس  نااهلي سبب  خالي ٿيل تڪ اين اي 151 تي ننڍين چونڊن جو چهچٽو هو. انهن چونڊن ۾ گيلاني جو پٽ اميدوار هو. ٻڌايو اهو پئي ويو ته سياسي جوڙ توڙ  جاري آهي ليڪن سوڀارو وري به گيلاني جو پٽ  ئي ٿيندو.جڏهن ان حوالي سان ملتان جي گهاگهه صحافين کان پڇيو ويو تڏهن انهن جي وراڻي ڪجهه هن ريت هئي ته : “ گيلاني کي دراصل سرائڪي صوبي ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آهي.صدر خلاف سوئس اختيارين کي خط نه لکڻ ضمني معاملو هو. اسٽيبلشمينٽ نه پئي چاهي  ته سرائڪي صوبو ٺهي ان ڪري يوسف رضاگيلاني کي هٽائي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا ويا. هڪ طرف صدر زرداري کي مشڪل ۾ وڌو ويوو ته ٻئي پاسي سرائڪي صوبي ٺهڻ واري معاملي کي پوئتي ڌڪيو ويو”

جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته ان وقت ملتان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ تي ننڍين چونڊن جو سياسي چهچٽو هو. سو ساڳي وقت اتي جي ساڃاهه وندن سان ڪچهرين مان اهو به پتو پيو ته سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي موسم به عروج تي هئي. مثال طور اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي جو ننڍو ڀاءُ مريد حسين قريشي تن ڏينهن ۾ عمران خان جي تحريڪ انصاف ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي چڪو هو. جنهن کي ملتان جا ماڻهو سياسي تبديلي قرار ڏئي رهيا هئا.مريد حسين قريشي 1993ع ۾ ايم پي اي رهي چڪو آهي. ليڪن چوڻ وارا چون ٿا ته تحريڪ انصاف ۾ رهندي هاڻ کيس ساڳي تڪ تي ٻيهر ٽڪيٽ ملڻ جي اميد نه هئي،ان ڪري  هن هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ ڏي موٽ کاڌي آهي. ملتان واسي مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڀاءُ جي ٻيهرپ پ ۾ شموليت تي ان راءِ جا هئا ته خود مخدوم شاهه محمود قريشي سڄي ملڪ ۾ سياسي ڳواڻن کي تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي پر سندس ڀاءُ به ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار نه آهي.

چوندا آهن ته انڌو گهري هڪ اک ۽ جي کيس ٻه ملن ته کيس ٻيو ڇاگهرجي؟ سو يوسف رضاگيلاني جي قسمت ڀلي چئجي جو مذڪوره اليڪشني معرڪي دورران مسلم ليگ ن اين اي 151تي پنهنجي اميد وار ملڪ محمد اسحاق بُچه کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،جنهن سبب هي همراهه به ڪاوڙجي وڃي پ پ جي ڪئمپ ۾ شامل ٿيو،جنهن کي هتان جا ماڻهو تمام وڏو سياسي ڇال قرار ڏئي رهيا هئا. سندن چواڻي بُچه ٽي ڀيرا مذڪوره تڪ تان ايم پي اي رهي چڪو آهي ۽ هن جو سياسي اثر رسوخ تمام گهڻو آهي. ان ڪري بُچه جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ گيلاني جي پٽ جي ڪاميابي يقيني ٿي وئي آهي،ڇوته اهي ووٽ به هاڻي گيلاني کي ئي پوندا. ٻئي طرف سياسي محاذ تي هڪٻئي جا سخت مخالف هجڻ باوجود ملتان سطح تي ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ملڪ سڪندر حيات بوسڻ جي ننڍي ڀاءُ جي حمايت جو اعلان ڪيو. ان جو سبب اهو پئي ٻڌايو ويو ته بوسڻ جو علائقي ۾ سٺو سياسي اثر رسوخ آهي، مسلم ليگ  (ن) ان بنياد تي سندن حمايت ڪئي آهي ته جيئن عام چونڊن ۾ ان کي پنهنجي پاسي آڻي سگهي.مسلم ليگ (ن) جي اها سياسي حڪمت ڪيتري قدر ڪيامياب رهندي ؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو. باقي اسان اتي جيڪو ڪنين ٻڌو، ۽ اکين سان ڏٺو تنهن موجب يوسف رضاگيلاني جي پٽ عبدالقادر گيلاني جي ڪاميابي يقيني هئي. هاڻ ته خير چونڊن جا نتيجا به اچي چڪا آهن جنهن ۾ قادر گيلاني  ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ ان پٺيان يقيني طور تبديل ٿيندڙ سياسي وفادارين جو وڏو رول آهي.

“ملتان اڳ ۾ ڀڙپانگ هوندوهو، جيڪا ترقي ڏسو ٿا. اها يوسف رضاگيلاني جي مرهون منت آهي، اڳ ۾ شهر اندر هڪ فلاءِ اوور برج هوندي هئي هاڻي پنج ست فلاءِ او ور آهن. ٽريفڪ جي رواني آهي. اهو سڀ ڪجهه گيلاني جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو” ملتان پريس ڪلب سان واڳيل هڪ سينيئر صحافي چوڌري اجمل ٻڌائي رهيو هو. اها حقيقت به آهي ته ملتان اڳ کان اڳرو نظر آيو، اڳ ۾ ان شهر جي حالت بنهه خراب هئي پر هاڻي روڊ رستا، فلاءِ اوور تعليمي ادارا ،صحت جون سهولتون  ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه بهتر هيو. حالانڪه اسان وٽ سنڌ ۾ صوبائي سطح جا جيڪي به چيف ايگزيڪيوٽو يعني وزير اعليٰ رهيا آهن.اهي به ڪرڻ  چاهين ها ته پنهنجي تڪن ۾ ترقي آڻي  پئي سگهيا پر انهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.جيئن خيرپور ناٿن شاهه مان لياقت جتوئي وزير اعليٰ  رهيو پر ناٿن شاهه،ميهڙ ۽ ڀرپاسي جي حالت اڄ به خراب آهي .نه سٺا روڊ رستا آهن، نه وري ڪي بهتر تعليم ۽ صحت  جون سهولتون – ايئن مرحوم عبدالله شاهه جي سيوهڻ  يا هاڻوڪي وڏي وزير قائم علي شاهه جو اباڻو شهر خيرپور هجي. جائزو وٺندا ته ڪل پيران دي خير وارو قصو لڳو پيو آهي.هتي اهو به ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته يوسف رضاگيلاني جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽو جي جاءِ تي وزارت عظميٰ ماڻي پر سندس لاءِ مشهور آهي ته هو پنجاب پرست آهي. ان ڪري هن پنهنجي دور ۾ لاڙڪاڻي بدران ملتان کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ سنڌ لاءِ ترقياتي فنڊ ڏيڻ ۾ ڪپت کان ڪم وٺندو هو.ان ڪري وزيراعظم لاهور جو هجي يا ملتان جو سنڌ لاءِ سندن سوچ ساڳي آهي.“ڳالهه نيت جي آهي، وزير اعليٰ ۽ وزيراعظم  جي عهدي جي نه آهي.اسان جي عوامي نمائندن جي ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه آهي ان ڪري اسان وٽ سنڌ ۾ ترقي نظر ئي نٿي اچي” صحافي دوست قربان ٻگهيو چئي رهيو هو.

جيتوڻيڪ سرائيڪي صوبي تي سياست ڪرڻ سبب يوسف رضاگيلاني کي هتان جا ماڻهو پنهنجو زنده سياسي شهيد ۽ هيرو سمجهڻ جي غلط فهمي ۾ مبتلا آهن. ليڪن پنجاب جا سياستدان پنهنجي جيئري ئي پاڻ کي خود رو نموني سورمو ڪيئن ٿا سمجهن ؟ان جي جهلڪ ڪجهه هن ريت ڏسڻ ۾ آئي: ملتان ۾ هڪ فلاءِ او ور برج جو نالو يوسف رضاگيلاني فلاءِ او ور آهي ۽ دل جي اسپتال وري چوڌري پرويز جي نالي منسوب آهي. عام طور ٿيندو ايئن آهي ته تاريخ جي امر ڪردارن ۽ سورمن جي نالي عمارتن ۽ روڊن جا نالا کين ڀيٽا ڏيڻ خاطر منسوب ڪياويندا آهن، پر هتي خود رو سورما پنهنجي جيئري ئي پاڻ  کي امر ڪرڻ چاهين ٿا شايد کين ڊپ  آهي ته مئي پڄاڻان ڪير سندن نالي جي تختي نه هڻندو!

ملتان جون گهٽيون لتاڙيندي هاڻي اسان جو پنڌ بزرگن جي مزارن ڏانهن آهي. پهرين بهاءُالدين ذڪريا جي درگاهه تي وياسين. اتان نڪرندي مونسان گڏوگڏ هلندڙ دوست بخت ٻرڙي نشاندهي ڪئي ته درگاهه  ڀرسان هڪ مسجد ۽ هڪ مندر به آهي، جيڪو ڊٺل حالت ۾ هو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڪجهه سال اڳ تائين ٻنهي ۾ گڏوگڏ عبادت ٿيندي هئي. مسجد ۾ آذان ته مندر ۾ گهنڊ پيا وڄندا هيا. صوفين وٽ سيڪيولر فڪر جو واهه جو سنگم نظر آيو. ليڪن ڪجهه سال اڳ جڏهن ڀارت ۾ بابري  مسجد وارو مامرو اٿيو ته ملتان ۾ رهندڙ اٽي ۾ لوڻ برابر بنياد پرستن پهريون نشانو ان مندر کي بڻايو ، اهوئي ڪارڻ آهي جو هاڻ ان مندر ۾ ڪوبه گهنڊ نٿو وڄي ۽ اهو هڪ کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.ڀرسان ئي شاهه رڪن الدين عالم جي مزار آهي، اندر داخل ٿيندي ئي منهنجو پراڻو سنگتي مصطفيٰ چنو دلچسپ منظر ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿو: “درگاهه اندر هڪ ٿلهي متاري پر خوبصورت اکين واري پوليس ڪانسٽيبل ڇوڪري هڪ نوجوان سان گڏ ماني به کائي رهي هئي ته ساڻس کل ڀوڳ ۾ به مصروف هئي” اهو  منظر ڏسڻ کان بعد ٿوري دير کانپوءِ جڏهن واپس ٿياسين ته ساڳي خوبصورت ڪانسٽيبل ڇوڪري گيٽ تي پهرو ڏئي رهي هئي. اندازو ٿيو ته زيارت بهاني محبوب سان ملي به آئي ۽ ٻاهرپوليس انچارج کي هوابه لڳڻ نه ڏنائين!

ملتان جي گرمي دادو ،جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي گرميءَ کي مات ڏيندڙ آهي. سج لوا نيزي پاند وارو ڏيک ڏئي رهيو هو.نذير ميراڻي ۽ اصغرشيخ جا شمس تبريز جي درگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيندي پير سڙن ٿا، ۽ کانئن دانهن نڪري وڃي ٿي، اَبول، هتي ته دادو کان به ڳالهه چڙهيل آهي. شمس تبريز مشهور بزرگ آهي. هتي اسان کي داخل ٿيندي ئي الم وغيره لڳل نظر آيا. ملتان جي اطلاعات کاتي سان لاڳاپيل آفيسر ٻڌايو ته هتي اڳ ۾ سنين جو اثررسوخ هو هاڻي گادي نشين شيعا آهن،ان ڪري  الم وغيره لڳل آهن ، پر هرو ڀرو ڪو ڦڏو فساد ڪو نه ٿئي، سڀ فرقا اچن ٿا ۽ دعا گهري هليا وڃن ٿا.

هاڻي اچون ٿا وري پنجاب جي ترقي واري پاسي.  هتي بجلي چوري جو بلڪل به تصور ڪونهي، ڪٿي به ڪو ڪنڊو لڳل نظر نه آيو. اها لڳ ڳالهه آهي ته پنجاب ٻين صوبن خاص طرح سنڌ جي وسيلن کي ڏاڪڻ بڻائي ڦرلٽ ڪري ترقي جا ڏاڪا چڙهيا آهن، جنهن جو مظهر سندن موٽروي، شاندار روڊ رستا، تعليمي ادارا ۽ صحت جون سهولتون پڻ آهن. ساڳي وقت اها ڳالهه به ڳڻپ جوڳي آهي ته هتان جا عوامي نمائندا سئو سيڪڙو ڪرپشن ڪري مال هڙپ نٿا ڪري وڃن. بلڪه عملي طرح ڪم به ڪرائين ٿا،جڏهن ته اسان وٽ ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ٿئي ٿو.اهڙي ڪرپشن اسان جي عوامي نمائندن لاءِ ڍڪڻ ڍُڪ ۾ ٻڏي مرڻ جو مقام هجڻ گهرجي پر اهي ڪرپشن کانپوءِ به ڪنڌ اوچو ڪري جيئن ٿا.مثال طور سنڌ واسين جو خواب آهي ته گورک هل اسٽِيشن ڪوهه مري بڻجي ، هتان جا ماڻهو توڙي سياح هتي اچن، هڪڙي پڪنڪ پوائنٽ ٺهي جنهن لاءِ هيلتائين ڪروڙين روپيا بجيٽ آئي  ۽ استعمال به ٿي وئي،پر هڪڙو به روڊ اهڙو ناهي ٺهيو، جنهن کي ڪوهه مري سان برميچي سگهجي-ٻي ترقي ۽ سهولتون ته پوءِ جي ڳالهه آهي!

بهر حال سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته هتي پ پ کانسواءِ ڪوبه سياسي متبادل ڪونهي ، پ پ سڄي سنڌ کي پنهنجي کيسي ۾ سمجهي ٿي. ان ڪارڻ اها سنڌ ۾ ان سطح جي ترقي لاءِ تيار ناهي، جنهن سطح جي اها پنجاب ۾ ڪري ٿي.ڇو ته اتي ٻياسياسي متبادل به موجود آهن.صحتمند مقابلو آهي. پ پ سامهون ن ليگ آهي، رحريڪ انصاف آهي .ق ليگ به ميدان ۾ آهي، اهي سڀ سياسي بازيگر پارلياماني محاذ تي آهي. جيستائين سنڌ ۾ به اهڙو ڪو سياسي متبادل نه جڙندو هتي خاطر خواهه ترقي هڪ خواب ئي رهندي.فف

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو