Home / افيئر / آغا وقار جي واٽرڪٽ : حقيقت يا هٿ جي صفائي
above article banner

آغا وقار جي واٽرڪٽ : حقيقت يا هٿ جي صفائي

 

گذريل هڪ مهيني کان وٺي پهرين سنڌ سطح تي ۽ بعد ۾ ملڪي سطح تي خيرپور جي ڪاليج مان ڊپلوما جي ڊگري رکندڙ ۽ موٽر مڪينڪ آغا وقار پٺاڻ طرفان پاڻيءَ تي ڪار هلائڻ جو چرچو پرنٽ توڙياليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڇانيل رهيو آهي. آغا وقار جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ڪار کي پاڻي (منرل) تي هلائي سگهجي ٿو ۽ هن اهڙي  قدم جو مظاهرو ملڪي سياسدانن، سائنسدانن توڙي عام ماڻهن جي اڳيان ڪري به ڏيکاريو. آغا وقار جو چوڻ آهي ته ڪار کي هلائڻلاءِ مڪمل طور تي توانائي پاڻي مان ئي حاصل ٿيندي ۽ تيل کان سواءِ چارج بهٿيندي رهندي. آغا وقار جي اهڙي ڪارنامي تي سنڌ ۾ سندس حمايت ۾ مظاهرا ۽ ريليون پڻ ڪڍيون ويون ۽ مطالبو ڪيو ويو ته کيس فنڊنگ ڪئي وڃي ته جيئن هو اهڙين پاڻيءَ تي هلندڙ ڪٽس جو ڪارخانو لڳائي ته جيئن هن ملڪ ۾ تيل جهڙي انتهائي مهانگي وکر مان جان به ڇٽي پئي. آغا وقار اهو به چيو ته هو نه صرفڪار پر هوائي جهاز ۽ ريل جي انجڻ کي به هلائي سگهي ٿو. هن جي انهيءَ دعويٰ۽ اسلام آباد ۾ ڪيل علمي مظاهري کي بجلي۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي ستايلن ۽مهانگو پيٽرول خريد ڪندڙ ڪروڙين ماڻهن کي موهي وڌو.

 

ايستائين جو اسان جي وزيرن توڙي، سياستدانن ۽ سائنسدانن به ميڊيا جي رپورٽنگ ڪرڻ جي ڪري آغا وقار جي حيثيت هڪ هيري جهڙي ٿي وئي، خيرپور پهچڻ تي سندس اجرڪن، هارن ۽ تحفن سان استقبال ڪري مبارڪونڏنيون ويون ۽ دعوتون پڻ ڪيون ويون.

آغا وقار جنهن جو آئيڊيل ڊاڪٽر عبدالقدير آهي هن جي انهيءَ پاڻي تي هلندڙ ڪار تي ملڪ جي نامور سائنس ۽ خصوصن فزڪس جي علم جي ماهرن پرويز هود ڀائي، ڊاڪٽر عطاالرحمٰن ۽ پروفيسر ملاڻي دليلن سان انهي نام نهاد ايجاد جي فوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. آغا وقار جي ان ايجاد ۾ ڪيتري حقيقت ۽ سچائي آهي، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسين آغا وقار جي واٽرڪٽ ۽ سائنسي اصولن کي سمجهون، سائنسي نقطه نظر کان سندس دعويٰ First Law of Thermondynamics جي بلڪل ابتڙ آهي، هن قائدي موجب توانائي کي نه ته پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان کي ختم ڪري سگهي ٿو. دراصل اغا وقار جي تجربي مطابق سندس گاڏي جي بيٽري مان ئي واٽرڪٽ کي برقي توانائي ڏئي اچي ٿو، ۽ واٽرڪٽ ۾ موجود پاڻي ۾Electrolysis يعني “ برقي وهڪ گذارڻ جو عمل” ٿئي ٿو ۽ ان سان پاڻيءَ جي ماليڪيول (H 20) ۾ موجوده آڪسيجن ۽ هائڊروجن کي الڳڪري ( H H O) يعني برائون گيس م تبديل ڪري گاڏي جي انجڻ منتقلڪيو وڃي ٿو، جنهن سان گاڏي هلڻ شروع ڪري ٿي ۽ ان مان گاڏي ۾موجود جنريٽر يا متبادل ڪرنٽ سان بيٽري کي به چارج ڪيو وڃيٿو ۽ انهيءَ سڄي عمل کي شروع ڪرڻ لاءِ گاڏي جي بيٽري جي توانائي جي ضرورت پوري ٿي، ۽ ٿرموڊائنامڪس جي پهرين اصول مطابق، ڪنهن به عمل جي نتيجي ۾ صرف اوتري ئي توانائي حاصل ڪري سگهون ٿا، جيتري توانائي عمل شروع ڪرڻ لاءِ گهربل هجي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن به عمل کي شروع ڪرڻ لاءِ 100 سيڪڙو توانائي استعمال ڪيو ٿا ته ان جي نتيجي ۾ Out put حاصلات يا پيداوار پنجاهه کان سٺ سيڪڙو توانائي ٿيندي ۽ آغا وقار جي ايجاد ۾ به توانائي بيٽري مان ئي حاصل ڪئي وڃي ٿي. معنيٰ آغا وقار جي استعمال ڪيل پاڻي کي برائون گيس ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو،۽ توانائي بيٽريءَ واري سگهه مان حاصل ڪئي وڃي ٿي،۽ بيٽري جي خرچ جي لاڳت تيل ۽گيس کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ آهي. اچو ته ڏسون ته هن کان پهرين دنيا ۾اهڙي قسم جي دعويٰ ڪندڙن سان ڪهڙو حشر ٿيو.

1980ع ۾ آمريڪي شهري اسٽينلي ميئر پاڻي تي ڪار هلائڻ جي دعويٰ ڪئي پر هو پنهنجي انهيءَ دعويٰ کي صحيح ثابت نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي ان جي ايجاد جي ڪنهن آزاد اداري تصديق ڪئي. ان جي نتيجي ۾ آمريڪي رياست اوهايو جي هڪ ڪورٽ اسٽينلي ميئر کي ڪوڙ ۽ دوکي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 25 هزار ڊالرن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

2002 ۾ هائڊروجن ٽيڪنالوجي ايپليڪيشن نامي ڪمپني ڊينسڪلين پڻ پاڻي مان هلندڙ ڪار جي دعويٰ ڪئي ۽ پاڻيءَ مان تيار ڪيل انهيءَ فيول جو نالو “ايقواجن” تجويز ڪيو. ڪمپنيءَ اها به دعويٰ ڪئي ته آمريڪي حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته جيئن سندس ايجاد کي وسيع پيماني تي وڌايو وڃي پر آمريڪي حڪومت ان جي ترديد ڪئي ۽ ايئن مسٽر ڊينس ڪلين جي دعويٰ غلط ثابت ٿي.

2002 ۾ جينسس ورلڊ انرجي ڪمپني پاڻيءَ مان هلندڙ انجڻ جيٽيڪنالاجيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ مختلف ٽينڊر ڪمپنين کان ٽينڊر به طلبڪيا، تقريبن اڍائي ملين ڊالر گڏ ڪيا پر ڪمپني ڪڏهن به انهي دعويٰ کي حقيقت جو روپ نه ڏئي سگهي ۽ نيو جرسي آمريڪا جي هڪ عدالت ڪمپنيءَ جي مالڪپيٽرڪ ڪيلي کي قيد ۽ چار ملين ڊالرن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

2008 ۾ جاپان جي هڪ ڪمپني جتي انرجي سسٽم پڻ ڪجهه اهڙي ئي قسم جي دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ اهڙي ڪار جو وجود ممڪن آهي، جيڪا صرف هوا ۽پاڻي تي پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪندي اها دعويٰ انهيءَ ڪمپني طرفان پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪئي وئي ۽ اهو به چيو ويو ته اها ڪار هاڻي هڪڪيميائي عمل جي ذريعي هلائي سگهجي ٿي. بعد ۾ ڪمپنيءَ جيڪا ڪار پيشڪئي اها انڊيا جي تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ڪار هئي.

سري لنڪا سان تعلق رکندڙ هڪ شخص تهشارا پريا مل سنگي 2008 ۾ به دعويٰ ڪئي ته هن ٽي ليٽر پاڻي استعمال ڪري 300 سو ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئي ڪيو آهي. ايستائين جو تهشارا پنهنجي ايجاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان وقت جي وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪئي پر هو به ٻين جيان پنهنجي ايجاد کي عملي شڪل نه ڏئي سگهيو ۽ بعد ۾ هن کي هڪ عدالتي ڪاروائي ذريعي سزا ڪاٽڻي پئي.

فلپائن سان تعلق رکندڙ هڪ ٻئي شخص ڊينيل ڊنگل 1989 کان اهڙي دعويٰڪندو رهيو ۽ هن بعد 2000 ۾ تائيوان جي هڪ هائيڊ ڪاربان توانائي جي هڪفرم فاموسا پلاسٽڪ گروپ سان هڪ معاهدو به ڪيو پر 2008 ۾ ڊينل ڊنگل کيڪوڙ ۽ دوکي ڏيڻ جي الزام ۾ ويهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

پاڪستان جي شهر سرائي عالمگير ضلعي جهلم جي رهاڪو ۽ اصل ۾ عطائيڊاڪٽر غلام سرور پڻ 2011ع ۾ سائنس ۾ آميزش ڪندي صرف هڪ پيالي پاڻيءَ مان هڪ هزار ڪلوميٽرن تائين ڪار هلائڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اهڙي غيرسائنسي ايجاد جي حوالي سان مقامي ۽ ملڪي سطح تي وڏي شهريت ماڻي. بلڪه هڪاخبار امت هن ايجاد کي وڌيڪ هٿي نه ڏيڻ تي حڪومت پاڪستان جي مذمتڪئي، سرڪاري ۽ بين القوامي ادارن تي به هن پيالي پاڻيءَ مان هلندڙ ڪار واري ايجاد کي هٿي نه ڏيڻ تي خوب ملامت ڪئي.

هاڻي جڏهن آغا وقار به اهڙي آٽوموبائل ايجاد جيڪا مڪمل طور پاڻي تي هلائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن جي پاڪستان ڪونسل آف سائنٽفڪ اينڊانڊسٽريل ريسرچ جي چيئرمين شوڪت پرويز ۽ ٿرڪول پروجيڪٽ تي ڪمڪندڙ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جنهن ٿر جي ڪوئلي مان ڪمرشل بنيادن تي گيس جي پيداوار جهڙي مهانگي (ذري گهٽ ناممڪن) جي دعويٰ ڪري ٽائيم ضايعڪندڙ به ان ايجاد  جي حمايت ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي باني سائنسدان عبدالقدير ته هن ايجاد جي حمايت نه ڪندڙ ٻين سائنسدانن کي سائنسدان مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سائنسي ايجادن جي باري ۾ مجموعي طور تي اسان جا رويا هميشه دلچسپ ۽ عجيب پي رهندا آيا آهن. جيڪي سائنسي ايجادون ڪندڙ قومن کان اسان کي وڌيڪ بهتر۽ ممتاز ظاهر ڪنديون آهن. جن سائنسي ايجاد کي صرف مشاهدي جي بنياد تي اجتماعي ڏاڍائي ٿيندي رهي آهي ۽ اهڙن خيالن کي نه رڳو ساراهيو ويندو آهي پر اسان جا چوٽيءَ جا سائنسدان ته بغض معاويه ۾ به اهڙين دعوائن جي حقيقي هئڻجي دعوائن جا سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن ڊاڪٽر قدير جنهن کي اسلامي رياست نه بنجڻ جو غم کائي رهيو آهي..

حيرت انگيز طور تي اڄ به هڪ مخصوص فڪر رکندڙ طبقو آهي جيڪو مذهبي علم کانسواءِ هر علم جو منڪر آهي ۽ ٻئي علم حاصل ڪرڻ کي غير اسلامي قرارڏئي ٿو.

ڇا اهڙين سوچن هوندي سائنسي علم وڌي ۽ ويجهي سگهي ٿو. علم ڪنهن جي به ميراث نه آهي. مسلمانن جي عروج جي دور ۾ جيڪو سائنس ۽ حڪمت جي علم کي حاصل ٿيو ان ۾ مذهب کان وڌيڪ ان ۾ سائنسي فڪر ۽ اندازهو. جيڪو اسان جي مدرسن ۽ درسگاهن ۾ پڙهايو ويو. ان جي روشنيءَ ۾ ابن رشد جهڙن فلسفين قرطبه جي درسگاهن ۾ يهودي شاگردن ۾ علم ڦهلايو ۽ کين پڙهايو. ايستائين جو خدا جي وجود تي به عقلي بحث مباحثو ٿيندو رهيو هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ابن رشد جهڙا فلسفي ۽ سائنسدان به شريعت جي اصولن جا شڪار ٿيا ۽ نه صرف انهن جي سمورين نسخن کي ساڙيو ويو پر سڀني شاگردن کي زوري ڀڄايو پڻ ويو هو.انهن شاگردن ابن رِشد ۽ سندس علم ۽ فلسفي تي اهو احسان ڪندا ويا جو جو ان جون تصنيفون پنهنجي جبن ۾ لڪائي يورپ کڻي ويا جتي انهن جا ترجما تمام گهڻو مشهور ٿيا.

سائنس جي ايجا د ڪو به عقيدو يا ڪو الهام نه هوندو آهي، پر اها انسان ذات جي گڏيل ميراث هوندي آهي، ته ئي ان ايجاد کي ڪنهن نسلي ۽ مخصوس حوالي سان تهڏسڻ گهرجي، جيئن آغاوقار جي تجربي کي به سنڌي هجڻ جي حوالي سان پيش پيڪيو ويو ۽ موبائيل ميسجن ذريعي اها ڳالهه عام ڪئي وئي ته آغا وقار جي “ واٽرڪٽ” تي هلندڙ ڪار کي اردو ميڊيا نظرانداز ڪري رهي آهي  پر وري جڏهن اردو چينلز تي هن جي ڪار هلائڻ توڙي سندس تفصيلي انٽرويو هلايا ويا ته ان “واٽرڪٽ” تي سائنسدانن جو موقف به اچڻ شروع ٿي ويو ۽ آغا وقار جي ڪيل تجربي جي حقيقت ۽ مستقبل بابت به ٺوس ۽ عقلي  دليل سامهون اچڻ شروع ٿي ويا.

۽ ثابت ٿي ويو ته صرف آغا وقار جي سنڌي هئڻ واري جذباتي رپورٽنگ ۽ رويوٺيڪ نه هيو، ڇو ته ڪنهن ايجاد کي ثابت ڪرڻ لاءِ جذبات جي نه پر سائنس کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.ڇو ته سائنس کي مفروضن ۽ جذباتي جملن، ٻٽاڪن ۽غير عقلي دليلن سان ثابت نٿو ڪري سگهجي ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته آغا وقار جي ايجاد اسان نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو پر پوري دنيا ۾يل ۽گيس جو استعمال گهٽ ٿي ويندو. افسوس جو اهڙيون خبرون به لڳاتار شايعٿينديون رهيون ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آغا کي ڪروڙين ۽ اربين روپين جون آڇون ڪيو ن آهن. ته هو سندن ملڪ ۾ اچي اهڙي ايجاد تي ڪم ڪري، پر آهستي آهستي اهي ڪيل آڇون اچڻ نه رڳو بند ٿي ويون پر سندس دعويٰمشڪوڪ بڻجي وئي ۽ آغا وقار کي ايئن چوڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ته هاڻي منهنجي مدد سنڌي ڪندا ته جيئن آءُ واٽرڪٽ تي گاڏيون هلائي ڏيکاريندس،تنهنڪري اسا جي سائنسدانن توڙي سياسي ماڻهن ۽ عام ماڻهن کي به تڪڙ ۽ جذبات نه پر شين کي سائنسي انداز ۾ سوچڻ ۽ پرکڻ کپي، ايئن نه ٿئي ته حقيقت ظاهرٿيڻ تي قوم وڌيڪ مايوسيءَ جو شڪار ٿي وڃي.

ishaksoomro@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو