Home / افيئر / اسپين، بدترين معاشي بحران جو شڪار
above article banner

اسپين، بدترين معاشي بحران جو شڪار

اسپين پنهنجي دور جي اهڙي بدترين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، جنهن جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. ان حوالي سان عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته اسپين لڳاتار معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ملڪ لاءِ معاشي بهتري جا امڪان بنهه گهٽ آهن.هسپانوي معيشت بابت مالياتي رپورٽ ۾ ميڊرڊ طرفان مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي پر ساڳي وقت سڌارن جي ضرورت آهي ته معيشت ۾ وڌيڪ سڌارن جي ضروت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قرضن ۾ ڪٽوتي ۽ مالياتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جا قدم نهايت اهميت رکندڙ  هئا. انگن اکرن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اسپين ۾ بيروزگاري بلندي تي آهي، هن وقت 57 لک هسپانوي شهري بيروزگار آهن ۽ بيروزگاري جي شرح 25 سيڪڙو کي اچي پهتي آهي، بيرزگاري جي اها شرح ملڪ ۾ 1970ع کانپوءِ بلندترين آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو