Home / ڪرنٽ افيئر / اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون غلطيون ايندڙ عام چوندون تڪراري بڻجي سگهن ٿيون
above article banner

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون غلطيون ايندڙ عام چوندون تڪراري بڻجي سگهن ٿيون

 

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو خيال آهي ته اها ايندڙ عام چونڊن لاءِ سئو سيڪڙو تيار آهي، سرڪار ڊسمبر يا جنوري ڌاري عام چونڊون ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي. وچ ۾ ٽي مهينا گهٽ ۾ گهٽ نگران سرڪار  کي گهرجن- اڃا تائين نگران سرڪار جو ڪو اعلان ڪونه ٿيو آهي. منظور وساڻ جي خواب مطابق ته اپريل ۾ عام چونڊون ٿينديون پر وفاقي سرڪار جا ذميوار ان کان اڳ اليڪشن جا اشارا ڏئي رهيا آهن- پيپلز پارٽي اندر هڪ خيال اهو به آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي بعد 27 هين ڊسمبر جو ڏهاڙو اليڪشني جلسن جو هو، ڇو ته محترمه اليڪشن جلسي دوران شهيد ٿي هئي،.اهڙي تجويز ڏيندڙ جو خيال آهي ته هلندڙ سال 27 هين ڊسمبر تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ ئي  جلسو ڪرڻ گهرجي. بهرحال هي سڀ ڳالهيون اڃا اڳواڻن جي دماغن تائين آهن. ڪنهن فيصلي تائين نه پهتون آهن. البته سرڪاري پارٽي کي ووٽر لسٽن پولنگ اسٽيشنن ۽ تڪ بندين تي اعتراض اڃا تائين برقرار آهن.جنهن جو مطلب آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم اڃا تائين مڪمل ناهي- پولنگ اسٽيشن ۾ تبديلين تي پير پاڳاري کي شديد اعتراض آهن-منهنجو خيال آهي ته مسلم ليگ فنڪشنل جلد سرڪاري اتحاد مان الڳ ٿيڻ تي ويچاري رهي آهي پرسگهاريون ڌريون اڃا تائين کين سرڪار ۾ رهڻ جي صلاح ڏين پيون  “خيرپور ضلعي ۾ پولنگ اسٽيشنون وڏي وزير جي صلاح سان ئي تبديل ٿيون هونديون، ڊپٽي ڪمشنرن کي اهڙو ڪو اختيارئي ڪوهي ته هو پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪن” اهي لفظ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ امتياز سيخ جا آهن.جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اهم اڳواڻ چون ٿا ته پولنگ اسٽيشنن ۾  تبديلي سميت ڪيترن ئي مامرن تي سنڌ سرڪار کي خود اعتراض آهن، اهي اليڪشن ڪميشن جون غلطيون آهن. خيرپور ضلعي ۾ هن ڀيري پيرپاڳارو شايد وڌيڪ سيٽون چاهي ٿو. پير صغبت الله شاهه پيرپاڳاري جو وڏو پٽ راشد شاهه پڻ هن ڀيري خيرپور مان صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هوندو.راشد شاهه ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف ۾ هليو ويو هو پر وڏي پير پاڳاري جي لاڏاڻي کان پوءِ جڏهن پير صبغت الله شاهه پير پاڳارو بڻيو ته هن پنهنجي وڏي پٽ راشد شاهه کي فنڪشنل ليگ جو صوبائي عهديدار بڻايو.ظاهر آهي ته خيرپور ۾ جيلاني هائوس ۽ وساڻ هائوس پنهنجون پنهنجون سيٽون به ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا.خيرپور کان علاوه سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ به پولنگ اسٽيشنون تبديل ٿيون آهن. پير پاڳاري جي اها شڪايت وزير اعظم الڳ صدر ۽ اليڪسن ڪميشن تائين پهچي چڪيون آهن.هاڻي ته مجيب پيرزادي جي اڳواڻي ۾ پير پاڳاري قانوني ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي آهي جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ سوچي رهي آهي. اهو ته هڪ پهلو آهي پر سڄي سنڌ ۾ پولنگ  اسٽيشنون تبديل ٿيون آهن. خبر ناهي ته ڪنهن کي فائدو ڏيارڻ لاءِ نه رڳو پولنگ اسٽيشنو پر تڪ بندين ۾ به تبديليون ٿيون آهن. ان جو سڀ کان وڏو اثر ڪراچي ، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپور خاص تي پيو آهي.هنن تڪ بندين تي ايم ڪيو  ايم نه پر پيپلز پارٽي کي اعتراض آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته تڪ بنديون ڪنهن جي فائدي ۾ ٿيون هونديون.

ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ پيپلز پارٽي جا ڪيترا اڳواڻ اها شڪايت  ڪندي ملن ٿا ته ڪٿي گڏاپ جا ووٽ سورجاڻي ٽائون ۾ آهن ته ڪٿي بن قاسم جا ووٽ  ملير ٽائون ۾ هليا ويا آهن.ان حساب سان لکين ماڻهن جي ووٽن جي تڪن ۾ ڦير ڦار ٿيل آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌين جا ووٽ وري سندن اباڻن ڳوٺن ڏانهن بنا پڇا ڪرڻ جي بدلي ڪيا ويا آهن.تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽ بدلي ڪيا ويا . سنڌي ووٽ شهرن مان بدلي ڪري ٻهراڙين ڏانهن اماڻيا ويا. ڪراچي ۾ افغاني، بنگالي، برمي نه ووٽ ڏئي سگهندا،ڇو ته سندن سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪو مستقل پتو لکيل ڪونهي پر ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جا ظاهر آهي وڏڙا اندروني سنڌ جا آهن- سندن مستقل پتو مورو، ميهڙ، دادو، لاڪاڻو يا ڪشمور ئي لکيل هوندو. اهي ماڻهو جن 2008 جي عام چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ووٽ ڏنا پر هاڻي انهن کي 2013 جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ  جوهي ۽ واهي پانڌي موڪلڻ جو فيصلو ٿيو آهي. جنهن سان ظاهر آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌين جا ووٽ ضايع ٿيندا، جيڪي اصولي طور پيپلز پارٽي يا سنڌي اميدوارن جا ئي ووٽ ٺهندا-تازو پيپلز پارٽي جي ٿنڪ ٽئنڪ جي اهم اڳواڻ ۽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ان ڏس ۾ هڪ خط لکيو آهي- تاج حيدر پنهنجي خط ۾ غائب ووٽن، ووٽرلسٽن ۾ نالا نه هجڻ ، تڪ بندين ۽ پولنگ اسٽيشنن ۾ تبديلين بابت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جو خيال آهي ته اليڪشن ڪميشن لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن کي صاف ۽  شفاف بڻائڻ لاءِ اهي غلطيون درست ڪيون وڃن. تاج حيدر مشيني ووٽن جي پڻ صلاح ڏني آهي- هن لکيو ته اليڪٽرانڪ ووٽ جو جديد سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڌانڌلي جي گهٽ گنجائش آهي ۽ ڪمپيوٽر ذريعي ووٽ ورتو وڃي، ان جو طريقو اهو هوندو ته نادرا جي سسٽم ذريعي ووٽ ورتو وڃي. تاج حيدر لکيو آهي ته جن ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ آهن ۽ سندن ووٽ داخل ناهن ته انهن جا ووٽ داخل ڪيا وڃن- ان کانسواءِ ووٽر لسٽن ۽ اليڪشن ڪميشن جي تيارين ۾ ٻيون به کوڙ پيچيدگيون آهن.

اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اهي پيچيدگيون ختم ڪيون ويون ۽ ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو نه ٿيو ته ايندڙ عام چونڊن تي اعتراض اٿي سگهن ٿا، جيڪي چونڊن کي تڪراري بڻائي سگهن ٿا- ايندڙ عام چونڊون هڪ اهڙي سرڪار ڪرائيندي جيڪا پنهنجو مدو مڪمل ڪري ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺندي.حڪمران اتحادي سندس مخالف جا هونئن ئي گهڻا الزام آهن- اليڪشن کان اڳ ڌانڌلين جا الزام ٿا لڳن. اهڙي ماحول ۾ جسٽس رٽائرڊ فخرالدين جي سربراهي جي ذميواري وڌي وڃي ٿي ته هو ايندڙ عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ووٽر لسٽن، تڪ بندين ،پولنگ اسٽيشنن غيرقانوني داخل ووٽ، سنڌين جي ووٽرن جي “ بدلي”جهڙي مامرن تي جلد کان جلد ڪو مڪمل حل ڳولهي وٺي. ساڳي ريت سياسي ڌرين کي پڻ گهرجي ته هو هنن مامرن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ايندڙ عام چونڊون تڪراري نه بڻجي سگهن.

aajizjali:jamali@yahoo . com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو