Home / ڪرنٽ افيئر / امن ڪميٽي جي پ پ ۾ واپسي ڪهڙن شرطن تي
above article banner

امن ڪميٽي جي پ پ ۾ واپسي ڪهڙن شرطن تي

هتي هرشي غير متوقع آهي.سياست کان وٺي موسمون به غير متوقع آهن.ماڻهو جا رويا، سوچ ، واعدا ۽ اردا به  غير متوقع آهن. جيڪو ٿيڻ گهرجي اهو ناهيٿيندو ۽ جيڪو ٿيندو آهي اهو انتهائي غير متوقع هوندو آهي ۽ اهڙن معاشرن ۾ ڪا به مثبت سوچ ڪڏهن به جنم ناهي وٺي سگهندي.ڪي به ارادا ڀروسي جوڳا نه رهندا آهن ۽ اهڙين غير متوقع عملن ۽ سوچن جي پٺيان صرف محدود مفاد ئي هوندا آهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙن معاشرن ۾ضمير ويڪائو مال جيان هوندو آهي. 27 اپريل 2012 کانپوءِ لياري بلوچ آباديي وارن علائقن يا جتي به پيپلز امن ڪميٽي جو اثررسوخ آهي، اتي مون پيپلز پارٽي لاءِ سخت نفرت ڏٺي، ٻُڌي ۽ محسوس ڪئي. اهڙو منظر جو واپسي جو هر در بند. ڪيترائي جوان مارجي ويا ته ڪيترن جي سرن جون قيمتون به لڳي ويون. پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن تي ڄڻ لياري وڃڻ تي پابندي مڙهيل- ڪي جيالا ته سرعام گولين جو کاڄ بڻايا ويا ته ڪن پنهنجيون سرگرميون ئي ٺپ ڪريڇڏيون.سڀ چون ته پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لياري ۾ هاڻبجا تير” تي مست ٿيندڙماڻهو وري نه ڏسبا. ڪجهه ته اهو به تجزيو ڪندي ٻڌاويا ته هاڻ صدر آصف زرداري به جي وڃي ته به معاملو ٺاپر نه ٿيندو، پر هتي به هرشي غير متوقع آهي. ايم اين اي قادر پٽيل ئي سڀ معاملا ڳالهين سان آسان بڻائي ڇڏيا، جيڪي طاقت جي فارمولي سان نٿي نبريا !

فيصل عابدي جي وڃڻ سان لياري ريسروس سينٽر جي چيئرمين حبيب حسن کي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو نائب صدر بڻايو ويو. هي اهو ئي حبيب حسن آهي جنهن امن ڪميٽي جي چيف عزير بلوچ کي مقامي چونڊن ۾ سنگولين مان ناظم جي سيٽ تي شڪست ڏني هئي. ان وقت عزير بلوچ جو پيپلز پارٽي سان پري جو به تعلق نه هو. امن ڪميٽي جي حبيب حسن روپ ۾ پيپلز پارٽي ۾ اها پهرين انٽري هئي واپسي جي. انهي دوران لياري جون حالتون ڪافي حد تائين پرسڪون به رهيون ۽ هن وقت تائين نظر پڻ ايئن ئي ٿيون اچن.لياري ۾ ووٽ ۽ طاقت جي حساب سان ڪڇي ۽ بلوچ ٻه ڌريون آهن، جيڪي ظاهر طرح پاڻ ۾ تڪراري  آهن، جڏهن ته ڏنڊي جو زور بلوچن جو وڌيڪ آهي.ايئن ناهي ته سمورن  بلوچن سان ڪڇي نٿا ٺهن يا سڀئي ڪڇي بلوچن لاءِ خراب آهن،جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ايئن ٿو اچي ته سڀ بلوچ هڪ طرف آهن ۽ سڀ ڪڇي هڪ طرف پر در حقيقت ايئن ناهي. ڪافي حد تائن ڪڇي پاڻ ۾ منظم آهن. جڏهن ته بلوچن ۾ ڪافي ڌڙا موجود آهن، مگر طاقتور ترين ڌڙو هن وقت عزير بلوچ جو آهي. هن ڌر جا ڪڇين سان اختلاف وڌڻ جا ڪافي سبب آهن.جڏهن ته بقول ڪڇين جي 150 کان وڌيڪرجسٽرڊ جماعتن جي پليٽ فارم ڪڇي رابطا ڪائونسل جي ته هنن جو بلوچ قوم سان اختلاف نه آهي پر گينگ وار سان تعلق رکندڙ ڏوهي ماڻهن سان آهي. انهن جو چاهي امن ڪميٽي جي سرپرستي ۾ هجن يا غفار ذڪري يا ارشد پپو يا ڪنهنٻي گنيگ سان تعلق هجي.

هنن ٻنهي ڌرين جو بنيادي طور تعلق پيپلز پارٽي سان آهي. شروع کان وٺي امنڪميٽي ڪڇين کي طاقت جي لحاظ کان کنگهي به ڪانه- ۽ انهي ۾ ڪو وڌاءُ به ناهي ته سرپرستي ، پيسي، هٿيار ۽ افرادي قوت جي لحاظ کان امن ڪميٽي ڪافي سگهاري آهي، هو شهر ۾ متحده جي ٽڪر جي طاقت آهي.

2009ع کان ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جو ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي، ڪافي علائقا هنن لاءِ “نوگو ايريا” تصور ڪياوڃن ٿا. ٻنهي جي ڇڪتاڻواري صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ڪو مثبت ڪردار ادا ناهي ڪيو،جنهن ڪري معاملا شدت اختيار ڪندا رهيا، جنهن جو پارٽي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. جوڪابه ڌر صدر زرداري کان سواءِ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ڏسبي.جتي متحده جي ساڙ سبب لياري کي نقصان ٿيو آهي اتي ئي پيپلز پارٽي جي بي ڌياني به هتي جي عوام جو معاشي، تعليمي ۽ سياسي قتل عام ڪيو آهي. ڪڇين جي حوالي سان ڪراچي ۾ هڪ تاثر عام رهيو آهي ته هو متحده جي بي يا سي پارٽي آهي ۽متحده ڪڇين مٿان هٿ رکڻ لاءِ هنن کي ڪافي آڇون به ڪندي رهي آهي، جڏهن ته امن ڪميٽي کي ٿوري عرصي ۾ زمين کان آسمان تائين پهچائڻ ۾ انهن ئي قوتن جا هٿ نظر اچن ٿا، جن مهاجر / متحده قومي موومنٽ کي نوڙي مان نانگٺاهڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو.

اپريل آپريشن ۽ 22 مئي تي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ کان پوءِ لياري جي سياسي صورتحال غير معمولي طور تبديل ٿيندي رهي. ڳجهه ڳوهه ۾ ٻنهي ڌرين خاصڪري امن ڪميٽي جي بزرگ ڪميٽي سان رسمي ۽ غير رسمي ملاقاتونٿينديون رهيون ۽ اهي رپورٽس صدر زرداري سان شيئر ٿينديون رهيون.جڏهن معاملا مثبت رُخ اختيار ڪري چڪا ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ وزير اعليٰ هائوس۾ فريال ٽالپر، قائم علي شاهه، قادر پٽيل، سعيد غني، سينيٽر يوسف بلوچ، نجمي عالم ۽ ٻين جي موجودگي ۾ ٻنهي ڌرين جي ٻه ڊزن کن نمائندن سان ڇهه ڪلاڪجي لڳ ڀڳ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ويون.

انهي ملاقات ۾ ڪڇين کي نوڪرين سان گڏوگڏ سندن علائقن ۾ ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪرائڻ جي خاطري به ڪرائي وئي ته ٻي طرف ايندڙ عام چونڊن ۾ هنن جي نماندگي جي به ڪنهن حد تائين خاطري ڪرائي وئي آهي. اهڙو ئي لولي پاپ اڳذوالفقار مرزا به هنن کي ڏئي چڪو آهي. جيتوڻيڪ قادر پٽيل ۽ ڊاڪٽر سليم هڱورو ڪڇي آهن پر ايندڙ چونڊن ۾ ڪاخاص شخصيت ڪڇين جي نمائندگيڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته شايد ا يندڙ صوبائي حڪومت جو وڏو وزير لياري جو ئي هوندو. هن جي شخصيت انتهائي قداور آهي،جنهن تي شايد ئيڪنهن کي اعتراض ٿئي ۽ جيڪڏهن اها اڳڪٿي صحيح ثابت ٿئي ٿي ته ايندڙصوبائي حڪومت جو وڏو وزير صرف هڪ هوندو! ڪڇين کي رام ڪرڻ سولوآهي، پرامن ڪميٽي جو معاملو انتهائي سنگين آهي. آڪٽوبر2011ع ۾ حڪومت اُن تي پابندي مڙهي ڇڏي ،جنهن کان پوءِ اها ڪڏهن فرينڊز آف لياري ته ڪڏهن وري ڪراچي سٽي الائنس جي صورت ۾ منظرتيڀرپور انداز ۾ رهي آهي ۽ متحده جهڙي طاقت سان اکيون اکين ۾ ملائي مڙسي سان مهاڏو اٽڪايو اٿس.امن ڪميٽي جي پيپلز پارٽي ۾ واپسي متحده کي آساني سان هضم نه ٿيندي، جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن ۾ متحده ۽ پيپلز پارٽي جا وري اختلاف ٿيا ته انهي جو اڻسڌي طرح سبب امن ڪميٽي هوندو،جنهن جو اشارو الطاف حسين جي 8 آگسٽ واري سنڌي قوم پرستن کي پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت جي سامهون ڌمڪي آهي پر متحده کي رام ڪرڻ انٽرمنتر صدر زرداري کي خوب اچن، سو اهو به ڪو وڏو معاملو شايد نه ٿئي. لياري جي واپسي ۽ بلوچ قوم جي همدردي واپس وٺڻ لاءِ صدر زرداري ٻه چار فون يا هڪ چڪر لنڊن جو لڳائي سگهي ٿو.

پر جيڪي معاملا امن ڪميٽي طرفان حڪومت يا پيپلز پارٽي جي قيادت جي سامهون رکيا ويا آهن اهي پهرين قانوني ۽ پوءِ سياسي آهن. امن ڪميٽي جي کوڙماڻهن تي سرن جي قيمت لڳل آهي ۽ لياري جي مختلف ٿاڻن تي انتهائي سنگينڏوهن ۾ به گهربل آهن.اهي ڪيس صرف حڪومت جي طرفان ناهن داخل ڪيا ويا بلڪه انفرادي طور تي به اهي مختلف ماڻهن جا ڏوهي آهن. حڪومت جيڪڏهن  هنن مٿان اهڙي قسم جا سنگين ڏوهه ختم ڪرڻ جو اعلان ٿي ڪري يا امنڪميٽي کي اهي  يقين ٿي ڏياري ته اهو ڪو سٺنو سوڻ ناهي. وزير اعليٰهائوس ۾ ٿيل ڳالهين کان صرف پنج ڏينهن پوءِ ڪراچي جي هڪ ڪورٽ مان عزير بلوچ ۽ بابا لاڏلاجا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ به نڪري چڪا آهن. امنڪميٽي تان پابندي هٽائي سگهجي ٿي پر بابا لاڏلا جهڙن ڏوهارين تان ڪيس ختم ڪرڻ يا سر جي قيمت ختم ڪرڻ ايترو آسان ناهي . ذريعن موجب امن ڪميٽي کي عزير بلوچ ۽ ظفر بلوچ جي معاملن تي ڪافي لچڪ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته بابا ۽ سندس ٻين ساٿين جي معاملي کي ڪجهه عرصي بعد حل ڪرڻ جو ڪچو آسرو ڏنو ويو آهي،جيڪا ڳالهه عزير ۽ ظفر کي ته قبول ٿي وئي آهي پر بابا کي نه.ظاهري طرح ته امن ڪميٽي جو ڪرتا ڌرتا عزير بلوچ ٿو نظر اچي پر حقيقت۾ واڳ رحمان ڊڪيت کان پوءِ بابا وٽ آهي ۽ بابا کي حڪومت جي ڪنهن بهڳالهه تي ڀروسو ناهي ڇو ته هن کي رحمان ڊڪيت سان ٿيل ويساهه گهاتي وسري ناهي. خبرون اهي به آهن ته امن ڪميٽي سان هلندڙ ڳالهين کان پوءِ اندروني طور امن ڪميٽي ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري چڪا آهن ۽ بابا پنهنجي ويجهي ساٿين جي معرفت ارشد پپو، رئوف ناظم ۽ اڪرم بلوچ سان ڳالهيونڪري معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ لياري ۾ وري صورتحال انتهائي خراب ٿي سگهي ٿي.

فريال ٽالپر طرفان امن ڪميٽي جي ٽيم کي اهو به يقين ڏياريو ويو آهي ته ايندڙچونڊن ۾ اميدوار توهان جو هوندو. ڪافي ڪجهه طئي ٿي چڪو آهي ۽ امنڪميٽي جا واڳ ڌڻي به اهو نٿا چاهين ته لياري پيپلز پارٽي کان کسجي يا جُداٿئي. ڇو ته بندوق ته هلائڻي ئي آهي ته انهي لاءِ ڪلهو ضروري آهي ۽ پيپلز پارٽي ته هميشه اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ان جي تاريخ شهادتن سان ڀري پئي آهي… سياسي پارٽين کي طاقت جو حربو آخري آپشن طور استعمال ڪرڻگهرجي، پر هن مُلڪ جي اها وڏي بدقسمتي چئبي ته ان جا سياسي اڳواڻ طاقت کي سڀ کان اڳ ۽ ڳالهين کي سڀ کان بعد ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ غير متوقع فيصلا ڪرڻا پوندا آهن جنهن ڪري غير متوقع حالتون جنم وٺنديون آهن… هي صرف لياري جو معاملو ناهي بلڪه هي ڪراچي جي ايندڙ نسلن جو فيصلو آهي، جنهن جو اثر نه صرف سڄي سنڌ بلڪه پوري ملڪ تي پوندو. ان تي گهڻو نه پرٿورو ضرور سوچيو….

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو