Home / افيئر / بدين ۾ نوڪرين جي نيلام منڊي
above article banner

بدين ۾ نوڪرين جي نيلام منڊي

2 آگسٽ 2012 تي بدين جي تعليم يافته بيروزگار نوجوانن علي احمد ميمڻ، امير ملاح، غلام علي هڱورو ۽ ٻين ايوان صحافت بدين ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي مڪاني ادارن جي کاتي طرفان لکين روپيا رشوت وٺي بدين ضلعي جي 46 يونين ڪائونسلن مان 12 يوسيز جا جيڪي سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا آهن، انهن مان گهڻن جو تعلق سنڌ جيٻين ضلعن ،شڪارپور، گهوٽڪي، سکر، نوشهروفيروز وغيره سان آهي. هنن چيو ته اهي نوڪريون لکين رپيا رشوت وٺي وڪرو ڪيون ويون آهن، جنهن ۾مڪاني ادارن جو هڪ سيڪشن آفيسر سرڪاري ڪامورو ملوث آهي.بدين جي بيروزگار نوجوان اهڙي ظلم تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بدين ضلعي جي نوڪرين ۾ پهريون حق بدين جي مقامي نوجوانن جو آهي. راشي سرڪاري ڪامورا لکين رپيا رشوت وٺي بدين جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. هنن اهڙي حق تلفي خلاف بدين مان چونڊيل پ پ جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪرڊاڪٽر فهميده مرزاکي دانهن پڻ ڏني پر اڄ ڏينهن تائين ان جو ڪو به تدارڪٿي نه سگهيو آهي، ۽ بدين ضلعي جون نوڪريون ڌڙا ڌڙ پيسن تي وڪرو ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ٻين ضلعن جا سرندي وارا بيروزگار نوجوان لکين رپيا رشوتڏئي اهي نوڪريون خريد ڪري رهيا آهن.بدين ضلعي ۾ سرڪاري نوڪرين جو وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي، اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي .

رڳو مڪاني ادران ۾ نه پر اٽڪل سڀني کاتن ۾ پهرين ۽ ٻي گريڊ کان وٺي 14 -15 گريڊ جون سرڪاري نوڪرين جي ٻه ٽي لکن کان وٺي 14-15 لکن تائين وڪري جون بدين ۾ شڪايتون عام آهن. پريس ڪانفرنس ڪندڙ بدين جي بيروزگار نوجوانن يوسي سيڪريٽري جي خالي جاين تي ٻين ضلعن جي ماڻهن جي ڳري رشوت عيوض مقرين جو سڌو الزام مڪاني ادارن جي هڪ سرڪاريڪاموري تي مڙهيوآهي. لازمي آهي. مڪاني ادارن کانسواءِ سوشل ويلفيئر کاتي سميت بدين جي ٻين سرڪاري ادارن ۾ پڻ لکين رپيا رشوت وٺي ٻين ضلعن جا ماڻهو مقرر ڪيا پيا وڃن، جنهن خلاف بدين جا بيروزگار نوجوان سخت احتجاجڪري رهيا آهن پر چونڊيل عوامي نمائندا ۽ سنڌ حڪومت بي حسي جو مظاهروڪندي بدين جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن، جنهن ڪري بدين جي ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي ۽ بدين جا بيروزگار نوجوان سخت ڪاوڙيل آهن. بدين ضلعي جون واڳون هن وقت مرزا خاندان جي حوالي آهن، جن جي حڪم کانسواءِ هن وقت بدين ۾ ڪک پن به چري نٿو سگهي. گذريل سال اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پڳ مٽ يار صدر آصف علي زرداري ۾ ڪن معاملن تي سخت اختلاف پيدا ٿيا هئا،جنهن جي نتيجي ۾ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اوچتو پنهنجي گهرو کاتي واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي سنڌجي تختگاهه ڪراچي تي قابض هڪ لساني تنظيم خلاف مٿي تي قرآن پاڪ رکي گجگوڙ ڪري ميدان تي لٿو، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ٽن وزير کي پڻ هن سِڱن تي کنيو، جنهن ڪري سنڌ حڪومت سان پڻ هن جا شديد اختلاف ٿي پيا، ايتري ۾ گولاڙ چي جي تڪ تان چونڊيل پ پ جي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو ۽ماتلي جي تڪ تان چونڊيل پ پ جي ايم پي اي مير بابو اڳوڻي گهرو وزير منظور وساڻ جي حمايت ۾ گولاڙچي شهر ۾ جڏهن هڪ جلوس ڪڍي جلسو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي هٿيار بند حمايتي ماڻهن انهن تي حملوڪري ڏنو. جهيڙو ٿيڻ ڪري اهو جلوس ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ اهي گولاڙچي شهر۾ جلسو به ڪري نه سگهيا.ان واقعي بعد سنڌ حڪومت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف بدين ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري پ پ بدين سٽي جي صدر ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽ پ پ ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري ڪمال خان چانگ سميتڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ماڻهن کي پ پ جي عهدن تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڪجهه مهينن تائين ٽي ايم اي بدين سميت پنجن ئي تعلقن جون بجيٽون سيل ڪيون ويون، پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ماڻهن انهن سڻڀن ادارن تان پنهنجا قبضا خالي نه ڪيا. ايتري ۾ گذريل سال بدين ضلعو جڏهن مها ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو،تڏهنڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي جي مزڪوره لساني ڌر جي لنڊن ۾ ويٺل پير خلاف دهشتگردي جي الزامن جي ثبوتن جون صندوقون ڀري لنڊن ڏانهن روانوٿيو. بعد ۾ سندس گهرواري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا ۽ ٻياٽياڪڙي ڪرائڻ وارا به لنڊن روانا ٿيا. جتي لنڊن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان حڪومت جو ڪو اهڙو ڳجهو ٺاهه ٿي ويو جو مرزا جي چپن تي ڪو اهڙو چُنو لڳي ويو  جو هو اڃا تائين خاموش آهي. لياري واري آپريشن تي به هن چپ نه کوليا. خاموشي جي اها مهر اڃا تائين ڊاڪٽر مرزا تي بدستور لڳل آهي ۽ اهو مور جهر واري پنهنجي محل ۾ گمنامي ۽ گوشه نشيني واري حياتي گهاري رهيو هو ته اوچتو کيس ڊينگي بخار ٿي پيو ۽ ان جي علاج لاءِ هو تازو آمريڪا ڏانهن روانوٿي ويو . هو ڏانهن لنڊن ٺاهه بعد مرزا جا پ پ جي عهدن تان هٽايل ماڻهو اوچتو ٻيهر بحال ٿي ويا ۽ ضلعي بدين جون واڳون ٻيهر مرزا خاندان جي حواليڪيون ويون. مرزا جا رکرايل ضلعي انتظاميا  سميت سڀني سڻڀن کاتن جا آفيسر موٽي آيا. سندس پٽ حسنين مرزا پ پ جي ٽڪيٽ تي ٽنڊي باگي جو ايم پي ايٿي ويو. مرزا جو سياسي حريف سيد پپو شاهه، اليڪشن ۾ شڪست کائڻ بعد مسلم ليگ (ق) کي خيرباد چئي وڃي پير صاحب پاڳاري جي فنڪشنل مسلم ليگ ۾پناهه ورتي آهي.

ڊاڪٽر مرزا جو بدين ۾ رکايل من پسند ڊي پي او فدا حسين  مستوئي جيڪو گذريل سال جي جهيڙي دوران بدلي ٿي لاڙ جي ٻئي تاريخي ضلعي ٺٽي تائين پهتو هو. چند مهينا اڳ هن وري اچي واڳون  سنڀالي ورتيون آهن. اهڙي طرح بدين  نه فقط گذريل ساڍن چئن سالن کان مرزا خاندان جي حوالي آهن پر 1993ع ۾ بدين ضلعي جي سياست ۾قدم رکندڙ مرزا خاندان پيپلز پارٽي جي ٽئين دور حڪومت ۾ 1993ع کان 1997ع تائين بدين تي راڄ ڪيو. 1990ع کان 1993ع تائين نواز شريف ۽ ڄام صادق علي جي وڏوزارت واري دور ۾ ضلعو اسماعيل راهو جي حوالي ٿيو. وري  آمر جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ 2002ع کان 2007ع تائين بدين ضلعي جون واڳون سيد پپو شاهه جي حوالي هيون. ان کان اڳ پ پ جي ٻئي دور حڪومت ۾ 1988کان 1990ع تائين ۽ ان کان به اڳ آمر جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا راڄ ۾ بدين جو هي ضلعو ماتلي جي هاليپوٽه خاندان خاص طور تي وڏيري بشير هاليپوٽي جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ضلعي ڪائونسل بدين جي چيئرمين هئڻ سان گڏ بدين جي هن ساڳي ڊاڪٽر مرزا واري تڪ تي ايم اين اي پڻرهيو.مار شل لا حڪومت جي هن خدمتگار وڏيري بشير هاليپوٽي کي پيپلز پارٽيٻه ڀيرا ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني. هن صاحب لاءِ مشهور آهي ته  هن ڪڏهن به قومي اسيمبلي ۾ هڪ اکر به نه ڳالهايو،ٻئي ڀيرا اسيمبلي ۾ هن جيڪو خاموش رهڻ جو روزو رکيو ان کي آخر تائين نه ٽوڙيائين. 1993ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بدين جي سياست ۾ داخل ٿيڻ بعد بدين جي عوام ۾ اها اميد پيدا ٿي هئي ته هاڻ بدين ضلعي جا ڀاڳ کلي پوندا. اهو تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال ملڪ جو امير ترين ضلعو خوب ترقي ڪندو. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آصف علي زرداري جو پڳ مٽ يار آهي. واقعي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز پارٽي جي ٽيئن دور حڪومت ۾ 1993ع کان 1997ع تائين ڪجهه ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن۾ هنڪجهه نوان روڊ پڻ ٺهرايا، پر هن گذريل ساڍن چئن سالن ۾ بدين ضلعو ترقيڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ تباهه ۽ ٿي ويو آهي. ايل بي او ڊي جي خوني راڪاس مان بدين جي جان نه ڇٽي، 2003ع ۾ هي ضلعو سامونڊي پاڻي ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويو. ان وقت بدين ضلعي تي سيد پپو شاهه جوراڄ هو. رليف جي ڪمن جو نگران پڻ اهو ئي هو ۽ 2011ع جي مهاٻوڏ ۾ بدين ضلعو وري هڪ ڀيرو ساڳي ان ايل بي او ڊي جي آفت وگهي ٻڏي تباهه ٿي ويو. هن ڀيري هن ضلعي جون واڳون مرزا خاندان جي هٿ ۾ هيون. هنن به نه فقط مها ٻوڏ کان بچاءُ جا اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا، پر رليف جي ڪمن جو نگران پڻ اهو ئي مرزا خاندان هو. بدين جي 18 لک ٻوڏ متاثرن جي جيڪا واهر ٿي ان لاءِ ميڊيا جو رڪارڊ شاهد آهي ۽بدين جا لکين ٻوڏ متاثرين پڻ موجود آهن، جيڪي اڃا تائين جيئرا آهن، باقي جيڪي مرهيات ان آفت ۾ موت جو شڪار ٿي ويا انهن جي يتيم ٿي ويل سوين مسڪين وارثن کي حڪومت طرفان اعلانيل معاوضي جا امدادي چيڪ گذريل هڪسال جي عرصي ۾ اڃا تائين ملي نه سگهيا آهن. ياد رهي ته بدين ضلعي کي پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو سمجهيو وڃي ٿو.1970ع کان لاڳيتو گذريل 42 ورهين کان بدين جا ماڻهو پيپلز پارٽي کي ئي پنهنجا قيمتي ووٽ هر اليڪشن ۾ ڏيندا رهيا آهن. 1970ع کان هيل تائين اٽڪل پنجن اليڪشنن ۾ سيد پپو شاهه فقط هڪ ڀيروٽنڊي باگي واري سيٽ تان 2002ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار کان اليڪشن کٽي ايم پي اي ٿيو.باقي سڀني چونڊن ۾ هو پيپلز پارٽي جي اميدوارن کان شڪستون کائيندو رهيو. گذريل ڊگهي عرصي کان بدين تي راڄ ڪندڙحڪمرانن جا فقط تختگاهه، ڦلڪارا، راهوڪي، وهڻائي شريف ۽ مور جهر بدلجندا رهيا آهن. باقي بدين جي لکين ماڻهن جي حالت اڄ ڏينهن تائين نه بدلي آهي. اهي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ مورڳو تباهه ٿي ويا. بدين تي حڪمراني ڪندڙ مٿين قابل ذڪر سياسي خاندانن بدين مان بک بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرائڻ ۽ٻين کي ترقي ڏياري خوشحالي آڻڻ لاءِ جيڪي اڻٿڪ محنتون ۽ خدمتون ڪيون جن مان ڪن همراهن بدين کي پئرس بڻائڻ جا سرعام اعلان پڻ ڪيا، پر هن وقت بدين جي جيڪا حالت زار آهي ان جي معاشي ۽ سماجي ۽ ماحولياتي تباهي جا هولنالڪ منظر اکين سان ڏسي سگهجن ٿا. بک بيروزگاري، بدحالي ۽ بيمارين کان تنگ ٿي بدين جا ماڻهو پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشيون ڪري رهيا آهن.

ڪجهه مهينا اڳ پ پ جي جيالي نوجوان عبدالرزاق انصاري جنهن بک ۽بيروزگاري کان تنگ ٿي ايوان صحافت بدين جي اڳيان سرعام پاڻ کي باهه ڏني هئي. جيڪو علاج نه ٿيڻ ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ تڙپي ترپي فوت ٿي ويو.بدين ضلعي جا تباهه ٿيل پڪا روڊ ڏسڻا هجن ته بدين کان علي بندر واياڪڍڻ جي مين روڊ تي گاڏي ۾ سفر ڪري ڏسو.واضح رهي ته هي روڊ قومي اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جو پنهنجو ئي روڊ آهي، جنهن روڊ تي سندن مرزا شگر مل ۽ مارڏ ملير وارو زرعي فارم  آهي. هن روڊ تان مهيني ۾ڪيترائي ڀيرا سندن گذر پڻ ٿئي ٿو. ضلعي جي ٻين روڊن کي ڇڏي فقط بدين شهر جائي روڊ ڪو ماڻهو اچي پنهنجي اکين سان ڏسي، جن شهر جي روڊن تان سفرڪندي مسافرن ۽ شهرين کي آنڊا وات ۾ اچيو وڃن.جتي ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارو شهر ئي اهڙو کنڊر بڻيل هجي اتي ضلعي جي ٻين ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جيڪهڙي حالت هوندي اتي وري ڪهڙي ترقي ٿي هوندي، تيل، گئس ۽ بجلي جي پيدا وار ۾ سڄي ملڪ جو هي امير ترين ضلعو حڪومت ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي بي ڌياني جي ڪري اٽڪل ڇهه سال اڳ جي هڪ سروي موجب بدين ضلعو غربت ۾سڄي ملڪ کي ملهه ماري اول نمبر تي اچي ويو هو، جنهن ۾ غربت جي مجموعي شرح 88 سيڪڙو هئي ۽ دوزخ جهڙي حياتي گذارڻ تي مجبور هئا. اهو بدين جو غريب ضلعو وري گذريل سال جي مها خوني ٻوڏ بعد ڪٿي پهتل هوندو ؟ اهڙي لاوارث بڻجي ويل ضلعي جون چند نوڪريون پڻ حڪمران ٻين ضلعن جي ماڻهن کي پيسن تي وڪڻي ڏئي رهيا آهن.!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو