Home / ڪور افيئر / ترقيءَ کان وانجهيل سنڌ جون ٻهراڙيون
above article banner

ترقيءَ کان وانجهيل سنڌ جون ٻهراڙيون

عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۽ پوءِ روڊ وسيلي سفر ڪندي سکر، لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ،نوشهروفيروز، دادو، بدين ۽ ٺٽو گهمڻ جو موقعو مليو.لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ انهن شهرن مان منهنجو گذر ٿيو، انهن شهرن ۾ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ دوستن ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳوٺن ۾ ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو. ڪجهه ڏينهن جو اهو سفر سنڌ جي صورتحال کي سمجهڻ ۽ ٻين صوبن جي اهم شهرن سان انهن جي ڀيٽ ڪرڻ جي حوالي سان نهايت لاڀائتو هيو.

سنڌ جي انهن ضلعي هيڊ ڪواٽرن جو انفرا اسٽرڪچر ۽ سموري صورتحال ڏسي محسوس ٿيو ته عوامي حڪومت جي پنجن سالن دوران سنڌ جي ترقي سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي. لاڙڪاڻو جيڪو شهيد ڀٽي ۽ بينظير جو شهر آهي، اتي  اربين رپين جي پيڪيج جي باوجود شهر جي رستن ۽ ضلعي جي مکيه شهرن کي ڳنڍيندڙ رستي جو حال انتهائي خراب آهي.شهدادڪوٽ ۽ قمبر جون گهٽيون ڏسي بنهه يقين نه ٿي آيو ته اهي ضلعن جا هيڊڪوارٽر آهن. شهدادڪوٽ ۽ قمبر کي لاڙڪاڻي سان ڳنڍيندڙ روڊ کي پٽي پٿر وڇايو ويو آهي ۽ ذاتي توڙي پبلڪ ٽارنسپورٽ مهينن کان لنڪ روڊ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي. لاڙڪاڻي شهر اندر اڪثر رستن بابت ٻڌايو ويو ته اهي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٺاهڻ جي باوجود انتهائي بري حالت ۾ آهن. سرڪار ۾ ويٺل مقامي وزيرن ۽ ميمبرن جي ويجهن کي ٺيڪا مليل هجڻ سبب پڇاڻو معاف آهي. مقامي دوستن جو خيال هو ته اڌ ڪلاڪ جي برسات پئي ته شهر نڪرڻ جهڙو نه رهندو. ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال اها هئي جو سج لهڻ کان پوءِ ضلعي جي مختلف شهرن کي ڳنڍيندڙ روڊن تي ڪير به سفر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.ساڳيو ئي حال باقي ضلعي هيڊڪوارٽرن جو به هو.سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب جا ضلعي هيڊڪواٽر تمام گهڻي بهتر حالت ۾ آهن.

ڏکڻ پنجاب جا سرائيڪي بيلٽ وارا ضلعي هيڊ ڪوارٽر به سنڌ جي شهرن کان گهڻو بهتر آهن. يوسف رضاگيلاني گذريل چئن سالن دوران ملتان جي انفرااسٽرڪچر کي تمام گهڻو بهتر بڻايو آهي ۽ لاڙڪاڻو ان جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڏهاڪا پٺتي پيل آهي. اڳي ته اها دانهن هوندي هئي ته سنڌ کي وفاق وٽان پيسا نه ٿا ملن پر گذريل اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ دعويٰ ڪئي وئي ته سنڌ کي ڪيئي ارب رپيا وڌيڪ مليا آهن. اهي سڀ اربين رپيا ڪٿي خرچ ڪيا ويا آهن ؟ هرطرف ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقرباپروري جا قصا عام آهن. سنڌ جا شهر توڙي ٻهراڙيون عملي طور کنڊر بڻيل آهن. پنجاب مان داخل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اندر نيشنل هاءِ وي جوحال ساڳيو خراب آهي. اغوا ۽ رهزني جا واقعا اڳ جيان عام آهن. ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اعلانيل صنعتي ايريا جو پري پري تائين پتو ناهي . ٻن سالن جي ٻوڏن سبب ٻهراڙين جي معيشت برباد ٿي چڪي آهي. حڪومت روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ بجاءِ نوجوانن کي شارٽ ڪٽ وسيلي رشوت عيوض سرڪاري نوڪريون ڏيڻ واري روش تي قائم آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ٻهراڙين ۾ زرعي بنيادن واري ننڍي ۽ وچولي صنعت کي هٿي ڏئي ها ته ٻهراڙين جا نوجوان نه رڳو باعزت روزگار حاصل ڪري سگهن ها پر ساڳي وقت ٻهراڙين مان وڏيرڪو سماجي نظام به ڪمزور ٿئي ها. ظاهر آهي ته حڪومت اندر ويٺل وڏيرڪو طبقو ڪڏهن به ٻهراڙين ۾ اهڙي سيڙپڪاري  ڪرڻ نه ڏيندو جنهن سان سنڌ اندر پاڻڀرو وچولو طبقو پيدا ٿئي. سنڌ جون ٻهراڙيون سندن غلامي مان آجيون ٿي سگهن،ان ڏس ۾ بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام نهايت لاڀائتو پروگرام هئو پر ان کي به سفارشين کي وظيفا ڏيڻ واري رٿا ۾ تبديل ڪري ان جي فائدن کان به حقدار نوجوانن کي محروم ڪيو ويو. ٻهراڙين ۾ ترقياتي رٿائن، نوڪرين ۽ ٿاڻن کي روايتي طريقي سان وزيرن ۽ وڏيرن جي حوالي ڪري نوجوانن کي وڏيرن جو محتاج بڻائي سماج اندر ميرٽ جي تصور کي مڪمل نيڪالي ڏني وئي آهي.

پيپلز پارٽي کي جيئن ته اها خبر آهي ته سنڌين وٽ اليڪشن جي حوالي سان اڃا ڪو سگهارو متبادل ناهي، تنهن ڪري سنڌين ڏانهن سندن رويو بنهه غيرذميواراڻو آهي. اتحادين کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪ ڏهن صوبي اندر ٻه نظام متعارف ڪرايا وڃن ٿا، ڪڏهن صوبو ورهائيندڙ قوتن کي کلي ڇوٽ ڏني وڃي ٿي ته ڪڏهن بينظير جا قاتل قرار ڏنل همراهه اهم عهدن تي اچي وڃن ٿا.سنڌ جون ٻهراڙيون ان سڄي پسمنظر ۾ ماٽيلي ماءُ واري ورتاءَ جو شڪارآهن. ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي حڪومتن دوران ٻهراڙين ۾ گهربل سطح جي ترقي نه ٿي سگهڻ جو ڪارڻ اهو ڄاڻايو ويندو هو ته حڪومت کي پنهنجو مدو پورو نه ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، هن ڀيري ته اهو دليل به ڪارگر ناهي رهيو. پنجن سالن دوران ترقياتي رٿائن جي نالي تي ٻهراڙين ۾ اربين رپين جون جيڪي رٿائون منظور ڪيون ويو، انهن جا نتيجا نظر ڇو نه ٿا اچن. هر ضلعو ڪجهه خاص ماڻهن جي حوالي ٿيل آهي، جيڪي ان ضلعي اندر پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. نوڪرين توڙي ٺيڪن ۽ بدلين جا سمورا اختيار انهن ماڻهن وٽ آهن. سنڌ جي ترقي لاءِ نه ڪوئي ماسٽر پلان آهي نه ڪا ترقياتي رٿابندي، بس ڇڙوڇڙ رٿائن پٺيان پارٽي جي مقامي بااثر همراهن کي خوش ڪرڻ جو هڪ سلسلو آهي، جنهن مان سنڌ جي عوام کي ڊگهي مدي وارو ڪو به لاڀ پلئه نه پوندو.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو