Home / افيئر / ترڪي: فوج جي ڪاروبار جي ڇنڊڇاڻ شروع
above article banner

ترڪي: فوج جي ڪاروبار جي ڇنڊڇاڻ شروع

ترڪي ۾ جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ   پارٽي (A K P ) حڪومت فوج جي ڪاروباري مفادن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڏني آهي. واضح رهي ته  ترڪ فوج جو هميشه سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. ان سان گڏ فوج جا واپاري مفاد پڻ قومي معيشت سان سلهاڙيل هئا. ان هوندي به وزير اعظم رجب طيب فوج جيڪا اڳ ۾ اڇي ڪاري مالڪ هئي ان کي ڪڍي بيرڪن ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. اي ڪي پي جي ترجمان حسين عليڪ اعلان ڪيو آهي ته پارليامينٽ هٿياربند فوج جي امداد ۽ پينشن فنڊ“OYAK” جي وجود ۽ سرگرمين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي.

ترڪي ۾ توهان کي چاڪليٽ خريد ڪرڻو هجي، انشورس ڪرائڻي هجي، ڪو گهر يا ڪارخريد ڪرڻي هجي ڪنهن نه ڪنهن ريت ان ۾“OYAK ” جو عمل دخل ضرور هوندو. ترڪي ۾ سياست ۽ فوجي مامرن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو ادارو ان دور جي باقيات آهي جڏهن ملڪ تي فوج جو قبضو هو. 2009 جي سالياني رپورٽ موجب ان اداري ۾ 30 هزار ماڻهو ملازم آهن ۽ ان جي سرمائي جي ماليت 15 ارب ڊالرز کان وڌيڪ آهي جيڪو ڪار مينوفيڪچرنگ سميت 60 ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري طور ڪتب آندو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو