Home / افيئر / تعليم کاتو: 1 کرب روپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ به ڀينگ
above article banner

تعليم کاتو: 1 کرب روپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ به ڀينگ

ملڪ ۾ نيون چونڊون ويجهو ايندي ئي سنڌ حڪومت عوامي رابطه مهم هلائڻ کان پهرين اخباري اشتهارن ذريعي صوبي جي سڀني کاتن جي ڪارڪردگي رپورٽ عوام آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جنهن ذريعي صوبي جي عوام کي پ پ جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي متعلق آگاهه ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ 9 جولاءِ 2012 وارين سنڌي اخبارن ۾ سنڌ حڪومت جي مڙني وزارتن پاران اخبارن جي 4 ڪلر پيج تي پنهنجون پنهنجون الڳ الڳ ڪارڪردگي رپورٽون شايع ڪيون ويون. اهڙن کاتن ۾ روينيو کاتو، ثقافت کاتو، فشريز کاتي، سميت صحت کاتو، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي کاتو، صحت ۽ تجارت وارو کاتو، خوراڪ، بلديات،ڳوٺاڻي ترقي، لائيو اسٽاڪ، ڪچيون آباديون، ليبر،سياحت،تعليم ۽ ٻيا مڙئي کاتا شامل آهن، جن انگن اکرن ذريعي سنڌ جي عوام جي بي انتها خدمت ڪرڻ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ذڪر ڪيل مڙني ادارن جي اشتهارن کي پڙهڻ بعد پتو پوي ٿوته اهڙن اشتهارن ذريعي رڳو ڪاغذي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته اشتهار ۾ رڳو انگ اکر آهن.جڏهن ته انهن انگن اکرن کي جڏهن ميدان تي عملي طور پرکجي ٿو ته ڪارڪردگي واري خاني ۾ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. اڪثر اشتهارن ۾ رڳو اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت ڪيڏي وڏي رقم خرچ ڪري عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايڏي وڏي رقم خرچ ڪري ان ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ان رقم جو Out Come بنهه مايوس ڪندڙ آهي.

ان ڪري هتي پاڻ سڀني کاتن جي ڪٿيل رقم ۽ ان جي ڪارڪردگي تي نظر وجهڻ بجاءِ سنڌ جي سڀ کان اهم ۽ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪندڙ کاتي “تعليم کاتي” تي نظر وجهنداسين ته کاتي ۾ جيڪا رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان جو ڪهڙو Impact آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ايتري بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود ان ۾ بهتري ڪيتري آئي آهي.

پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته هن وقت سنڌ جو تعليم کاتو بنهه خراب حالت ۾ آهي.تعليم کاتي ۾ سڀ کان تباهه حال، حالت پرائمري تعليم جي آهي، جتي لڳ ڀڳ اڌ لک اسڪول آهن، جيڪي معياري تعليم ڏيڻ کا قاصر آهن. ٻئي طرف تعليم کاتي پاران اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪئي پئي وڃي، جيڪا رقم ڪي به مثبت نتيجا نه پئي ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي ۾ بنيادي مسئلن کي Assess ئي نه ٿو ڪيو وڃي، تنهن ڪري سڄي بجيٽ اعليٰ ڪامورن کان ويندي هيٺين سطح تائين ورهائي کاڌي پئي وڃي. اچو ته هتي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ڪيل ڪاغذي دعوائن جي جهلڪ ٿا ڏسون ۽ بعد ۾ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي تي به نظر وجهنداسين ته اهو کاتو هن وقت ڪهڙي حالت ۾ آهي.

منظر پهريون:

تعليم کاتي جي اخباري دعويٰ :

. حڪومت سنڌ جي تعليم جي شعبي ۾ 80 ارب رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ 85 سيڪڙو رقم تعليم کاتي جي پگهارن جي مد ۾ آهي.

ترقياتي شعبي پاران تعليم جي مد ۾ 26.6 ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته ٻي پاسي ورلڊ بئنڪ جي نگراني هيٺ سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام لاءِ 300 ملين آمريڪي ڊالر تقريبن 28 ارب رپيا مختص آهن.

يورپي يونين پڻ انهن تعليمي سڌارن تي پنهنجي رضامندي ۽ حمايت ظاهر ڪئي آهي ۽ ان مقصد لاءِ گذريل سالن ۾ 39 ملين رپين جي امداد ڏني آهي.

4-هزار اسڪولن ۾ ڪيترين ئي سهولتن جي فراهمي بشمول اضافي ڪلاس رومز جي تعمير ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ضلعن کي 8 ارب رپيا ڏنا ويا.

40 لکن کان وڌيڪ ٻارن کي هر تعليمي سال ۾ مفت نصابي ڪتاب ڏنا ويا، جڏهن ته 4 لک کان وڌيڪ ڇوڪرين کي وظيفا ڏنا ويا.

40 هزار اسڪول مئنيجمينٽ ڪميشن کي ڪروڙين رپين جي گرانٽ ڏني وئي ته جيئن اسڪولن جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۽ ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ يقيني بڻائي وڃي.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ڳوٺاڻن علائقن ۾ نجي اسڪولن جي فروغ جي منصوي جو ٽيون مرحلو شروع ڪيو آهي. منصوبي تحت 300 پرائمري اسڪولن جي في شاگرد جي في جي مد ۾ رعايت ڏني وئي. ٽئين مرحلي ۾ وڌيڪ 700 پرائيويٽ اسڪولن کي شامل ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي جي اخباري انگن اکرن کان علاوه اربين رپين جا ٻيا به پروگرام آهن ، جن ذريعي سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي.

مثال طور: يونيسيف: هي ادارو خاص طور تي پرائمري تعليم جي بحالي لاءِ سنڌ جي تقريبن سڀني ضلعن ۾ سالن کان پروگرام هلائيندڙ آهي، جن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، استادن جي تربيت وغيره شامل آهن. يونيسيف سنڌ ۾ مها ٻوڏ سبب سوين اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ وقتي طور عارضي اسڪول قائم ڪري ٻارڙن جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو. مطلب ته يونيسيف به هن وقت تائين اربين رپيا خرچ ڪري چڪي آهي ته جيئن سنڌ جي تعليم جي معيار ۾ بهتري اچي سگهي.

نيشنل ڪميشن فارهيومن ڊولپمينٽ: هي قومي ڪميشن پڻ تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ جولاءِ ۾ آندي وئي، جنهن جو بنيادي ڪم ٻارڙن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ هو،تنهن کان علاوه ٻارڙن جي تعليمي معيار کي جاچڻ، والدين جي مدد سان اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون ڪرڻ، استادن جي تربيت سميت اهڙن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ڳوٺاڻن جي مدد سان اسڪول کولڻ شامل هئا،جتي گهٽ ۾ گهٽ 25 ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جي اهل هجن. هي ادارو پڻ 2002ع کان اربين رپيا خرچ ڪري چڪو آهي.

اين جي اوز پاران تعليم تي هلندڙ پراجيڪٽ: سنڌ جي اڪثر N G O S ملازمن ۾ خاص طور تي I R C,S RSO,N R S P ٿرديپ، سافڪو وغيره شامل آهن،جيڪي پڻ ڪروڙين رپين جا پراجيڪٽ هلائي، سنڌ جي تعليمي جو معيار بهتر ڪرڻ ۾ سالن کان رڌل آهن.هتي هي ذڪر ڪرڻ بنهه ضروري آهي ته سنڌ جي هر ضلعي جي سالياني بجيٽ جو تقريبن 60.65 سيڪڙو بجيٽ تعليم جي شعبي ۾ خرچ ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته باقي 35.40 سيڪڙو بجيٽ مان رهيل سڀ ادارا هلايا وڃن ٿا.

مٿي ذڪر ڪيل سڀني Interventon مان معلوم ٿيو ته سنڌ حڪومت پاران ساليانو لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا سنڌ جي ايجوڪيشن جي بهتري لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جي تعليم ۾ ڪهڙا سڌارا اچي سگهيا آهن؟ اهي انتهائي اهم سوال آهن. اچو ته ڏسون ته ٻئي پاسي سنڌ جي موجوده تعليمي صورتحال ڪٿي پهتل آهي.

منظر ٻيون:سنڌ جي تعليم جي موجوده صورتحال

اچو ته موجوده تعليم جي صوتحال جي هڪ جهلڪ ٿا پسون.

سنڌ ۾ هن وقت به لڳ ڀڳ 7 هزار پرئمري اسڪول بند آهن. جيتوڻيڪ تعليم کاتي پاران 2300 اسڪول کولڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، پر زمين تي ذڪر ڪيل اسڪول بند پيل آهن. جڏهن ته اهڙن بند پيل اسڪولن جي تعداد ۾ اڃا وڌيڪ اضافو تڏهن آيو جڏهن حڪومت پارانC H D N جي مڪمل بحالي نه ٿيڻ ۽ ملازمن کي وقت سر پگهارون نه ملڻ سبب اهڙا سوين اسڪول ٻيهر بند ٿي ويا آهن، جيڪيN C H D فيڊر ٽيچر رکي ٻيهر کولي ورتا هئا. ان ڪري بند پيل اسڪولن جو تعداد ڏينهو ڏينهن وڌي رهيو آهي. هتي هي ڳالهه به ذڪر هيٺ آڻجي ته ذڪر ڪيل بند پيل اسڪولن جو تعداد رڪارڊ جو حصو آهي، جڏهن ته غير سرڪاري طور بند پيل اسڪولن جو تعداد انهن کان ٻيڻو آهي، جتي استاد گهرويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ اسڪول بند پيل آهن.

ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جي موجوده تعليمي شرح فقط 56 سيڪڙو آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پرڳڻي ۾ اڃا به 44 سيڪڙو آبادي اڻ پڙهيل آهي. جڏهن ته هن تناسب ۾ پڙهيل لکيل عورتن جو حصو ڳولهينداسن ته اهو اڃا گهٽ ملندو ۽ ان ۾ به جيڪڏهن ٻهراڙي جي عورتن جو حصو ڏسبو ته بنهه گهٽ آهي. مثال طور ضلعي ٿرپارڪر ۾ فقط 9 سيڪڙو عورتون پڙهيل آهن ۽ 91 سيڪڙو عورتون اڻ پڙهيل آهن.

سنڌ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽ(S E M I S) مطابق 9-5 سالن وارن ٻارن جو تعداد جيڪي اسڪول ۾ داخلا لائق آهن) 62 لک آهي. ان مان ڇوڪرن جو تعداد 32 لک ۽ ڇوڪرين جو تعداد 30 لک آهي) جن مان هڪ اندازي موجب اڃا به 46 سيڪڙو ٻار يعني 28 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، تقريبن اڌو اڌ ٻار تعليم جهڙي زيور کان اڃا به محروم آهن. جڏهن ته يونيسيف ۽ ٻين ادارن جي انگن اکرن موجب اسڪول ۾ داخلا کان محروم ٻارن جو تعداد 40 لک جي لڳ ڀڳ آهي.

سنڌ ۾ هن وقت 45044 اسڪولن مان اڪٿوتيب Single Teacuer School جي آهي، جتي فقط استاد 5 ڪلاسن جا تقريبن 25-20 سبجيڪٽ پڙهائي رهيو آهي. ان مان تعليم جي معيار جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت جملي هڪ لک،هڪ هزار 944 استاد آهن، جن مان فيميل ٽيچرس جو تعداد 28 هزار965 يعني فيميل جو تعداد لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو يعني ٽيون حصو آهي.

هيءَ ڳالهه دلچسپي ۽ حيرت کان خالي ناهي ته سنڌ جي 45 هزار اسڪولن جي ڀيٽ ۾ مڊل اسڪولن جو تعداد فقط 2668 آهي.يعني پرائمري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ تقريبن 5 سيڪڙو آهي، جنهن  مان پرائمري پاس ٻارن جي ڊراپ آئوٽ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو،جيڪي ڪلاس 6 ۾ داخلا نٿا وٺن ۽ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا.

سنڌ ايجوڪيشن مئنيجمنٽ انفارميشن سسٽم (S E M I S) جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ڇهين ڪلاس م داخلائن 12-10 سالن وارن ٻارن جو تعداد 33 لک آهي، جن مان 31 لک ٻارڙا اسڪول ۾ داخلا کان محروم آهن، جيڪو تناسب 93 آهي. يعني اڄ به 93 سيڪڙو ٻار مڊل يا هاءِ اسڪول ۾ تعليم کان محروم آهن.S E M I S جي ئي انگن اکرن موجب 5 ڪلاس ۾ داخل ٻارن جو تعداد 3 لک 89 هزار 457 آهي،جڏهن ته 6 ڪلاس ۾ داخل ٻارن جو تعداد 2 لک،40 هزار 83 آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪلاس 5 مان ڪلاس 6 تائين 38 سيڪڙو ٻار ڊراپ آئوٽ ٿي وڃن  ٿا.

سنڌ ۾ مڊل اسڪولن ۾ ڪُل استادن جو تعداد 9610 آهي، يعني 2665 مڊل اسڪولن لاءِ فقط 9610 استاد دستياب آهن. مطلب ته هر هڪ مڊل اسڪول لاءِ استادن جو تناسب فقط 6-3 آهي،جيڪو نه هئڻ برابر آهي. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو“ مڊل اسڪولن ۾ ڪيترا وڌيڪ استاد ڀرتي ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.

S E M I S جي انگن اکرن موجب 10-2009ع تائين 10268 اسڪول اهڙا آهن، جتي کليل آسمان هيٺ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. جڏهن ته 5022 اسڪول خطرناڪ ڊڪليئر ٿيل آهن، اهڙن اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ خطري کان خالي نه هوندي.

اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي حساب سان به صورتحال بنهه خراب آهي. S E M I Sجي 10-2009ع جي انگن اکرن موجب پرائمري اسڪولن  جي 86 سيڪڙو ۽ مڊل اسڪولن جي 74 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي موجود نه آهي. جڏهن ته پرائمري جي 46 سيڪڙو ۽ مڊل اسڪولن جي 31 سيڪڙو اسڪولن ۾ Toilets موجود ناهن.ان کان علاوه 15 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۽ 45 سيڪڙو مڊل اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ پيئڻ جو پاڻي دستياب ناهي،  جڏهن ته پرائمري جي 51 سيڪڙو اسڪولن ۽ 34 سيڪڙو مڊل اسڪولن جي بائونڊري وال به ناهي.

مٿي ذڪر ڪيل سهولتن جي اڻهوند ۽ معياري تعليم نه هجڻ سبب هڪ ته 46 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ داخلائي نه ٿا وٺن ۽ ٻيو ته داخلائون ورتل ٻارن مان به 22 سيڪڙو ٻار ڪلاس 5 تائين پهچڻ کان پهريان ئي اسڪول ڇڏي ٿا وڃن.S E M I S، جي انگن اکرن موجب 1 ڪلاس کان ڪلاس 2 تائين33 سيڪڙو ٻار، 3-2 ڪلاس تائين 15 سيڪڙو، 4-3 ڪلاس تائين 13 سيڪڙو 5-4 تائين 13 سيڪڙو ۽ ڪلاس 6-5 جي درميان 36 سيڪڙو ٻار رهجي وڃن ٿا.

سنڌ جي اسڪولن ۾ ٽيچرس جو معيار اڄ به سواليه نشان بڻيل آهي. هڪ طرف استادن جي سياسي طور نئين ڀرتي، تربيتن جي اڻهوند ۽سليبس ۾ تڪڙيون تبديليون ٿيڻ ٻين سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ استادن جي اڪثريت سائنسي سبجيڪٽ پڙهائڻ کان بلڪل قاصر آهي، جن ۾ رياضي سائنس ۽ انگريزي شامل آهن. اهڙي صورتحال سبب پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثر ٻار ذڪرڪيل ٽنهي نهايت اهم سبجيڪٽن ۾ مضبوط بنياد نٿا ٺاهي سگهن،جنهن سبب سندن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ وارو خواب پرائمريءَ ۾ ئي اڌورو رهجي ٿو وڃي.

نگراني ۽ چڪاس وارو عمل هر ڪم يقيني بنائڻ لاءِ نهايت اهم هوندو آهي، پر بدقسمتي سان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مانيٽرنگ جو نظام موجود ئي ناهي، جنهن سبب اڪثر اسڪولن ۾ استاد يا ته غير حاضر رهن ٿا جي اچن ٿا ته پڙهائين نه ٿا. جڏهن ته کانئن ڪير به پڇڻ وارو ناهي، اڪثر اسڪولن  ۾ ته فقط سنڌي، اسلاميات ۽ سماجي اڀياس جهڙا سبجيڪٽ پڙهائڻ تي زور آهي.

معياري امتحان سسٽم جي اڻهوند:

مڊل،هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ته ڪاپي ڪلچر تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب نه ته شاگردن کي پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ نه ي وري استادن کي پڙهائڻ جي. جڏهن ته پرائمري ۾ اڪثر ضلعن ۾ امتحان جو ڪو سرشتو موجود ئي ناهي-جنهن سبب بنياد کان ئي ٻار امتحان واري نهايت فيصلائتي مشق ڪرڻ کان رهجيو وڃن، جنهن سبب سندن پڙهڻ، لکڻ ۽ چٽاڀيٽي واريون سڀ صلاحيتون اُسري ئي نه ٿيون سگهن.

بهرحال هڪ پاسي سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم تي ساليانو 1 کرب (100- ارب پيا) خرچ ڪري رهي آهي، جيڪا رقم سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ٻئي سال ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود اڄ به 28 لک ٻار (سرڪاري دعويٰ) ۽ 40 لک ٻار( U N جي ادارن جي دعويٰ) پرائمري اسڪول ۾ داخلا کان محروم آهن. 31 لک ٻار (ڪُل اسڪول وڃڻ واري عمر في ٻار جو 93 سيڪڙو) مڊل يا هاءِ اسڪول جي تعليم کان قاصر آهن.فقط 56 سيڪڙو مرد ۽ عورتون سنڌ ۾ پڙهي، لکي سگهن ٿيون.پرائمري ڪلاس کان ڇهين ڪلاس تائين 22 سيڪڙو ٻار اسڪول اڌ ۾ ئي ڇڏي وڃن ٿا.

اڄ به سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 8 هزار پرائمري اسڪول بند پيل آهن، جتي وڏي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اسڪولن جي ڇت ڪانهي،5 هزار کان وڌيڪ اسڪول خطرناڪ ڊڪليئر ٿيل آهن، جڏهن ته 86 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ميسر ناهي، جڏهن ته 51 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب ڪونهي.

جيڪڏهن استاد ۽ شاگرد جي تناسب کي 25ٻارن تي هڪ استاد کي بيهارجي ته اڄ به سنڌ ۾ 20 هزار نون استادن جي فوري مقرري جي ضرورت آهي.

40 هزار کان ڌيڪ اسڪول مئنجمينٽ ڪاميٽين ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن کي ڪير پڇڻ وارو آهي.

اڄ سنڌ ۾ لکين رپين عيوض هزارين استادن جون جعلي ڀرتيون ٿي رهيون آهن.مطلب ته سنڌ جو تعليم کاتو ڏينهون ڏينهن تباهي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي. هڪ طرف 100 ارب رپيا تعليم تي خرچ ته ڪيا پيا وڃن پر ٻئي پاسي ان جو Out Come پاڻ مٿي ڏسي چڪاسين. ايڏي وڏي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود نه ته اسڪولن جي حالت بهتر ٿي سگهي آهي، نه ئي سمورا اسڪول کُلي سگهيا آهن، نه ئي وري سڀ استاد اسڪولن ۾ موجود آهن. اڄ به استادن جون ڀرتيون نج سياسي بنيادن تي ٿي رهيون آهن،اڄ به اسڪولن ۾ ڪاپي جي ڌم آهي، اڄ تائين پرائمري اسڪولن ۾ امتحاني سرشتو وجود ۾ اچي ناهي سگهيو ۽ اسڪولن ۾ شاگرد ناپاس ڪرڻ ڄڻ سرڪاري سطح تي منع ٿيل آهي. ٻارڙن جو سليبس اڄ به پراڻو گٺل، پٺيل آهي ۽ انکي جديد ۽ ٻار لاءِ وڻندڙ ناهي بڻايو ويو.اڪثر استاد تربيت کان وانجهيل آهن، جيڪي مک سبجيڪٽ جهڙوڪ انگريزي،سائنس، حساب نه ٿا پڙهائي سگهن.ٻارن جي انرولمينٽ جو عالم اهو آهي جو 40 لک ٻار اسڪولن ۾ داخلا کان محروم آهن، S M C S ۾ 90 سيڪڙو رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي. اسڪولن جي نگراني ڪرڻ جو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي. تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت جي حالت اها آهي جو پائمري استاد ضلعي جي وڏي تعليمي ڪاموري کان سگهارا آهن، مطلب ته تعليم کاتي جو ڪو هڪ پاسو به مضبوط ناهي ٿي سگهيو ته پوءِ اهو سوال بنهه اهم آهي ته ايڏي وڏي رقم ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي ۽ انجو فائدو ڪنهن کي ٿي رهيو آهي ؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو