Home / ڪور افيئر / حڪومت عدليا تڪرار جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو
above article banner

حڪومت عدليا تڪرار جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو

حڪومت ۽ سياست جي وهنوار کي هلائڻ جو نظر ايندڙ نقصان ڀلي پيپلزپارٽيڀوڳيندي هجي، پر گهرائيءَ سان جائزو وٺبو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت يوسف رضاگيلانيءَ کي نااهل ڪرڻ بعد به جنهن انداز سان هڪ طرفيڪارروائي جاري رکي آهي، اعتزاز احسن، عاصمه جهانگير جي ڳرن آوازن جي گونج کي به اتان ئي دليل مليا آهن. جنهن ڳالهه جو احساس بار بار ٿئي ۽ ان جي ورجاءَ کان بچي نه سگهجي، پاڪستان ۾ سياست سان جڙيل ان ڳالهه جو ذڪر اگر هڪ لفظ ۾ ڪجي ته اها آهي “اسٽيبلشمينٽ۽ اگر ٿوري تفصيل سان ڪجي ته اهو جملو هڪ دفعوٻيهر لکڻو پوندو ته “هن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ اسٽيبلشمينٽ آهي۽ ان جي مرضيءَ توڙي رٿابنديءَ کانسواءِ سڀ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي. خاص ڪري سياسي پارٽي ٺاهڻ، عوام وٽ وڃڻ جي اجازت، اليڪشڻ ۾ بيهڻجو اشارو، پوءِ ڪاميابيءَ جي پڳ جا وَرَ ۽ اقتدار توڙي اختلاف ڪرڻ جي ذميواريءَ کان به اڳتي انصاف ڏيڻ جي اجازت ۽ آئين کي پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪرڻ جا اختيار سڀ ته اسٽيبلشمينٽ جاڪمال آهن”. هي انتهائي گِنجريل قسم جو سُٽ آهي ان ۾ وچڙئي بغير ان کي سمجهي نه ٿو سگهجي. اسٽيبلشمينٽچاهي ته پنهنجي مرضيءَ جي مارشل لا هڻي ملڪ هلائي يا پنهنجي ڊزائين جي جمهوريت جو ٺپو هڻي سِولين ماڻهن کي وزيراعظم ۽ وزير بڻائي سياست جي راند ڪرائي. جنرل پرويز مشرف کانپوءِ واري پاڪستان ۾عدليه سياست جو هڪ اهم جُز ٿي سامهون آئي آهي. آئين مطابق ان کي انصافڏيڻ جو بنيادي فرض نڀائڻو آهي. پر ڪجهه دانشور هاڻي ان نقطي تي متفقٿي چڪا آهن ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ سامهون اچڻ بجاءِ هاڻي منصفن ذريعي حڪومتن تي دٻاوَ وجهڻ واري نئين پاليسيءَ تي عمل ڪري رهي آهي.

 

بنا ڪنهن شڪ جي پيپلزپارٽي وڏي عوامي پارٽي آهي، پر محترمه بينظيرڀٽو شهيد کي ملڪ موٽڻ ۽ چونڊن جي راهه کي هموار ڪرڻ لاءِ به ڊيل جو سهارو وٺڻو پيو، اين آر او هڪ ڊيل هئي جيڪا هلي نه سگهي. جڏهن ته ميثاق جمهوريت هڪ سياسي اتفاق راءِ هو جيڪو پڻ پنجابي فلم جيان فلاپ ٿي پيو. اسٽيبلشمينٽ جو ڪمال اهو آهي ته اين آر او وجود ۾ آڻي مشرف کي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪري اقتدار جا نوان مالڪ ملڪ ۾ گهرايا ويا، پر ان ئي اين آر او کي غيرقانوني قرار ڏياري عوام جي مينڊيٽ کي بيعزتيءَ جي سوليءَ تي لٽڪايو ويو. اهڙي ئي انداز سان مشرف مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ججن جي معزولي جي راهه هموار ڪري، وڪيلن کي سياسي پارٽين، اين جي اوز۽اڳوڻن انٽيليجنس آفيسرن وسيلي سينو ساهڻ جو اتساهه ڏنو ويو. ان اتساهه جو حصو بڻيل پارٽين چونڊن جو ميدان ماريو ته انهن کي ئي ججن جي بحالي واري چڪر ۾ ورهائي حِجر جي ڳاهه ۾ ڳاهي ڳاهي ڌار ڪيو ويو. سياسي پارٽين پاڻ پنهنجي هٿن سان سياسي نظام کي ڪمزور ڪري اسٽيبلشمينٽجي ڏسيل واٽ تي وري ساڳيوڏهاڪا پراڻو پنڌ شروع ڪري ڏنو. ۽ ان پيچري جي پنڌ ۾ ئي اقتدار اعليٰ جي مالڪن ۾ اضافو ٿي پيو. 2008جي چونڊن کانپوءِ جنهن صدر ۽ وزيراعظم کي اقتدار اعليٰ جو مالڪ ٿيڻو هو انهن کيٻڌائڻ کانسواءِ عدليه ۽ميڊيا کي سندن شريڪ بنايو ويو. هاڻوڪي جمهوري دور جي هڪ خاصيت بنهه گهٽ سڃاتي وئي آهي ته سياستدانن تي چغلي کائيندڙميڊيا ۽ ان جا ڪارندا اڳ فوج جي سپهه سالار جي بيانن تي ڪن رکي سياست ۽پارليامينٽ جي فيصلن جي اڳڪٿي ڪندا هئا، پر هن دور ۾ سپهه سالار جا ته ايترا بيان ئي ناهن آيا جيترا چيف جسٽس جا پڌراٿيا آهن ۽ هاڻي حڪومت جي عمردرازي به چيف جسٽس جي بيانن مان ماپي وڃي ٿي.

عدليه ۽ حڪومت ۾ جيڪو جهيڙو ججن جي بحاليءَ کانپوءِ اين آر او جي آڙ ۾شروع ٿيو ان جو انت ڪٿي ٿيندو، ان متعلق گهڻيون اڳڪٿيون ٿيون آهن، سڀ هن مهل تائين غلط ثابت ٿيون آهن. پر جيڪا اڳڪٿي ڪجهه وزندار لڳي ٿي ان جا تفصيل ڪجهه هن ريت ٻڌايا ويا آهن ته هن جهيڙي جو ظاهر ظهور ڪو انت نه هوندو. پر جنهن ڏينهن چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ صدر جي مقررين جا مُدا پورا ٿيندا ان ڏينهن هي جهيڙو ختم ٿيندو ۽اسٽيبلشمينٽسياسي قوتن سان نئون جرڳو ڪري مستقبل جي فائدن مطابق خون بهائون مقررڪندي. سو ان حساب سان صدر جي عهدي جو مدو 6 سيپٽمبر 2013 تي پوروٿيندو، جڏهن ته آرمي چيف جي ايڪسٽينشن 28 نومبر 2013 تي ۽پارليامينٽ جي هڪ قرارداد تي بحال ٿي ان پارليامينٽ جي فيصلن کي ردي قرار ڏيندڙ چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ 12 ڊسمبر 2013 تي ٿيندي. باقي وزيراعظم، سندس ڪابينا، قومي اسيمبليءَ جو مدوڪيستائين پورو ٿيندو اهي پتا اڃا آصف زرداريءَ پڌرا ناهن ڪيا. ۽ اگر قومي اسيمبليءَ جو مدو وڌايو وڃي ٿو ته پوءِ صوبن جو سياسي نظام به وفاقي فيصلن سان ئي سلهاڙبو نه تهڳالهه اڳتي وڌي نه سگنهدي. ان موقعي تي چيف جسٽس ۽ نواز ليگ وري فيصلائتو ڪارڊ ٿي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهم ٿي پوندا. ان ڪري جيڪي ماڻهو چونٿا ته تحريڪ انصاف جي ڪري اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ کي نظرانداز ڪري رهي آهي اهي هڪ ننڍي غلطيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ سان به فيصلائتو جرڳو نين چونڊن جي حتمي اعلان وقت ڪندي ان کان اڳ جياپي جي جنگ ۾ مصروف نواز ليگ کي ڌڪي ڌارڪرڻ نقصان جو سودو هوندو. اسٽيبلشمينٽ هيروز تيار ڪندي آهي، ان جاڪيترائي مثال آهن، پر حڪمت عملي اها هوندي آهي ته انهن جي بُتن ۾ اهڙيون سُيون به پاڻئي ٽنبيندي آهي جيڪي هوريان هوريان انهن جي مقبوليت جو ساهه ڪڍي وٺن، ڇو ته هيروز اسٽيبلشمينٽسان مهاڏو اٽڪائي ان جي لافاني اقتدار يا طاقت جا مخالف ٿي بيهن ٿا. اها منطِق چيف جسٽس جيڪيس ۾ بهڳڻي سگهجي ٿي. کيس عوامي انقلاب ٽائيپ لانگ مارچ وسيلي بحال ڪرائڻ کان اڳ، عسڪري ادارن ان جي بحاليءَ نه ڪرڻ جا مشورا ڏئي پي پيءَ کي ميثاق جمهوريت جي ساٿين ۽ نوازليگ جي اتحاد کان پري ڪيو، پوءِ نوازليگ کي لانگ مارچ ڪري جج بحال ڪرائڻ جو مشورو ڏنو، ۽ لانگ مارچ جي رات  عسڪري قوتن جي سربراهه يوسف رضاگيلانيءَ کي ڌمڪي ڏئي بطور وزيراعظم کانئس جج بحال ڪرڻ وارو آرڊر جاري ڪرائي ان کيڏجي شروعاتڪرائي جيڪا پي پي حڪومت جو ساهه نهوڙي رهي آهي. پر عدالت کي صرف پيپلزپارٽي ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت خلاف وهائي هڪ طرف اهو تاثر پيداڪرايو ويو آهي ته عدالت هڪ طرفو انصاف پئي ڪري،ٻين سياسي قوتن کي بخشي پئي ۽ جمهوريت سان دشمني پئي ڪري ته ساڳئي وقت هيرو ۾ تبديلٿي پيل چيف جسٽس جي پٽ کي ڪاروبارن جي سنهري گهٽين ۾ گِهلي ان هيرو جو قد زيرو سائيز تي آڻڻ جو سامان پيدا ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽهميشهه تلوارون ته تيار ڪيون آهن پر انهن جي چهنب مُڏي ڪرڻ جو گُر پيداڪرڻ وارو خيال ڪڏهن ناهي وساريو.

ان حساب سان خساري ۾ هلڻ جو رجحان افتخار محمد چوڌريءَ لاءِ آهي. آصف زرداري ملڪ جي وڏي عوامي پارٽيءَ جو سربراهه آهي، چيف جسٽس اگر رٽائر ٿيو ته يا ايران لڏي وڃي پنهنجي جائداد ۽ زمينون سنڀاليندو يا وري نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف مان ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ بعدڪنهن اعزازي عهدي تي مقررٿي زندگي ڪٽڻ جي ڪٿ ڪري سگهي ٿو پر آصف زرداري سينيٽ ۾ موجود پنهنجي پارٽي جي اڪثريت، قومي اسيمبليءَ جو مدو وڌائڻ واري آئيني فائدي کي استعمال ڪري ٻيهر صدر چونڊجي سگهي ٿو. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ويندڙ آرمي چيف خاموشيءَ سان مدو پورو ڪري گهر وڃي ۽ اقتدار جا ڳجها مالڪ آصف زرداريءَ سان جيڪو جرڳو ڪن ان ۾ کين فائدو نظر اچي، جنهنن جي بنياد تي هو افتخار چوڌريءَ کي خاموش رکن! اهو سگهارو خيال ته موجوده حڪومت آمريڪين جي خواهش تحت قائم ٿي، ان کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي پر آمريڪين کي هن حڪومت مان هاڻي گهڻو اطمينان ناهي، ميمو اسڪينڊل ۾ آمريڪين پي پي مخالف قوتن جو ساٿ ڏنو، جنهنڪري پي پي وارن خلاف غداريءَ جو داغ مضبوط ٿيو ۽ اگر اقتدار جي منتقلي ڪرڻ جو ڪو نئون پلان ٺهيو، پي پي اسٽيبلشمينٽ جرڳو ڪامياب نه ٿي سگهيو ته اهو خوف کائي سگهجيٿو ته حسين حقانيءَ کي سلطاني گواهه ڪري پي پي قيادت مٿان غداريءَ جوڪيس هلايو ويندو پوءِ ڀلي سوئس ڪيسن لاءِ خط نه ئي لکيو وڃي. غداريءَ وارو ڪيس هلائڻ جي بنياد تي ئي پٽ جي ڪرتوتن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هنر هلايا ويندا ۽ هيرو کي زيروڪري گهر نه موڪليو ويندو.

جنهن ريت نيٽو سپلاءِ کولي عسڪري قوتن پي پي کان ان ڪم جي وڪالتڪرائي، ان مان اهو به سبق مليو ته ايبٽ آباد آپريشن بعد جيئن پي پي قيادت آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪرڻ واري منافقت ڪئي تيئن ئي نيٽو سپلاءِ واري اشوءَ تي به پرائي فيصلي کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي اسٽيبلشمينٽ کي ئي گس ڏنو ويو ته دفاع پاڪستان نالي مذهبي پارٽين جي اتحاد کي سياست چمڪائڻ جي وِٿ مهيا ڪجي. عدالت مان خوف محسوسڪيو پيو وڃي ته اها نئين وزيراعظم راجه پرويز اشرف کي به نااهل قرار ڏئيڇڏيندي، پر نامُوَر وڪيل اڳواڻن ۽ ڪالم نگارن جنهن ريت عدالت جي مخالفت شروع ڪري ڏني آهي ان مان پاڻمرادو اهو اندازو لڳايو اٿم ته شايد راجه پرويز اشرف جي قرباني قبول نه پوي. ڇو ته ان سان پيپلزپارٽيءَ کي گهڻي مظلوميت ملي پوندي. ۽ اسٽيبلشمينٽ نهٿي چاهي ته لوڊشيڊنگ جي گِلا، گڊ گورننس نه ڏئي سگهڻ جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي الزام سبب اڌ موت مرندڙپي پيءَ کي مظلوميت جي انجيڪشن تي ڇو بچائجي!؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو