Home / ڪور افيئر / خوشحال سنڌ،ڏٻرا ماڻهو
above article banner

خوشحال سنڌ،ڏٻرا ماڻهو

گذريل هڪ ڏهاڪي کان سڄي سنڌ گهمڻ جو موقعو مليو آهي. سنڌ جا تقريبن سڀئي ننڍا وڏا روڊ پنهنجي ڊگهي سفر هيٺ لتاڙبا رهندا آهن-ڪراچيءَ کان جڏهن به ڪنهن به ضلعي ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو آهي ته سفر جي ٿڪاوٽ جي ڀيٽ ۾ منهنجي چهري تي سرهائي نمايان اچيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي کان لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، سکر، حيدرآباد، مٺي، بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، نوابشاهه يا دادو ۽ سانگهڙ . مطلب ته ذڪر ڪيل شهرن ڏانهن ڪيل سفر دوران مون هميشه سنڌ جي معاشي حالتن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گهڻي ڀاڱي روڊ جي ٻنهي پاسن سان مختلف فصلن جو ڊگهو سلسلو، يا وري واريءَ ۽ ڀٽن جون نه کٽندڙ قطارون، ڳوٺن جون آباديون، ڳوٺن جو ٻاهريون ۽ اندريون ڏيک، شهرن مان گذرندي ،شهرن جي بدترين حالت مان اندازو ٿيو وڃي ته سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالت هن وقت ڪهڙي Stage تي آهي. جيتوڻيڪ سموري سنڌ جو سماجي ۽ معاشي ڍانچو لڳ ڀڳ هڪ جهڙو آهي پر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ قدرتي وسيلن جي کوٽ سبب اتي انساني زندگي باقي ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بدتر آهي.

جيئن ٿرپاڪر ۽ عمرڪوٽ وغيره ۾ پر تنهن هوندي به بنيادي سهولتن کان وانجهيل سنڌ جا شهر بدامني جي آڙاهه ۾ سڙندڙ ٻهراڙين جا ٽٽل ڦٽل روڊ، کنڊرات جو ڏيک ڏيندڙ سرڪاري عمارتون، هرهنڌ نهايت ڪمزور، ڏٻرا ۽ بيمار هجڻ جو ڏيک ڏيندڙ انسان سنڌ کي هڪجهڙي سماجي ۽ معاشي حالت واري ڏيک ۾ ڳنڍيو بيٺا آهن. جيتوڻيڪ سموري سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هر ضلعي جي حيثيت کي قدرت پنهنجي خاص فضل ۽ خوبصورتي سان نمايان حيثيت ۾ رکيو آهي پر سنڌ پرڳڻي کي اڃا انهن نعمتن مان مالامال ٿيڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويو. جيئن ٿرپارڪر دنيا ۾ موجود ڪوئلي جي وڏن ذخيرن سان مالامال آهي. بدين ۽ ٺٺي ضلعي کي سمنڊ جي تقريبن 500 ڪلوميٽرن جي ڊگهي پٽي لڳي ٿي. جڏهن ته دنيا جون مشهور تيل جون ڪمپنيون گذريل ڪيترن سالن کان بدين ۾ ان کوجنا ۾ آهن ته ايران، سعودي عرب کان نار ملڪن جي مڙني ملڪن مان تيل جي ذخيرن جو مرڪزي هنڌ بدين ۾ ئي ڪنهن هنڌ آهي. هوڏانهن حيدرآباد ضلعو، ميرپوخاص، سانگهڙ، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، هالا، ٽنڊو محمدخان ضلعا سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ زرخيز زمين رکندڙ آهن، جتي صرف 20 ايڪڙن جي سالياني آمدني هڪ خاندان جي شاهاڻي پرورش لاءِ ڪافي آهي. جڏهن ته ڄامشورو ۽ دادو ضلعا اڳ ئي تيل ڪمپنين جي والار هيٺ آهن، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ حيدرآباد ۾ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.مطلب ته سنڌ جو ڪوبه اهڙو ضلعو ناهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال نه هجي. دنيا جي چند وڏن قدرتي وسيلن مان هڪ اهم وسيلو يعني درياءُ به سنڌ جي اڪثر ضلعن جي حدن کي ڇهندو سمنڊ ۾  ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن سبب اهڙي پرڳڻي جي معاشي حالت ڪنهن اهڙي پرڳڻي جهڙي ته نه هجڻ گهرجي جتي نه ته گئس هجي نه ڪوئلو، نه تيل، نه درياءَ جو ڇوڙ يا گذر ٿيندو هجي ۽ نه ئي ان کي سمنڊ ڳنڍيندو هجي ۽ نه ئي ان وٽ زرعي زمين هجي، تنهن هندي به پرڳڻي جي هيءَ بدتر سماجي ۽ معاشي حالت  سمجهه کان بالاتر آهي.

سنڌ جي سڀني ضلعن جي مٿي ذڪر ڪيل پاڻ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا، هڪ اهي ضلعا آهن جتي قدرتي وسيلا ته گهڻا موجود آهن، پر انهن مان اتان جي عوام کي ڪوبه فائدو ناهي رسيو، جنهن جا سبب فقط سياسي آهن. جيئن ته ملڪي آئين موجب قدرتي وسيلن جهڙوڪ سمنڊ، گئس، تيل ۽ ڪوئلو وغيره تي صرف وفاق کي حق حاصل رهيو آهي. ( جيڪو 18 هين ترميم کانپوءِ ڪجهه اسمن تي صوبن جو 50 سيڪڙو حصو تسليم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان تي به اڃا عمل ٿيڻ ۾ هڪ ڏهاڪو وڌيڪ لڳي سگهي ٿو.) تنهن ڪري سنڌ جي اهڙن ضلعن کي سندن قدرتي وسيلن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو، مورڳو وفاق  ڪمپنين کي تڪڙا لائسنس جاري ڪيا، جن سنڌ مان تيل ۽ گئس ڪڍڻ واري عمل کي نهايت تيز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن ضلعن ۾ ڄامشورو ،دادو، سانگهڙ ۽ ڪنڌڪوٽ وغيره اچي وڃن ٿا. ڪيڏي بدقسمتي آهي اهڙن ضلعن جي عوام جي جتي دنيا جا وڏا معدني وسيلا موجود هجڻ باوجود کين انهي حق کان محرم رکيو ويو  ته سندن ۽ سندن علائقن جي ترقي تي تيل ۽ گئس آمدني جو پئسو خرچ ڪيو وڃي هان ته جيئن اهي قدرتي وسيلا سندن معاشي زندگي بهتر ڪرڻ ۾ قدرت جي مٿن ڪيل مهرباني جو ڪو عملي ثمر ثابت ٿين ها پر سنڌ ۾ وسيلن جي ڦر لٽ جو  اهڙو ته ظالماڻو طريقو اختيار ڪيو ويو جو اهڙن علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪمپنين جي آفيسن جا دروازا ئي بند ڪيا ويا. اڄ به ذڪر ڪيل ضلعن ۾ اتان جا مقامي ماڻهو ننڍيون ننڍيون نوڪريون وٺڻ لاءِ به آتا آهن.جتي گئس ۽ تيل جي اهڙين ڪمپنين ۾ پٽيوالو، چوڪيدار ۽ ڊرائيور  جهڙين معمولي نوڪرين تي به ٻاهرين صوبن مان ماڻهو آڻي روزگار سان لڳايا ويا. نتيجي ۾ اهڙن ضلعن ۾ معاشي ۽ سماجي حالت ايتري ته بدتر آهي جو تعليم، صحت ۽ غربت بابت آيل انگ اکر لڱ ڪانڊاريو ٿا ڇڏين.مثال طور هڪ صحت اداري پاران ڪيل سروي  ۾  ٻڌا يو ويو آهي ته بدين ضلعي ۾ هر ٽيون شخص هيپاٽائيٽس (سائي) جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي. غربت جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پوري دنيا ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا رکندڙ ٿرپاڪر ضلعي جو شمار پاڪستان جي 100 ضلعن ۾ انهن ضلعن ۾  ٿئي ٿو جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ انساني آباديءَ ۾ وڌيڪ حصو پتي رکن ٿا. جڏهن ته بنيادي تعليم جو عالم اهو آهي ته ڪنهن وقت علم ۽ ادب جو مرڪز سڏجندڙ ٺٽو ضلعو جنهن سنڌ جا وڏا عالم ۽ مفڪر پيدا ڪيا. اڄ سمورو ضلعو تعليم جي اڻهوند سبب ڪچو شراب واپرائڻ ۽ پان جي واهپي ۾ سڄي سنڌ جي مڙني ضلعن کان اڳڀرو آهي.جتي ميرپور ساڪرو جهڙي شهر ۾ ڪو معياري اسٽيشنري جو دڪان دستياب تگ ڪونهي پر اوهان کي ڪچو شراب ڪنهن به مانڊڙي تان ٿيلهي ۾ سرعام ملي سگهي ٿو. ان کان علاوه ڄامشورو، دادو ۽ گهوٽڪي ضلعن جي حالت به ٺٽي ، بدين عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کان ڪاگڻي بهتر ڪانهي. جتي به نيشنل هاءِ وي  ۽ انڊس هاءِ وي سان لڳندڙ اسڪول سالن کان بند پيل آهن. جتي ڏينهن ڏٺي جو ڦر، ڌاڙو هاڻي معمول بڻجي چڪو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل ضلعن جي ملڪ جي 100 ضلعن ۾ پوزيش هيٺين ريت آهي، جتي وڌ ۾ وڌ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارين ٿا.هيٺئين ٽيبل ۾ شڪارپور ضلعو انساني ترقي جي حوالي سان ملڪ جي  100 ضلعن مان 80 هين  نمبر تي آيل آهي، جيڪو ضلعو 1940ع ۽ 1950ع وارن ڏهاڪن ۾ ملڪ جي چند ترقي يافته شهرن جي فهر ست ۾ شمار ٿيندو هو، جتي جي ميونسپالٽي ، ڪراچي مونسپالٽي کي پنهنجا انتظامي وهنوار هلائڻ لاءِ قرض طور رقم ڏيندي هئي.اڄ شڪارپور ضلعو ، سماجي  ۽ معاشي حالتن ۾ سنڌ جي بدترين ضلعن ۾ شمار ٿئي ٿو.جڏهن ته  ملڪ جا ٻه وزيراعظم پيدا ڪندڙ شهر لاڙڪاڻو انساني ترقي جي حوالي سان ملڪ جي هڪ سئو ضلعن ۾ 67 هين نمبر تي آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي  غربت جي هيٺئين لڪير کان به هيٺ يعني بدتر زندگي گهاري رهي آهي.

ضلعو

غربت کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو تناسب

ملڪ جي ضلعن ۾ پوزيشن

ٺٽو

47 سيڪڙو

73

ٿرپارڪر

29 سيڪڙو

32

دادو

49 سيڪڙو

36

بدين

35 سيڪڙو

45

شڪارپور

52 سيڪڙو

80

لاڙڪاڻو

43 سيڪڙو

67

هي ته هئا سنڌ جا چند اهي ضلعا جيڪي قدرتي وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود انساني ترقي ۾ ملڪ جي ٻين ضلعن کان گهڻو پٺ تي پيل آهن پر هتي آءُ انهن ضلعن جو به ذڪر ڪندس جيڪي نهايت ئي ذرخيز زمين هجڻ ۽ درياءَ جي پاڻي جي موجودگي سبب زرعي لحاظ کان شاهوڪار ضلعا آهن پر اتي به عام ماڻهو جي حالت ايتري بدتر آهي، جيتري حالت ٿرپار ڪر ضلعي، عمر ڪوٽ، بدين  ۽ ٺٽي ضلعي جي ماڻهن جي حالت آهي. اهڙي صورتحال يقينن پريشان ڪندڙ آهي.

اوهان جيڪڏهن حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين 100 ڪلوميٽر جو روڊ رستي سفر ڪريو يا حيدرآباد کان ايتري ئي فاصلي جيترو سفر بدين تائين ڪريو ۽ اڃا ان کان گهڻو ڊگهو سفر حيدرآباد کان مٽياري، هالا، سعيدآباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور کان مورو تائين ڪريو يا اڃا اڳتي نوشهروفيرو ز، ڪنڊيارو، هالاڻي، راڻيپور کان خيرپور ۽ سکر تائين، روڊ جي ٻنهي پاسن کان اوهان کي رڳو ساوڪ ئي ساوڪ ملندي. جتي شايد ئي هڪ ايڪڙ زمين به فصل کان آجي هجي.،ذڪر ڪيل روڊ جي ٻنهي پاسن کان فصلن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي، جيڪي ڪنهن به بس يا ڪار مان گڏو گڏ سفر ڪندي نظر ايندا. موسم جي لحاظ سان ڪڻڪ، وونئڻ،ڪمند، ڪيلو يا وري انبن ۽ کجور جي باغن جا ايڏا ته وسيع فصل نظر اچن ٿا، جيڪي هڪ لمحي ۾ دل ۽ دماغ ۾ هڪ خوشي جو احساس ڏياريندا رهن ٿا ته سنڌ ڪيڏي نه سرسبز ۽ شاداب آهي.سنڌ پنهنجي قدرتي حسن سان گڏو گڏ زرعي معاش جو ڪيڏو نه حسين خطو آهي پر اهو احساس هڪدم پريشاني واري ڪيفيت ۾ تڏهن مبتلا ڪريو ڇڏي ، جڏهن اهڙن فصلن ۾ موجود ڳوٺن ۽ گهرن جي بدتر حالت تي نظر پوي ٿي. اهڙن سرسبز ۽ خوبصورت فصلن تي نهار ٻُسي تڏهن لڳي ٿي ،جڏهن اهڙن فصلن جي وچ ۾ موجود ڪنهن هاريءَ جو ڪکائون يا ڪچي مٽيءَ جو ٺهيل گهر نظر اچي ٿو. جيڪو ڪنهن خوبصورت واديءَ ۾ بنهه بد صورت لڳي رهيو هجي ٿو. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڏينهن رات محنت ڪري هڪ هاري پنهنجي وني ۽ نياڻيون ساڻ ڪري گهر جي چوڌاري پورو ماحول ته خوبصورت بنايو ويٺو آهي پر سندس گهر ڪنهن کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو هوندو آهي، ڪنهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته شاندار فصل اپائڻ باوجود هاري جي معاشي ۽ سماجي حالت ۾ بهتري ڇو نه آئي آهي؟ صدين کان ابي ڏاڏي هارپي واري ڪِرت کيس اڃا ان قابل نه بڻايو آهي ته هُو فصل جي آمدني مان پنهنجو گهر ايترو ئي پڪو ڪري محفوظ بنائي سگهي ته جيئن ڪو چور چڪار، بد معاش يا لوفر سندس گهر جون مقدس حدون لتاڙي سندس گهر نه اچي سگهي. اڄ به هو پنهنجي کٽ ان لوڙهي جي ڀر ۾ رکي سمهي ٿو، ته جيئن ڪا کڙهه کڄڻ وقت انجي آواز تي سندس اک کلڻ ۾ دير نه ٿئي ! اڄ به اهو ساڻ ڪتو ان ڪري ئي رکي ٿو ته جيئن کيس چور چڪار سان ڪنهن امڪاني جهڙپ وقت سرڪار جي مدد جي اڻهوند سبب تحفظ ملي سگهي.؟ هيءَ ڳالهه سوچ ۾ ڏکي ۽ پيچيده لڳي ٿي ۽ جڏهن ان معاملي تي ويچار ڪجي ٿو ته معاملو سمجهه ۾ به اچي وڃي ٿو. دراصل  مون کي هن وقت “ هاري” سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم، محڪوم ۽ لاوارث لڳي ٿو، جو سندس حقن جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ نه ته ڪا سياسي پارٽي آهي نه سماجي اتحاد ۽ نه ئي ڪي ٻيو فورم. هڪ طرف زميندار آهي جيڪو کانئن سڄو سال ٻنيءَ جو پورهيو ڪرائڻ سان گڏوگڏ سندس ذاتي ۽ ٻيا اوطاقي به ڪم ڪرائي ٿو ۽ نتيجي ۾ ساڻس ڪوبه حساب ڪتاب نه ٿو رکي، هاري سڄو سال سواليءَ جيان کانئن ڪڏهن اٽو، ڪڏهن بيماري جي صورت ۾ علاج واسطي ڏوڪڙ گهرندو رهندو ۽ جي زميندار کي ڪهل اچي ته کيس ڪجهه ڏئي ڇڏي جي نه ته وري نئون سج ۽ نوان ايلاز !، باقي  فصلن جي ڇاجي اپت ۽ ڇا جو حساب ! !

اوهان 1930ع کان وٺي 1970ع واري 40 سالن جي سياسي تاريخ تي نظر ڊوڙايو، اوهان کي مسلم ليگ کان ويندي ڪانگريس ۽ پيپلز پارٽي تائين “ هاري جا حق” ۽ زرعي زمين جي اصلاح“ هر پارٽي جي منشور ۾ نمايان جاءِ والاريندي نظر ايندي . ذڪر ڪيل ڏهاڪن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي هارين جي حقن تي ڏينهن جا ڏينهن اجلاس هلندا هئا، ڊگها ڊگها بحث مباحثا ۽ فيصلا ٿيندا هئا.ذڪر ڪيل عرصي ۾ هاري جو ڪردار سموري سياست تي حاوي رهنو آيو آهي، پر هاڻي سنڌ جي هاري ءَ وارو باب ڄڻ ته بند ٿي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻهراڙي مان چونڊجي آيل M P A يا M N A سئو سيڪڙو زميندار آهن، جيڪي هارين جي معاشي استحصال سبب ئي پهريان لک پتي پوءِ ڪروڙ پتي ۽ هاڻي ارب پتي بڻجي ويا آهن.جڏهن ته سندس ڪاميابي ۾ 70 سيڪڙو انهن غريب ۽ مسڪين هارين  ۽ انهن جي اولاد جوئي هجي ٿو جيڪي صدين کان سندن ڪڙمي رهندا پيا اچن .

سنڌ ۾ هن وقت هارين جي حقن  لاءِ ڪم ڪرڻ جي نهايت گهڻي ضرورت آهي، هن وقت سنڌ جو زميندار کين حق ڏيڻ ته ٺهيو مڃڻ لاءِ به تيار ڪونهي. ابي ڏاڏي کان زمين آباد ڪندڙ هاري اڄ به زمين ڦرجڻ جي ڊپ کان زميندار جي اڳيان ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونهي. هارين جي حقن لاءِ 1949ع ۾ Sindh Tenancy Act عمل ۾ آيو،جيڪو ڊاڪيومينٽ به رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائڻ جهڙو آهي پر پوءِ به ان تي به ڪو عمل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. هن وقت زميندار پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي ، بلڪه هيئن چئجي ته هاريءَ جي لا وارثي جو فائدو وٺندي  زرعي پيشي کي صرف ۽ صرف زمينداري مفاد ڏانهن کسڪائيندو پيو وڃي، جنهن جو اڳئين مضمون ۾ تفصيلي ذڪر ڪبو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو