Home / افيئر / رومانيه : صدر مواخذي کان بچي ويو
above article banner

رومانيه : صدر مواخذي کان بچي ويو

رومانيا جو صدر ٽراين باسڪو پنهنجي مواخذي لاءِ ٿيندڙ ريفرينڊم ۾ بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. رومانيا جي اليڪشن بيورو موجب صدر جي مواخذي لاءِ ٿيندڙ ريفرينڊم ۾ گهربل 50 سيڪڙو ٽرن آئو ٽ بدران 45.9 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن شرڪت ڪئي. باسڪو کي رومانيا جي پارليامينٽ معطل ڪري ڇڏيو هوجنهن کانپوءِ هن پنهنجي حامين کي اپيل ڪئي هئي ته اهي ان ريفرينڊم جو بائيڪاٽ ڪن ته جيئن سندس مواخذو نه ٿي سگهيي.هن جي اها اپيل ڪامياب رهي ۽ هو مواخذي جي ڪارروائي کان بچي ويو. رومانيا ۾ حڪمران ڌر مخالف ڌر جي صدرتي ناجائز اختيار استعمال ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو. ٻئي طرف رومانيه جي صدر ۽ وزير اعظم وچ ۾ ڇڪتاڻ رومانيه جي يورپي پارٽنرز ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو