Home / افيئر / سعودي حڪومت طرفان شامي باغين لاءِ چندي مهم شروع
above article banner

سعودي حڪومت طرفان شامي باغين لاءِ چندي مهم شروع


شام ۾ باغي فوج جي مدد لاءِ سعودي حڪومت طرفان هلايل چندي مهم جي پهرين پنجن ڏينهن ۾ 7،23،30،000 ڊالر گڏ ڪيا ويا آهن. ان چندي مهم ۾ وڏي رقم آل سعود طرفان ڏني وئي آهي. سعودي فرمانروا عبدالله بن عبدالعزيز ان مهم ۾ 3500،000 ڊالر ڏنا آهن جڏهن ته ولي عهد سلمان بن عبدالعزيز ان مهم ۾ 2600،000 ڊالر ڏنا آهن. شامي باغي گروهن لاءِ سعودي عرب طرفان اها مالي مدد باغي ويڙهاڪن جي پگهارن، هٿيارن ۽ مواصلات جي صورت ۾ مهيا ٿيندڙ امداد کانسواءِ آهي، جيڪا آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي معرفت سعودي عرب گذريل ڪيترن مهينن کان شامي باغين کي مهيا ڪري رهيو آهي. سعودي عرب ۾ شامي باغي عنصرن لاءِ حڪومتي سرپرستي ۾ هي چندي مهم اهڙي وقت هلائي پئي وڃي،جڏهن سعودي سيڪيورٽي ادارن جي حراست ۾ درجنين سياسي قيدين جي آزادي لاءِ ملڪ جي اوڀر وارن علائقن سميت ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن دوران سعوري سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 2 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو