Home / سياسي افيئر / سنڌ ۾ پير پاڳارو ايس ڊي اي جهڙو اتحاد ٺاهڻ لاءِ سرگرم
above article banner

سنڌ ۾ پير پاڳارو ايس ڊي اي جهڙو اتحاد ٺاهڻ لاءِ سرگرم

پيرپاڳاري جو چوڻ آهي ته“ هڪ ته عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون ،نگران سيٽ اپ ڊگهو به ٿي سگهي ٿو ۽ جي عام چونڊون ٿي به ويون ته اهي ساڳيا چهرا ايندا، جيڪي هن وقت سرڪار ۾ آهن”هو اها ڳالهه گذريل مهيني کان وٺي مختلف پروگرامن ۾ ڪندو پيو اچي.  پير صعبت الله شاهه راشدي پير پاڳارو ان ڪوشش ۾ رڌل آهي ته سندس مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي متبادل بڻجي سگهي. ان خاطر هو سڄي ملڪ ۾ مسلم ليگي ڌڙن کي متحرڪ رکڻ ٿو چاهي ڇو ته پيپلز پارٽي ملڪ گير پارٽي آهي ۽فنڪشنل ليگ عملي طور سنڌ تائين آهي. مسلم ليگي ڌڙا شايد متحد ڪونه ٿي سگهندا، ڇو ته وڏوپير پاڳارو به اهو ڪم نه ڪري سگهيو. وڏي پير پاڳاري جو چوڻ هو ته نواز شريف سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. البته نواز شريف اڻ سڌي ريت هاڻوڪي پير پاڳاري سان رابطو ڪيو هيو . هن راجا ظفرالحق جي اڳواڻي ۾هڪ وفد پير پاڳاري وٽ موڪليو آهي جيڪو پيرپاڳاري کي پنجاب جو دوروڪرڻ جي دعوت ڏئي ويو آهي پر پير پاڳاري  جو چوڻ هو ته اڳي ئي پنجاب وڃڻجو پروگرام رٿي چڪو آهي. عيد کان پوءِ هو پنجاب جو دورو ڪندو. اهڙي ريتڪجهه ڏيهن اڳ وزير اعظم راجا پرويز اشرف به پير پاڳاري سان ملاقات ڪري ويو ۽ چئي ويو ته هو عيد کانپوءِ سانگهڙ جو دورو ڪندو. پيرپاڳاري چيس ته، تون ڀل سانگهڙ وڃ اسين پنجاب وينداسين . راجا پرويز اشرف جيڪو شاگردي جي زماني ۾ سانگهڙ ۾ مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو عهديدار به رهيوهو .پيرپاڳاري کي ڀل پنهنجو ئي لڳي پر پير پاڳاري جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ هن وزير اعظم کي به چلتو ڪندي. نئين صورتحال ۾ ڇاٿيندو. سڄي رٿابندي ان لاءِ ئي ٿي رهي آهي. نوان سياسي اتحاد  به ان لاءِ جڙي رهيا آهن. پير پاڳارو به ان لاءِ سرگرم آهي. ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ۽ رحمان ملڪ جي موجودگي ۾ افطار پارٽي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته هو واپارين جي حفاظت لاءِ هڪ لک هٿيار بند ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ان مان واضح ٿي ويو ته ايم ڪيو ايم وٽ هر وقت هڪ لک هٿيار بند موجود آهن. وڪي ليڪس جي پراڻي رپورٽ جو اعتراف هن ڳالهه مان ٿي ويو آهي. سو سڀڌريون نوان اتحاد ٺاهڻ ۽ نئين صفبندي ڪرڻ ۾ رڌل آهن.نواز شريف پڻ سنڌ ۾نئين صفبندي ڪري رهيو آهي. سنڌي قومپرستن سان سندس ويجهڙائپ جو نڪوششون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن.اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري وچ ۾ ان تي اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن کان پوءِ موجوده حڪمران اتحاد جي حڪومت ٺهندي يا نه ٺهندي-اڃا تائين آمريڪا به گرين سگنل ڪونه ڏنو آهي. پير پاڳاري جي ڳالهين مان  اهو ٿو لڳي ته اليڪشنٿي تڏهن به ساڳيا ايندا-مطلب ته ساڳيا نه اچڻ گهرجن. ته پوءِ ڀلا ڪير اچڻگهرجي ؟ اها به ڪنهن کي اڃاتائين خبر ناهي پر جهڙي ريت سياست جاگرناري وڏويرا مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿي رهيا آهن يا اتحاد ٺاهي رهيا آهن ان مان ايئن لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن کان اڳ نواز ليگ ۽ قاف ليگ جا ماڻهو به فنڪشنل ليگ جو حصو بڻجي ويندا.


سنڌ ۾ جنرل مشرف جي زماني جو سنڌ ڊيموڪريٽ الائسنس (ايس ڊي اي)ٺهڻ جهڙي صورتحال نظر اچي ٿي. ايس ڊي اي جي حڪومت ۾ پهرين علي محمد مهر ۽ پوءِ ارباب غلام رحيم سنڌ جا وڏا وزير بڻيا هئا ۽ وفاق ۽ ۾ نيشنل الائنسٺهيو هو، جنهن ۾ سڀ ڌريون شامل هيون . نيشنل الائنس ۽ ايس ڊي اي جي پٺيان جنرل مشرف هيو پر اڃاتائين وقت جا جرنيل خود واضح ناهن، ڇو ته 2013ع ۾ ٽن وڏن جو مدو پورو ٿي رهيو آهي. صدر آصف زرداري. فوج جي سربراهه جنرل اشفاق ڪياني ۽ چيف جسٽس افتخار چوڌري جو مدو گڏ پوروٿيندو. صدر سڀني کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ پنهنجي نگراني ۾عام چونڊون ڪرائي هو حڪمران اتحاد کي گڏ اليڪشن وڙهائڻ چاهي ٿو. حڪمران اتحاد ۾ مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ فنڪشنل، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم به پ پ سان  گڏ آهن پر اهي سڀ ڌريون گڏجي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار ناهن. ساڳي ريت پ پ اندر به اهو بحث آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، پ پ ۽ ايم ڪيو  ايم گڏ هونديونته ڪير ڪنهن جي خلاف اليڪشن وڙهندو. پير پاڳاري سان گڏ قاف ليگ جو غوث بخش مهر، شيرازي ۽ ملڪاڻي به شامل آهن ته اين پي پي پي به گڏ آهي. ڪيترائي آزاد سنڌي وڏيرابه پير پاڳاري جي حاضري تي ايندا رهندا آهن.

سنڌ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل يا پير پاڳاري پاران ٺهندڙ نئون سياسي اتحاد پيپلز پارٽي لاءِ وڏو اشارو هوندو رپر ڪير نه ٿو ڄاڻي  ته اڳتي هلي صدر آصف زرداري ڇا ڪرڻ وارو آهي. اعتزاز احسن جهڙو ماڻهو به چوي ٿو ته “ صدر زرداري اتحاد ٺاهڻ ۽ جوڙتوڙ جي سياست جو ماهر آهي” مطلب ته زرداري وٽسڀني جو ٽوڙهوندو آهي پر اصل ڳالهه اصل واڳ ڌڻين ۽ آمريڪا جي آهي ته زرداري مان ڪيترو مطمئن آهن.جيڪڏهن آرمي ۽ آمريڪا جو ايندڙ سيٽ اپ ۾به صدرزردار سان ٺاهه ٿي وڃي ٿو. مطلب نئين چيف آف آرمي ۽ نئين چيف جسٽس تي ٺاهه ٿي ويو. ايندڙ اليڪشن ۾ زرداري اڳيان هوندو. پوءِ ممڪن آهي ته اتحادي به ساڻس گڏ هجن يا ايندڙ عام چونڊون هر ڪو پنهنجي مرضي سان وڙهي اليڪشن کان پوءِ وري اتحاد ۾ شامل ٿئي پير پاڳاري جو اهو به خيال آهي ته کيس اليڪشن ٿيندي نظر نه ٿي اچي . ان ۾ ان ٿيوري جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي ته صدر زرداري ڪجهه مهينا اڳتي مامري کي وٺي وڃڻ ٿو ڇاهي. پر پيپلز پارٽي جا اهم اڳواڻ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن .سندن خيال آهي ته صدر زرداري هلندڙ سال نومبر تائين نگران سيٽ اپ جو اعلان ڪندو. جنوري فيبروري ۾اليڪشن ٿي سگهي ٿي.سو اليڪشن ڀل جنوري ۾ ٿئي يا مارچ ۾ پر عام چونڊون بهرحال 2013ع ۾ ئي ٿينديون اهڙي ريت موجوده سرڪار پنج سال پوراڪندي ۽ جنگ صرف ان تي آهي ته ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي. ان لاءِ نوانٺهندڙ سياسي اتحاد اهم ڪردار ادا ڪندا.

aajizjamalijmali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو