Home / ڪور افيئر / سپريم ڪورٽ ۽ا ايوان صدر جي وچ ۾ ٽنگيل ملڪي نظام
above article banner

سپريم ڪورٽ ۽ا ايوان صدر جي وچ ۾ ٽنگيل ملڪي نظام

پاڪستان ۾ هن وقت ايوان صدر ۽ سپريم ڪورٽ وچ ۾ موجود تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪندي نظر اچي پيو، اهو تڪرار اصل ۾ انهن ٻنهي ادارن جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ آهي، انهي تڪرار جو بنيادي سبب اختيارن

جي بالادستي آهي. هِنن ٻنهي  اهم شخصيتن جون  ٽيمون به سندن پويان  بيٺل آهن،

 

 

هڪ طرف پارليامينٽ سپريم آهي جي دعويداري آهي،  ته ٻئي طرف اهو فلسفو به عام ڪيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ انهي ڪري سپريم آهي ته انهي کي ئي آئين جي تشريح ڪرڻ جو اختيار آهي، ، شايد اهو سبب هو جو هڪ چونڊيل وزير اعظم کي 3 ڀيرا عدالت ۾ طلب ڪيو ويو، ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم عدولي جي ڏوھ ۾ کيس نااهل قرار ڏئي وزيراعظم جي عهدي تان لاٿو ويو،  هاڻي ٻئي وزيراعظم جي وڃڻ جو انتظار آهي. 27 آگسٽ تي سپريم ڪورٽ  وزيراعظم کي طلب ڪيو آهي. انهي ٻڌڻي دوران جيڪڏهن وزيراعظم پيش ٿئي ٿو ته کائنس پڇيو ويندو ته اوهان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي سوئيز عدالتن کي خط ڇو نٿا لکو؟ جنهن جو جواب ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي جو ٻيو وزير اعظم به پنهنجي پيشرو گيلاني جيان ساڳيو ئي  ڏيندو، ته صدر کي هن ملڪ جو آئين اها ڇوٽ ڏئي ٿو، جنهن ڪري پاڪستان جي حڪومت پنهنجي صدر مملڪت خلاف سوئيز اختيارين کي خط نه لکندي. وزير اعظم جي انهي جواب کانپوءِ ڇاٿيڻو آهي، انهي کي هن ملڪ جا سياسي حلقا ۽ عوام ويجهي ماضي ۾ ٿيل ڪاروهنوار جي پس منظر ۾ ڏسن ٿا ۽ پنهنجي راءِ اها قائم ڪن ٿا ته اهو وزير اعظم به نااهل ٿيندو!

 

 


هن دفعي اسلام آباد ۾ ويٺل انهن ” عمائدين وطن“ جي حالت ڪجھ چڱي ناهي، جيڪي پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ،هِن حڪومت جي وڃڻ جون روز تاريخون ڏيندا هئا. هِن حڪومت ذري گهٽ اچي پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي، باقي ڪجھ مهينا رهيا آهن ته ڪنهن ”سازشي“ ميڊيا ۾ اها خبر به هلرائي آهي ته هي حڪومت اڃا به هڪ سال وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. جنهن ڪري هڪ طرف ميان نواز شريف انهي خدشي کي آڏو رکندي انهي تي امڪاني عمل جي نتيجي ۾ مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي طرف حڪومت مخالف ڌريون به انهي خدشن تي پريشان نظر اچن ٿيون . ڪيترين ئي سياسي ڌرين جواهو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس به انهي سلسلي ۾ ڪوٺائي پئي وڃي. انهي ڪري عمائدين وطن هاڻي انهي ڳالھه تي به راضي آهن ته حڪومت ڀلي مدو پورو ڪري پر جيڪڏهن کيس ڪنهن طريقي سان اڃا به وڌيڪ وقت مليو ته پوءِ زرداري صاحب هڪ دفعو وري پاڻ کي صدر چونڊرائي ويندو، جڏهن ته گڏيل حڪمت عملي جي بنيادن تي وزيراعظم بيان ڏئي ٿو ته عام چونڊن لاءِ تيار آهيون، ڪارڪن تياري ڪن. صدر چوي ٿو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. انهي جو مقصد صاف ظاهر آهي ته حڪومت مخالف ڌريون اڃا 6 مهينا انتظار ڪن، جنهن بعد نگران حڪومت ٺهندي، ۽ اها ٽن مهينن ۾ چونڊون ڪرائيندي! يعني نئين حڪومت لاءِ اڃا 9 مهينا گهرجن!!!

ملڪ جي جمهوري حلقن ۾ هاڻي انهي ڳالھه کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ پاران جنهن انداز سان اين آر او عملدرآمد ڪيس کي هلايو پيو وڃي اهو هاڻي قانوني گهرجن ڏانهن گهٽ پر  ذاتيات ڏانهن وڌيڪ وڌي رهيو آهي. جڏهن جج صاحبان ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ٽي وي چينلز جي پروگرامن جا حوالا ڏين ٿا ۽  اٽارني جنرل کي چون ٿا  ته قانون وارو وزير ته فلاڻي ڳالھ ڪري ٿو ۽ اوهان جيڪو عدالت ۾ سرڪار جو  موقف بيان ڪريو ٿا اهو مختلف آهي، تڏهن اٽارني جنرل به حيران  ٿئي ٿو ته هِن عدالت آڏو ته اها ڳالھه ڪئي ئي ناهي ته پوءِ جج صاحب اها ڳالھه ڪيئن ڪري ٿو ،؟ هو جڏهن انهي قسم جي اطلاع بابت آگاھي حاصل ڪرڻ جي گذارش ڪري ٿو ته کيس چيو وڃي ٿو ته اها ڳالھه ته قانون وارو وفاقي وزير فلاڻي ٽاڪ شو ۾ چئي رهيو هو. سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته اهي ٽي وي ٽاڪ شو جيڪي راءِ عامه هموار ڪرڻ جي ايجنڊا جو حصو هوندا آهن ، جيڪڏهن اسان جا جج صاحبان به اهي پروگرام ڏسي رات جو سمهندا ته انهي تاثر کان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهندا؟

هاڻي ته چيف صاحب جي پُٽ جون ڳالھيون به بازارِ سرعام آهن. پاڪستاني  ميڊيا جو وڏو حصو صدر زرداري خلاف انهي ڪري به آهي ته هُن جي چيف صاحب سان ٺهي نٿي، اها ميڊيا سڄو ڏينهن چيف صاحب کي ميڊيا ۾ اِن رکي ٿي. پاڪستان ۾ چيف صاحب هيئنر اڪيلو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ميڊيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جاءِ والاري ٿو. جڏهن به حڪومتي سطح تان انهي قسم جو ڪو تاثر سامهون اچي ٿو ته سپريم ڪورٽ کان پارليا مينٽ جا اختيار وڌيڪ آهن ته مختلف شهرن ۾ حڪومت خلاف ۽ چيف صاحب جي حق ۾ مظاهرا شروع  ٿي  ٿا وڃن، ۽ انهن مظاهرن ۾ عدليه آزادي ڪنهن به صورت ۾ برقرار رکڻ جو عهد ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي به انهي ڳالھه جي دعويدار آهي ته عدليه جي آزادي جي تحريڪ ۾ جنهن پارٽي جي ڪارڪنن جو سڀني کان وڌيڪ رت وهيو اها  خود پيپلزپارٽي ئي آهي، پر پيپلز پارٽي جي انهي قرباني کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي. تحريڪ انصاف به نه! جنهن جي سينٽرل ڪميٽي ۾ اهو جيالو اسرار شاھ به ويل چيئر تي ويهي ٿو، جيڪو عدليه جي آزادي جي  تحريڪ دوران  لڳايل ڪيمپ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ پنهنجيون ٻئي ٽنگون وڃائي ويٺو هو،

هلندڙ مهيني سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران ملڪ ۾ ٻن اهم وڪيلن جا رد عمل انتهائي خطرناڪ سامهون آيا آهن. اهي ٻئي وڪيل عدليه آزادي جي تحريڪ  جا روح روان رهيا آهن.جن ۾ هڪ اعتزاز احسن ۽ ٻي عاصمه جهانگير آهي. اعتزاز  احسن جو چوڻ هو ته عدليه هاڻي آئين کان به آزاد ٿيندي ٿي وڃي، ۽ عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته “راند جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي” هن اهو واضح طور تي سپريم ڪورٽ مٿان الزام هنيو ته هو ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. جڏهن ته بار ايسوسيئيشن جي صدر ياسين آزاد جو چوڻ آهي ته صورتحال خطرناڪ رُخ اختيار ڪندي ٿي وڃي، انهي کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته ڪا ٽئين قوت سامهون اچي ويندي، هِن جواشارو فوج ڏانهن آهي.

انهي صورتحال کي سامهون رکندي پاڻ جيڪڏهن امڪاني نتيجن جو جائزو وٺون ته هاڻوڪو جهيڙو جيڪو اصل ۾ اختيارن ۽ حاڪميت جو آهي اهو انهن ٻنهي ادارن جي وچ ۾ آهي. سپريم ڪورٽ کي هن ملڪ جي سول سوسائٽي جي 50 سيڪڙو حصي، ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته صدر جي پويان سندس سڄي پارٽي، ۽ اتحادي جماعتون پارليامينٽ جي شڪل موجود آهن. انهي جو واضح مثال اهو آهي ته انتهائي تڪڙ ۾ پاس ڪرايل توهين عدالت جو قانون آهي جيڪو پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي تڪراري ٿي چڪو هو. جنهن تي زبردست عوامي رد عمل جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادي جماعتن کي شرمندگي به ڏسڻي پئي هئي، پر اهي ڌريون اڃا به زرداري صاحب سان بيٺل آهن. انهي ڪري انهن ٻنهي ادارن وچ ۾ هلندڙ تڪرار ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن جي به حق ۾ نه ويندو، اهو جهيڙو جيترو وڌندو ايتري ٻنهي ڌرين جي خواري وڌندي. انهي ڪري انهي ۾ سپريم ڪورٽ کي ڪو فائدو نه پهچندو، ۽ پيپلز پارٽي  کي به ايندڙ ڏينهن ۾ گهڻو نقصان برداشت ڪرڻُو پوندو، زرداري صاحب ايندڙ چونڊن ۾ ڀلي بينظير جي قاتلن بابت سامهون ايندڙ سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي، پر پنهنجي پارٽي کي بينظير ڀٽو جي قبر جي مبينه ٽرائل خلاف کڙو ڪرڻ جي سگھه ضرور  رکي ٿو،

پاڪستان ۾  هڪ ڳالھه، جنهن تي هن ملڪ جون سموريون  ڌريون متفق آهن اها آهي  ملڪ جي اقتدار اعلي ۾ سڌي فوجي مداخلت خلاف هڪ آواز هئڻ، پاڪستان جي سپريم ڪورٽ، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ(ن) ۽ ٻيون به گهڻيون پارٽيون جيڪي فوج جون حمائتي به آهن پر فيس سيونگ لاءِ هو ڪنهن به صورت ۾ ان قسم جي مداخت جي حمايت نه ڪري سگهنديون. پاڪستان جي ميڊيا به انهي ڳالھه تي پختو يقين رکي ٿي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته هو آزاد به آهي، جيڪڏهن جمهوريت نه هوندي ته ميڊيا به نه هوندي، انهي ڪري انهي ڳالھه جا آثار نظر نٿا اچن ته ڪو سپريم ڪورٽ جي حمايت يا ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ فوج اچي ۽ ان کي عوامي سطح تي ڪا پذيرائي به ملي. ٻي ڳالھه ته هاڻي 77ع ۽ 99 ع ناهي، جڏهن فوج جا ڪجھه ٽرڪ اسلام آباد جي  ميريٽ هوٽل کان هڪ ڪلوميٽر جي چئو طرف ايوان صدر ، ۽ ٻين سرڪاري عمارتن سميت  پي ٽي وي جي بلڊنگ جون ڀتون ٽپي قبضو ڪري وٺن ، هاڻي ته هن ملڪ ۾ 2 ڊزن کان وڌيڪ نيوز چينل آهن ،ڪنهن ڪنهن چينل جون ڀتيون ٽپندا؟

انهي ڪري اها ڳالھه ذهن ۾ رهي ته ڪابه اهڙي تبديلي نٿي اچي جو عمائدين وطن جي خواهش موجب ايوان صدر مان صدر کي ٻانهون مٿي کڻائي وٺي وڃجي ، ۽ نه پيپلز پارٽي انهي گمان ۾ آهي ته هو ڪنهن آرڊيننس  ذريعي سپريم ڪورٽ کي ڌڪي وجهي. پيپلزپارٽي تمام گهڻي سياڻي آهي ۽ هو سپريم ڪورٽ پاران پاڻ خلاف ٿيندڙ ڪاررواين تي پنهنجي ووٽرن ۾ حمايت حاصل ڪرڻ ڪامياب ٿي وئي آهي، هاڻي جيڪڏهن ٻيو وزير اعظم به  وڃي  ٿو ته ان جو فائدو به ساسي طور تي پيپلزپارٽي کي ٿيندو. جڏهن ته پيپلزپارٽي مخالف قوتون به ڪنهن به صورت ۾ اهو نٿيون چاهين ته پيپلز پارٽي کي آخري وقت ۾ سياسي شهادت ڏياري کيس پنهنجي ووٽرن ۾ وڌيڪ مقبو ل بڻائجي، سو ڳالھه اها آهي ته جيڪڏهن مٿان کان صفا ڪا ڦِٽل ناهي ته في الحال تبديلي جو  ڪٿان به ڪو امڪان نظر نٿو اچي. رهي ڳالھه پيپلز پارٽي جي ته انهي کي پاڻ اهو فيصلوڪرڻو آهي ته هو پنهنجي اقتدار جي آئيني مدي دوران ئي انهي تڪرار جو نبيرو ڪري وٺي ، ٻي صورت ۾ ملڪ جي سمورين ڌرين جي اتفاق راءِ سان قائم ٿيندڙ نگران حڪومت  جو وزير اعظم سوئيز اختيارين کي خط لکندو، ۽ زرداري صاحب صدر هوندي به ڪجھه نه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته صدر کي حاصل آئيني ڇوٽ کي سپريم ڪورٽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. حڪومت وٽ هِن وقت، وقت آهي، ۽ پاڻ ٻه قدم پوئتي هٽي، انهي ڪري وچ جي رستي کانسواءِ ٻيو ڪوبه گس ناهي جتان هِن بحراني صورتحال مان نڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ هڪ شخص خلاف فيصلي تي عملدرآمد چاهي ٿي، پر ٻئي پاسي سڄو نظام آهي جيڪو داءُ تي لڳل آهي. انهي ۾ انهي شخص جو  سياسي ڪمال ئي چئي سگهجي ٿو جيڪو پاڻ کي بچائڻ لاءِ هاڻي سڄي نظام کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي سمورن اختيارن سان گڏ بيٺل آهي. انهي ڪري اسلام آباد ۽ پنڊي جا مقتدر حلقا اها ڳالھه سمجهن ٿا ته اهو هڪ شخص ويو ته گهڻن کي لوڙهي ويندو. Email:razak.khatti@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو