Home / پروفائيل / شمشير الحيدري جو وڇوڙو اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
above article banner

شمشير الحيدري جو وڇوڙو اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

سنڌ جو قلندر صفت شاعر، اديب ۽ دانشور شمشير الحيدري 81 ورهين جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو ، يقيني طور اهو خال ورهين ته ڇا صدين تائين نه ڀرجي سگهندو، ڇو ته هر ماڻهو جي پنهنجي سرهاڻ ، خوشبو

،مڻيا ۽ ڪردار هجي ٿو. شمشير جهڙي مڻيا ٻئي ۾ ڪٿي، بلڪه ڪير ڪنهن جو نعم البدل ٿي سگهي، ممڪن ئي نه آهي. هو جو شمشير چوندو هو ته :

 

جهان عشق جو سردار آخري آهيان

حضور حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان

ملنگ مست الستي قلندري آهيان

عجب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان

سو هزارن ۾ حيدري وارو نعرو هڻندڙ، حيدري مُئي پڄاڻان به حيدري ئي ثابت ٿيو جو کيس مرڻ وارو ڏينهن به حضرت علي عه جي شهادت وارو ڏهاڙو نصيب ٿيو.ڀلي ڀلئون جو ڇيهه ناهي باقي شمشير ڌرتي سان ڪميٽيڊ، ايماندار ۽ خود دار شخص جو نالو هو.هن زندگي ۾ ننڍيون ملازمتون به ڪيون ته وڏن عهدن تي به رهيو پر ايمانداري سان فرض نڀائڻ هن شخص جو خاصو هو. اهوئي سبب هو جو هو سڄي زندگي ڪکن پنن جي جهوپڙي نما پاڪستان ڪواٽرز گارڊن واري گهر۾ رهيو پر ڪنهن آڏو نه ته هٿ ٽنگيائين نه وري ڪنهن کي وڃي ڏوراپوڏنائين.انهي حد تائين جو بيماري ۾ به ڪنهن کي نه ڪا اپيل ڪيائين نه وري علاج جو مطالبو . اهو وَڙ هو شمشيرجو.“ غربت ۽ هٿ تنگ هجڻ دوران شمشير کي رُکي ماني پاڻي ۾ ٻوڙي کائيندي به ڏٺوسين، پر ان تي به اَرهو نه هوندو هو” پراڻو قومي ڪارڪن باغ علي ٻگهيو ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو.

شمشير سنڌ ۾ فڪري لحاظ کان 60 واري ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سيڪيولر فڪر جي ڦهلاءَ به لاءِ وڏو ڪم ڪيو. سماج جي ڏک سک کان ويندي هي شخص پنهنجي ڏک ۽ سک جي وارتا کان با خبر هوندو هو. هن مونکي انٽريو دوران ٻڌايو پئي ته منهنجي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ٽڪو به ڪونهي، ڇوڪونهي اها به خبر اٿم ٻئي ڪنهن جي بئنڪ بئلينس ۾ گهڻا ڏوڪڙ آهن، ڇو آهن اها به خبر اٿم ان ڪري گهٽ ۽ وڌ ڏوڪڙن جي ڪڏهن به خوشي ۽ ڏک نهٿيندو اٿم.”

شمشير جتي سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هو اتي هن ون يونٽخلاف جدوجهد ۾ به پاڻ ملهايو. سنڌي ادبي بورڊ جو جڏهن سيڪريٽري ٿيو تڏهن به هن فقير منش شخص ڏينهن رات هڪ ڪري ٻاهران بيٺل جهنگڪٽرائي بورڊ کي هڪ علمي ۽ ادبي ادارو بڻائڻ ۾ پنهنجو نور نچوئيو. ڌرتي سان عشق ۽ ڪمٽمينٽ جو سندس اهو عالم هوندو هو جو هن جڏهن اڳوڻي پاڳاري شاهه مردان شاهه جي مهراڻ اخبار ۾ ايڊيٽر طور جوائن ڪرڻ لاءِ پير صاحب سان مليو هو، تڏهن  پير صاحب کائنس پهريون سوال پڇيو هو ته “ اوهين شاعر به آهيو، چون ٿا ته شاعر عشق بنا نٿو ٿئي ، اوهان به ڪو عشق ڪيو ؟ “هن فقير طبعيت رکندڙ شخص جو نهايت سادو جواب هو:“ عشق رڳو زائفان سانڪونه ٿيندو آهي،عشق وطن سان به ٿيندو آهي. وڻن ٽڻن ،گلن ڦلن، قدرتي منظرن سان به ٿيندو آهي.” ايئن پوءِ هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته مهراڻکي حُرن جي اخبار مان عام سنڌي ماڻهن جي اخبار بڻائي ڏيکاريائين. ان پٺيان يقيني طور تي سندس Vision ۽ ڪميٽمينٽ جو وڏو هٿ هو. ايئن وري 14 آگسٽ 1983ع کان ملڪ ۾ جڏهن جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ هلي ته باوجود انهي جي ته تڏهن پاڳاري صاحب جا حُر سرڪاري عمارتن جي حفاظت لاءِ پهريدار ٿي بيٺل هئا، ۽ سرڪار سان سندن اتحاد هو، پر “مهراڻ” جا ايڊيٽوريل ان ڳالهه جي گواهي ٿا ڏين ته شمشيرالحيدري پنهنجي ڌرتي سانڪميٽمينٽ کان غافل نه هو، ان ڪارڻ ئي هن پنهنجي نوڪري داءَ تي لڳائيڇڏي پر هڪ آمر جي غير جمهوري روش جي حق ۾ هڪ اکر به نه لکيو.

شمشير جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو تڏهن بورڊ جي حالت نهايت خراب هئي. بلڊنگ ٻاهران جهنگ ئي جهنگ هو، داخلي رستي تي اوندهه جو راڄ هوندو هو پر هن شخص اچڻ شرط ان اداري جي مهانتا کي مان ڏنو. مونکيٺيڪ طرح سان ياد آهي ته تن ڏينهن ۾ آءُ يوسف سيف ۽ نديم گل عباسي ساڻس انٽريو ڪرڻ لاءِ بورڊ سان لڳو لڳ سيڪريٽري واري بنگلي تي وڃي ترسيا هئاسين ، رات جو ڀرپور ڪچهري ٿي، سوم رس به واپرايو سين. ايئن ڀانيان ٿو ته رات جي ٻين وڳي تائين ويٺا رهياسين،پوءِ ستاسين ته اسان کي ته زماني جي خبر نه رهي پر ٺيڪ 5 وڳي صبح جو شمشير اٿي ويهي رهيو ڪم ڪرڻ ، پنهنجي چانهه پاڻي ٺاهيائين ۽ 8 وڳي اسان کي به اٿاريائين ته بابا صبح ٿي ويو آهي، نوجوان آهيو اڃا تائين ستاپيا آهيو. مان پوڙهو صبح جو سويل اٿيو آهيان، اچو ته گڏجي وري چانهه پيئون.

حقيقت اها آهي ته ادبي بورد ۾ سيڪريٽري هجڻ دوران توڙي ان کانسواءِ شمشير صبح جو سوير اٿي ايڊيٽنگ ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي لڳي ويندو هو. اهو سندس روٽين هو. اهو جاکوڙ ۽ جهد مسلسل جو نتيجو ئي هو.هو  شاندار شاعري ۽نثر سرجڻ کانسواءِ والٽيئر جو ڪتاب ترجمو ڪري سگهيو ۽ 40 کان مٿيڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ شاندار علمي ادبي ادارو ٺاهڻشمشيرالحيدري جو خواب هو ليڪن ان دور ۾ ڪن لاٺڙين کيس ايترو ته رنج پهچايو جو پڇاڙي هو پنهجا ڪم ۽ عهدو اڌ ۾ ڇڏي آيو“ رات جو شرارتي ماڻهو بورڊ جا ٻاهريان بلب ڄاڻي ٻجهي ٽوڙي وڃن ٿا ۽ هوائي فائرنگ به اچي ڪنٿا ته جيئن شمشير هتان هليو وڃي پرآءُ ادب جي خدمت جو جذبو کڻي هتي آيو آهيان ،مونکي ٻيو ڪجهه نه گهرجي ” تنهن رات هو اسان دوستن کي ٻڌائي رهيو هو. اسان سنڌي ڪيڏا بي حس آهيون جو جيئري پنهنجن عالمن، ڏاهن ۽ دانشورن سان اها روش ٿا رکون ۽ مُئي پڄاڻان سندن اعزاز ۾ تعريفون ڪندي نٿاٿڪجئون. اهو ڏکوئيندڙ صورتحال جو هڪ عملي پهلو آهي جنهن تي اسان کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي.

سائين شمشير سان آخري ڀيرو ملاقات سندس پاڪستان ڪواٽرز واري گهر ۾ ٿي هئي، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ۽ باغ علي ٻگهيو به ساڻ هئا. علم ۽ گفتار جو گوهر شمشير اسان جي اڳيان هجي پر سڄي زندگي سنڌ جي علم، ادب ۽ شاعري ڪاڻنورنچوڙئيندڙ شخص اڄ پاڻ بي نور هو، جهيڻي نظر هئس، آواز تي ٿي سڃاتائين“ ادا، سڄي زندگي انهن اکين سان گهڻو ڪجهه ڏٺوسين، هاڻ اهي ساٿنٿيون ڏين ته ڇا ٿيو،هاڻ اکين وارو ڪم ڪنن کان وٺبو” هو چوي ٿو.

آءُ پنهنجا بخت ڀلا ٿو ڀائيان جو سنڌ جي ڪافي سينيئر اديبن، دانشورن ۽شاعرن سان محبت وارو رشتو رهيو آهي. اهڙوئي رشتو سائين شمشير سان به هو. اسان سيپٽمبر 2005 ۾ جڏهن پندرهنوار “ افيئر” ۾ ايم آرڊي تي اسپيشل ايڊيشن پئي آندو تڏهن سائين شمشير کي مون عرض ڪيو ته سائين مهراڻ اخبار مان پنهنجي نيڪالي ۽ ان دور جي حالتن بابت لکي ڏيو، ته هن اها ڳالهه قبولڪئي.ايئن هن “ ايم آر ڊي ۽ پيرپاڳارو” جي عنوان هيٺ مضمون لکيڏنو،جيڪو هڪ تاريخي دستاويز آهي. ان کانپوءِ وري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي تڏهن هن پاڻ فون ڪري مونکي “سنڌ راڻي” جي عنوان سان هڪمضمون موڪليو هو، جنهن جو لب لباب اهو هو ته سنڌ راڻي سنڌ جو هڪ تاريخيڪردار آهي، جنهن جو تعلق مير باگي سان آهي ،جيڪا اڳ ۾ ئي موجود آهي. انڪري بينظير ڀٽو کي سنڌ راڻي چوڻ جي غلطي نه دهرائي وڃي .گهٽ علميت رکندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا دوست جن اهو غلط ٽرم استعمال ڪرڻ جي روايت وڌي هئي، انهن اها روش اڃا به ترڪ ناهي ڪئي پر شمشير ويندي ويندي کين صحيح راهه ضرور ڏيکاري ويو. ان ڪري ان درست راءِ کي ليکي ۾ آڻڻ کپي.

خبر ناهي ته شمشير پڄاڻان سندس علمي ۽ قلمي پورهيو سهيڙجي به سگهندو يا ضايع ٿي ويندو ؟ پر هن ذاتي طور ڪيئي ڀيرا مونکي ٻڌايو هو ته هن پنهنجي بايو گرافي جو ڪم ڪافي اڳتي وڌايو آهي. اهو ڪم نهايت اهم آهي. ان ڪري سندس لائق اولاد علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي کپي ته اهي شمشير جو علمي ۽ ادبي پورهيو ڪنهن به صورت ۾ ضايع ٿيڻ کان بچائين ۽ ان کي سهيڙي عوام آڏو آندو وڃي، جيئن لڳ ڀڳ هڪ صدي جيئرو رهندڙ، تاريخ جا لاها چاڙها ڏسندڙ شخص جي سوچ ،فڪر ۽ علم مان سڄي سنڌ لاڀ ماڻي سگهي.

hamsafargadehi@gmail.com

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو