Home / ڪرنٽ افيئر / فطرو ڏيو يا جان
above article banner

فطرو ڏيو يا جان

 

انڪار معنيٰ موت، نه معنيٰ طاقت کي للڪارڻ . اهڙو عمل ناقابل برداشت آهي.انهي شهر ۾ جتي غنڊه گردي ،داداگيري، ڦر، دهشتگردي، قتل وغارت گيري، اغوا، ڀتا ۽ هر قسم جو ڏوهه ڪرڻ وارن جي پٺي تي سياسي هٿ موجود آهن. هي شهر ڪراچي آهي. هتي جان جي پناهه صرف “ها” ڪرڻ ۾ آهي. يا خاموش رهڻ ۾ . ڏوهه ٿيندي ڏسو ته به چپ رهو. جيڪڏهن ڏوهه توهان سان ٿئي ته بنهه نه ڪڇو. هرمهيني هرمارڪيٽ مان هر دڪان دار  مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي ڇڏيل غنڊن کي انتهائي احترام سان پنهنجي مال مان ڪجهه حصو ضرور ڏئي ٿو.اهو ڏيڻ ۽ وٺڻ وار عمل انتهائي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنو ويندو آهي. وٺڻ واري کي چڱي طرح خبر هوندي ته ڪيتريون ٻڙيون برداشت ڪرڻ واري ڌر آهي ته ڏيڻ واري کي اڳين جي طاقت جي. منٿلي ڀتي کان علاوه ڪنهن جلسي، پروگرام يا عرس لاءِ به اضافي ٻوجهه ڪارو باري حضرات کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي،جنهن لاءِ هو ذهني طور تيار رهندا آهن. صرف ڪجهه بارگين ڪرڻي پوندو آهي. ها ڀتا خوري درحقيقت غنڊه ٽيڪس آهي.پر مذهبي آڙ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ته انهي کي ڇاچئجي؟ هر سال جيان هن سال به رمضان جي مهيني ۾ شهر جي هردڪان ، ڪارخاني، اسپتال (خانگي) ۽ هر گهر ۾ان فطري جي آڙ ۾ ڀتو يا غنڊه ٽيڪس ورتو وڃي ٿو.سال جي يارهن مهينن ۾ وٺجندڙ ڀتي کي تحفظ جو نالو ڏنو ويندو آهي. پوءِ رمضان ۾ جبري فطري کي ڇاچئجي ۽ سمجهجي ؟ فطرو ڏيندو ته اسلام رهندا نه ته خارج؟ ظلم ته اهو آهي.جو غيرمذهب وارا به معاف نٿا ڪيا وڃن! منهنجي هڪ هندو دوست فطري جي نالي ۾ وٺجندڙ ڀتي ۾ پنهنجو حصو ڏيڻ کان پوءِ مون کي آٿت ڏيندي چيو ته، “آءٌ سمجهان ٿو ته هي مسلمانن جو ڪم ناهي.” پڇو مانس ته ڇاپوءِ آهي غير مسلم هئا ؟ “ نه، هنن جو مذهب سا ڪو تعلق نٿو ٿي سگهي” هو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمجهدار ماڻهو هيو نه ته عام غير مسلم ته هن کي مذهب سان ڳنڍيندو. شهر جي مختلف علائقن ۾ رمضان ۾ پان ۽ گٽڪا چٻاڙيندڙ اهي نوجوان ڪنهن گهر ۾ 2 ته ڪٿي 4 ۽ ڪٿي 10 پرچيون ڏئي 80 کان 100 رپيا في پرچي وصول ڪن ٿا. ڪٿي صرف پرچي تي في فرد ۽ رقم لکيل آهي ته ڪٿي انهي پرچي تي ڪنهن فلاحي اداري جو نالو لکيل آهي.هي جوان ڪيئي جاين تي هڪ پرچي تي پنج هزار کان پنجاهه هزار ته ڪٿي ڪٿي لک کان به وڌيڪ فطرو وٺن ٿا.

فطري جي رقم في فرد کي ڏيڻي آهي اها به ڪنهن مستحق کي.انهي ۾ ان فرد جي مرضي آهي ته ڪنهن کي ٿو مستحق ۽ حقدار سمجهي ڏي.پر هي ته مذهب جي نالي ته سئين سڌي غنڊه گردي آهي،جيڪا هن شهر ۾ ڪافي عرصي کان عام آهي. رياستي ادارا ۽ مذهبي ڌريون به هن کان واقف آهن. جيڪي مذهب جي نالي تي  ڪنهن کي ماريندي دير نٿا ڪن. پر اهڙي ڪڌي ڪم تي هنن جي زبان مجال جو کلي. هر علائقي ۾ ڪجهه مخصوص نوجوانن کي هڪ خاص حد تائين رقم گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنل آهي ۽ اهو هنن کي ڪنهن به صورت ۾ پورو ڪرڻو آهي. انهيءَ رقم مان ڪجهه فيصد انهن جوانن جو به رکيل آهي جيئن هو به پنهنجي عيد ٺٺ سان فطري جي ميڙيل مال سان ملهائي سگهن.

رمضان جي ٻي عشري ۾ اورنگي ۾ رحمت پور چوڪ جي نوجوان شاهد کي دوست سميت گولين سان پروڻ انهي ڪري ڪيو ويو ته هن چاليهه هزار فطرو ڏيڻ کان انڪار ڪيو.انهي واقعي کان پوءِ علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو ۽ انهي پارٽي جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي. انهي علائقي ۾ قائم يونٽ آفيس کي پڻ نقصان پهچايو ويو.ڪجهه دير اها خبر ميڊياتي هلي پر صرف هڪ ڪلاڪ جي اندر اها خبرايئن گم ٿي ڄڻ ٻه انسان نه پر ڪي مڇر مئا هجن.ڪجهه ڪلاڪن کان بعد ته علائقي واسي به چپ ٿي ويا ۽ ظلم جي حد ته اها هئي جو ٻي ڏينهن انهي گهر ۾تڏو به نه وڇايو ويو. جو ان پٽ جي بيگناهه موت تي پيءُ جي اکين ۾ پاڻي به نه هو. انهي کي اهو چئي چپ ڪرايو ويو ته چار پٽ ٻيا به اٿئي. شاهد جي پيءُ سميت سڄي گهر ڳالهائڻ کان کتو جواب ڏئي  ڇڏيو پر انهي خاموشي ۾ جيڪا التجا هئي هو هڪ عام ماڻهو جي سمجهه کان مٿاهين هئي. اهڙي بي وسي جو موت جو گمان ٿئي .

نه صرف ايترو بلڪه شاهد جي گهر تي اچڻ ۽ وڃڻ واري هر شخص تي نظر رکڻ لاءِ موٽر سائيڪلن تي گلين ۾ جوان به تعينات ٿيل هئا، جيڪي فون ذريعي پنهنجن وڏن کي آگاهه ڪندا ٿي رهيا. شاهد فطري ڏيڻ کان اعتراض نه ڪيو هو پر 40 هزار ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن کي چيو ويو ته تنهنجو ڪارخانو آهي ۽ تنهنجي لاءِ اها رقم ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هن انڪار ڪيو ۽ بدلي ۾ کيس موت ملي.هڪ شاهد کي مارڻ سان سڄي شهر ۾ فطري جي وصولي ۾ آساني ٿي وئي. مجال آهي جو ڪو ڪڇي.

ٺيڪ پنج ڏينهن پوءِ اورنگي ۾ پيپلز پارٽي جي جيالي انور بنگالي کي فطري نه ڏيڻ تان سرعام قتل ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ آيا، جنازي ۾ شريڪ ٿيا، ميڊيا تي سياسي بيان ڏئي هليا ويا ۽ انهي ڏينهن انهي علائقي مان شام جو ماڻهن خوشي خوشي فطرو ڏنو.

پاڪستان جي هر سياسي ۽ مذهبي پارٽي ڪراچي ۾ موجود آهي. متحده جي علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ وصولي۽آساني سان ٿئي ٿي جڏهن ته گهٽ اثررسوخ وارن علائقن ۾ ٽارگيٽ وڏو رکيو ٿو وڃي ۽ اعتراضء جي صورت ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيو وڃي،جنهن جو به سڌو سنئون فائدو پارٽي کي ئي ٿئي ٿو.متحده جي ريس ڪندي عوامي نيشنل پارٽي به ٻه سال کن اهو ڌنڌو شروع ڪيو پر پارٽي ساک کي مدنظر رکندي فطرو وصولي تي سخت پابندي وڌي وئي آهي.ڪجهه علائقن ۾ انفرادي طور فطرو وصول ڪيو وڃي ٿو. باقي مذهبي جماعتن ۽ رجسٽرڊ مختلف ذاتين جي جماعتن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ٽيبل ڪرسيون لڳائي هر سال جيان هن سال به وصولي شروع ڪئي آهي.جنهن لاءِ هو چون ٿا ته ڪا زبردستي ناهي جيڪي ڏيڻ چاهي ٿو اهو ڏي.

فطري جي وصولي سان گڏ وگڏ هڪ ٻيو به ڪم ٿيندو آهي- هڪ ته هو گهر سروي ڪندا آهن ۽ ٻيو پنهنجو رعب ۽ دٻدٻو به ڇڏي ويندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ شهري جماعت وٽ هر گهر جي مڪمل ڄاڻ موجود هوندي آهي.جيڪڏهن رهائشي پراڻو آهي  ته ٺيڪ نه ته نئين ڪرائيدار سان به هيلو هاءِ ٿي ويندي . هونئن ته يونٽ / سيڪٽر جا زميدار انتهائي ڦڙتيلا ۽ هوشيار آهن جو هو گهر گهر کان چڱي طرح واقف هجن ٿا. هن ڀيري هڪ پارٽي جا ڪارندا ٻي پارٽي جون پرچيون استعمال ڪندي ڏٺا ويا آهن،جيئن سندن پارٽي تي آڱر نه کڄي . جڏهن ته فطرو ڏيندڙ چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته ڪنهن کي پنهنجي حق حلال جي ڪمائي مان مذهب جي نالي ته ڀتو ڏنو وڃي پيو.دلچسپ ڳالهه ته اها آهي جو ڪراچي ۾ هر فرد فطري جي رقم ٻه ڀيرا ڏي ٿو.  هڪ پنهنجي مرضي خلاف ۽ هڪ مرضي موجب، ڪنهن مستحق کي دڪاندارن يا ڪاروباري ماڻهو سان ته ان کان وڌيڪ جُٺ ٿئي ٿي جو هو هڪ کان وڌيڪ پارٽين کي فطرو ڏي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪاروباري سرگرميون اهڙيون ناهن رهيون جو اهڙي قسم جي “ زڪوات” ڏيڻ سان انهن تي ڪو خاص فرق به پوي.“ اسان اها رقم وري گراهڪن مان ڪنهن نه ڪنهن انداز سان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون” هڪ دڪاندار مُسڪرائيندي چيو. مطلب ته جبري فطري جو ٻوجهه به غريب عوام تي !

جيتوڻيڪ اهو تاثر عام آهي ته اهڙين وصولين جي شروعات متحده ڪئي، پر فطري جي وصولي سڀ کان پهرين جماعت اسلامي شروع ڪئي. هن جو مقصد هو ته خلق خدمت فائونديشن جي ذريعي منظم انداز سان انسانيت جي خدمت ڪري سگهي. ٻڌايو اهو وڃي ٿو ان وقت فطري بغير ڪنهن زور زبردستي جي ورتو ويندو هو. صرف ڪئمپ لڳندي هئي يا پارٽي ڪارڪن انهي ڪار خير ۾ پاڻ ئي حصو وجهندا هئا. اهو فطرو اٽي جي اڍائي سير قيمت جيترو يا جيڪو انهي کان وڌيڪ ڏيڻ چاهي ته ڏيندو هو.گهر گهر يا دڪان دڪان يا آفيس آفيس وصولي گهٽ ٿيندي هئي. جڏهن حساب ڪيو ويو ته خبر پئي ته اهو ته بهترين ڪاروبار آهي ۽ اهو به خلق خداجي خدمت جي نانُ تي ته متحده به ميدان ۾ لهي پئي.شروعات ۾ فطرو وصول ڪيو ويو پر اهو نه ٻڌاويو ويندو هيو ته اهو خرچ ڪهڙي “ مستحق” عوام تي ٿيندو – پر پوءِ … ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي… خدمت خلق فائونڊيشن ٺاهي وئي جنهن  ڪافي ڪم سولا ڪري ڇڏيا. پوءِ ته سڀني ڌرين اهو ڪم شروع ڪيو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو