Home / ويندي ويندي / نيم حڪيم
above article banner

نيم حڪيم

آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٽوٽي همراهه رهندو هو، جنهن کي ڪو اهڙو سهل ڪم سکڻ جو سوق هو جنهن سان پگهر به نه نڪري ۽ڏوڪڙ به ملي. هڪ ڏينهن ان ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ آيو جنهن پنهنجو تعارف حڪيم طور ڪرايو ۽ رات رهي، ماني ٽڪي کائي صبح ٻه چار مريض تپاسي چڱا ڏوڪڙڪمايا ۽ رمتو ٿيو. کائڻ جي کري ۽ ڪم جي ٻري همراهه کي حڪيم جو ڪم وڻيو سو ڳوٺ کان پرڀرو وڃي حڪم جو پاسو ورتائين ته مون کي پنهنجي شاگردي ۾ آڻيو. حڪيم وٽ به چڱو بار هو سو کيس مفت ۾ گڏهه ملي ويو. حڪيم اڳيان هي همراهه پٺيان. نيٺ رات وڃي هڪ ڳوٺ وٽ رسيا. حڪيم پنهنجو تعارف ڪرايو. ڳوٺ وارن کين رات آرام ڪرڻ لاءِ چيو. صبح ٿيو تهڳوٺ وارن هڪ ڏاچي آڻي اوطاق تي بيهاري ته “حڪيم صاحب، هن کي تپاس،ڏاچي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.” حڪيم صاحب تپاس ڪئي. ڏاچي جي ڳاٽي ۾وڏو ڳوڙهو هو. حڪيم ڳوٺ وارن کان پڇيو ته ڳوٺ جي آسپاس گدرن ۽هنداڻن جون واڙيون آهن ڇا؟ ڳوٺ وارن ها ڪئي. حڪيم کين ڏاچي کي ليٽائڻلاءِ چيو. ڳوٺ وارن ڏاچي ليٽائي. حڪيم صاحب ڀر ڪري ڏاچي جي ڳاٽي تي لت هنئي. ڏاچي جي نڙي ۾ ڦاٿل هنداڻو ڀڄي پيو. ڏاچي نئون بنو ٿي اٿي. واهه واهه ٿي وئي. حڪيم کي چڱو نذرانو مليو.

ٽوٽي همراهه جو ڏٺو ته علاج ايئن ٿيندو آهي سو ڳوٺ کان نڪرندي ئي حڪيم کي هٿ ٻڌي کيس اجازت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. حڪيم جي حيرت تي همراهه کيس چيو ته بس هڻ دعا ڪجو، حڪمت هاڻ مون سکي ورتي آهي.

ٽوٽي شام ڌاري هڪ ڳوٺ ٻاهران وڃي اعلان ڪيو ته وڏو حڪيم صاحب اچي ويو آهي، جيڪي مريض آهن سي کڻي اچو، ڳوٺ وارن کيس رات ترسڻ جي صلاح ڪئي. صبح ٿيڻ تي ڳوٺ وارا هڪ مڙهي مائي وٺي آيا جنهن کي ڳاٽي۾ غدود هو. ٽوٽي همراهه ڳوٺ وارن کان سوال ڪيو ته ڳوٺ جي آسپاس گدرن۽ ڇانهين جون واڙيون آهن ڇا؟ ڳوٺ وارن چيو ته ٿورو پرڀرو آهن. نيم حڪيم کين مائي کي ليٽائڻ جو حڪم ڏنو. ڳوٺ وارن حڪم جي تعميل ڪئي. هن نيم حڪيم ڀري ڪري مڙهي جي ڳاٽي واري لت هنئي. لت لڳڻ سان مائي جو روح پرواز ڪري ويو. ڳوٺ وارن ڏٺو ته هن همراهه مائي ماري ڇڏي پر حڪمت جي احترام سبب وڌيڪ ڪو نه ڪڇيا. بس ايترو کيس چيائون ته اسان جو رواج آهي ته ڪو ماڻهو حڪيم جي علاج دوران گذاري ويندو آهي ته ان جي قبر ان حڪيم کي کوٽڻي پوندي آهي سو اوهان هي ڪوڏر ۽ بيلچو وٺو ۽ هلي مڙهي جي لاءِ قبر کوٽيو. ڳوٺ وارن جو مقام هو پٿريلي جاءِ تي. سو هن همراهه کي فرهاد جيان جبل ڪٽيندي ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا. هٿ لڦن ۾ رتورت ٿي ويا.

چون ٿا ته ان واقعي کانپوءِ هي نيم حڪيم پنهنجي ڌنڌي سان لڳو رهيو. فن ۾رڳو هڪ اها تبديلي ڪيائين ته ڪنهن ڳوٺ وڃي مريض ڏسڻ کان اڳ ڳوٺوارن کان هڪ سوال ضرور پڇندو هو ته اوهان جو قبرستان پڪي زمين تي آهي ياڪچي زمين تي؟

آغا وقار پاڻي ۽ ايمان جي طاقت سان جيڪا به گاڏي هلائي ڏيکاري، ان تي ڪي بهٻه رايا ناهن. هن همراهه جي حڪمت تي محرومين جي ماريل هن قوم کي وڏي سرهائي ٿي. سنڌي اخبارن کيس وڏي ڀيٽا ڏني. Twitter تي اها ڌوڙ اسان به پاتي. پر پوءِ پير سنڀالي وياسين. پر اڃا ڪي اياڻا آهن جيڪي ان فريب ۾ آهن ته آغا وقار سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اسان جي هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته آغا وقار کي پاڻي جو هڪ ڊرم، بيٽري ۽ پيٽرول کان خالي گاڏي ڏيئي، اڇڙي ٿر يا ڪاڇي ڇڏي اچجي. کيس چئجي ته، “پٽ! هاڻ پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي شهر پهچ.” اوهان سان ڪهڙو شرط، اسان ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اوهان مان ڪو کيس جوهي وٺي اچي، واهي پانڌي اسان پاڻ پهچائي اينداسين. جي پنهنجي گاڏي تي چڙهي جوهي پهتو ته اسان به سندس مريد  بڻجي وينداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو