Home / ڪئپيٽل افيئر / نگران وزيرعظم جي ڳولا : مهر- شيرازي ڀائي ڀائي
above article banner

نگران وزيرعظم جي ڳولا : مهر- شيرازي ڀائي ڀائي

سڄو ملڪ سڙي رهيو آهي پر پنجابي پوٺوهاري حڪمران طبقي، عام خلق، ميڊيا ۽ اشرافيه کي يقين آهي ته جيڪڏهن سوئس سرڪار کي ٽپال ۾ هڪ خط پهتو ته ملڪ اندر انصاف جو بول بالا ٿي ويندو. هنن کي شڪايت آهي

ته زرداري سرڪار پرڏيهي ملڪن کي اهي خط (ميمو) لکي ٿي جيڪي نه لکڻ گهرجن ۽ اهي لکي ئي نٿي جيڪي لکڻ گهرجن. اسان گهڻو اڳ ان ڳالهه جو ذڪرڪيو هو ته اسان وٽ سنڌ ۾ بلوچن وٽ ۽ ويندي پٺاڻن وٽ مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جا گروهه ملن ٿا پر سڀ جا سڀ ماڻهو هڪ ئي سوچ رکندا هجن ۽ صحيح معنيٰ ۾ “هڪ” هجن. اهو معجزو رڳو اسان جي مهربان حاڪمن جي قوم ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خط ۽ ميمو معاملا الڳ ٿيا، هاڻي تازو ڪنهن آمريڪي نيوي سيل ايبٽ آباد آپريشن جي باري ۾ اکين ڏٺو احوال ڏنو آهي ته اسامه اڳ ئي مئو پيو هو، پوءِ به کيس هروڀرو سوين گوليون هنيون ويون ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ سندس لاش مٿان هڪ سپاهي مسلسل چڙهيو ويٺو هو. بس نئين ڪهاڻي هٿ اچي وئي آهي. اسامه نه هو ڄڻ ته مامو هو پوري قوم “هاءِ هاءِ ڪري رهي آهي. آمريڪا جي ظالماڻي ڪردار کي هاڻي ان پيماني تي پرکيو پيو وڃي ته آمريڪي فوجين لاش جي بي حرمتي ڪئي. مطلب ته دنيا جي سڀ کان وڏي  بي انصافي اها آهي ته ليٽر ڪونه لکيو ويو ۽ ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي بي انصافي اها ٿي آهي ته لاش سان “شايان شان” سلوڪ نه ڪيو ويو، باقي ملڪ ۾ سواءِ انصاف کاتي جي ٻيو ڪو ڪم ئي نه پيو ڪري .

ويچارا سپهه سالار ڪيڏا نه ويل ۾ آهن! سمورو ماحول به موجود آهي، سبب به تيار آهن، تقرير جو ٽيمپليٽ به ٺهيو پيو آهي، موقعا ڀي هي دستور ڀي هي، ۽ چاهين به ٿا پر مارشل لا نٿا هڻي سگهن.

عدليا مڪمل ريت آزاد آهي. “مدعي لک برو چاهي”، پر اها يارهن ورهين جي دماغي بيماريءَ ۾ ورتل ڪچرو ميڙيندڙ ڪرسچن ڇوڪريءَ رمشا کي ٽارچر ۽ قيد ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس ڪانه وٺندي. وهي هوتا هي جو منظور خدا هوتا هي.

سرڪاري خرچ تي ٺهرايل الشمس ۽ البدرڪوئٽا، ڪراچي، گلگت، هنگو، پاڙا چنار (ڪرم ايجنسيءَ) کي ڪوس گهر بنائي ڇڏيو آهي. هنن جو مشن آهي اڍائي ڪروڙ شيعه پاپوليشن جو صفايو (cleansing)ڪرڻ يا اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ ته جيئن اهي ملڪ ڇڏي هليا وڃن. انصاف ان جو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي. انصاف پنهنجي سڌي رستي صراط مستقيم تي هلندو.ان جي suomoto جي سئي ڪنهن جي فرمائش تي نه چرندي.

سرڪاري خرچ تي خاص طور سنڌين لاءِ ٺهرايل ڪراچي واري البدر واري واري سان ٻين قومن کي ايئن ڪهندي رهي ٿي جيئن ڪاسائي پڃري ۾ هٿ وجهي جيڪا ڪڪڙ هٿ اچي وڃي تنهن جي سسي لاهي ڇڏيندو آهي. ڪاسائي ڪارو چشمو پايو ويٺو آهي. ڪاسائي گائون پايو اسڪالر ۽ peace activist۽ الائي ڇا ڇا ٿيو ويٺو آهي. ڪراچي سنڌ جي تاريخ جو اڳ ئي ٿيل لاش آهي. ان کي وڌيڪ گوليون هڻي ڪاسائي ان لاش مٿان چڙهيو ويٺو آهي ۽ ان سان ان جي شايان شان سلوڪ ڪري رهيو آهي. مغل حڪمراني سنڌ تي موٽي آئي آهي. پارٽيشن جي زماني جا egotist ۽ ڏند ڪرٽيندڙ سياست دان جناح ۽ جي ايم سيد، سنڌ مغلن حوالي ڪرڻ وقت جناح کي آخوند صالح جي ڪپيل زبان به ياد ڪانه آئي! اڄ جا سنڌي سياستدان جا ايجنٽ، ويڪائو، بزدل ۽ سڀ ڪجهه هوندا پر سندن سياست ننڌڻڪن سنڌين کي ان عظيم هستيءَ جي سياست جيترو نقصان وري به ڪونه پهچايو هوندو. هڪ ئي لوهارڪي ڌڪ سنڌ کي صدين لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو. ان همراهه جي ڪا هڪ به شيءَ اهڙي ڪانهي جنهن مان اهو سنڌي لڳندو هجي. ان ڪو هڪ به ڪم سنڌين جفائدي وٽان نه ڪيو  جنهن مان لڳندو هجي ته ها برابر هي همراهه سنڌي آهي. شابس هجي پليجي صاحب کي جنهن پنهنجو تمام گهڻو قيمتي وقت ان همراهه کي زبردستي سنڌي ثابت ڪرڻ تي صرف ڪيو. ظاهر آهي ته اسين قائل به ٿيا سين پر گڏوگڏ اسان کي شرم به آيو.

۽ هن سڄي بي انصافيءَ جي بازار ۾ پليت پاور جي پويان سو ڪالڊ سنڌين جي “پيپل” پارٽي پنهنجو پاڻ تي پنجابي ميڊيا جي ڦٽي ڪيل گندگي ڌوئي رهي آهي ۽ نئين اليڪشن کان اڳ دستور موجب اوڇنگار ڏيئي روئي رهي آهي. “سائين”….شاهه (اهو لفظ ٻيا سڀني سنڌين لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ سنڌي وري رڳو سيدن لاءِ) سنڌي صحافين کي اهو اطلاع ڏنو آهي ته مهرن سان معاملا طئي ٿي ويا ۽ هو جيئن ته پاڻ انهن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ شريڪ هو، تنهن ڪري کيس خبر آهي ته مهر پيپل پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن. سوال ڪيو ويو:”مهر موٽي آئيا!…” پر شيرازي؟ جواب مليو ته انهن به شامل ٿيڻ جي پڪ ڏني آهي پر اهي ڪڏهن شامل ٿيندا ان جي خبر في الحال “سائين” کي ڪانهي جو شيرازين سان سان هڪ ٻي ٽيم ڳالهيون ڪري رهي آهي.

اڪثر اردو ڊرامن ۾ ڪو اندوهناڪ اطلاع ملڻ تي هيروئن اها رڙ ڪري ڊهي پوندي آهي: “نهين………..!!!!!!!!!!!!!!!!!!” سو شيرازين جي شموليت تي هڪ وڏي “نهين!” واري رڙ سڀنيءَ جي مٿي ۾ گونجي ٿي ۽ پوءِ اهي هڪ ٻئي کان پڇن ٿا: “هاڻ سسئيءَ جو ڇا ٿيندو؟”

ساري ديس پنجاب خراب دي وچ مينون وڏا افسوس قصور دا هي! سو پنهنجي نهايت پياري ۽ خراب ملڪ سنڌ اندر پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ افسوس “جيڪما باد” جو آهي. اسلام آباد ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ باجڪاڻي چوي ٿو”ڀلا ٺل وارا ڇو نٿا ڀڄن؟ ۽ هو ڪَنڌَ ڪوٽ وارا ڇو نٿا ڀڄن؟” هو ڪنڌڪوٽ ۾ “ڪَنڌَ” لفظ تي ايڏي شد واري زبر هڻي ٿو جو مونکي ڪنڌ… ڪوٽ اندر ڍرڪندو محسوس ٿئي ٿو.

“ويٺو ٻڌ! باشا هي جيڪماباد وارا هندو  وڏو ڊرامو ٿي!” باجڪاڻيءَ کي موبائل فون جي ايجاد ۽ سنڌ اندر عام استعمال تي وڏو افسوس آهي. “سڄو کيل انهيءَ موبائيل کڙو ڪيو آ… موبائل ذائفن جي اصلي ويجهو به نه رکجي. هندن جو نياڻي به ان موبائل کراب ڪيو! “

کيرَ پور “مِيرَس” جي آغا وقار جي ڪار  ڪهڙي پاڻيءَ تي ٿي هلي؟ اسلام آباد اصلي توڻي نقلي سڀ سائنسدان ان جو تجزيو ڪري رهيا آهن. مشڪوڪ سائنسدانن مان ايٽم بم جي خالق قدير خان سندس حمايت ڪئي آهي البته مشڪوڪ سائنسدان ثمر مبارڪ مند ڪجهه سوال اٿاريا آهن. ثمر مبارڪ مند جو ٿر جي ڪوئلي واروسڄو  پروجيڪٽ  مشڪوڪ آهي پر راجا وزيراعظم جي ڪابينا سندس بريفنگ ٻڌڻ وئي ۽ هن وقت تائين ٻڏي ويل 700 ملين رپين جو ماتم ڪرڻ بدران کيس شاباس سان گڏ وڌيڪ 700 ملين رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري آئي. سياستدان جي سيني ۾ دل نه هوندي آهي اهو ته ٻڌو هو پر اسان جي حڪمرانن وٽ جنرل سائنس جي سادي آءِ ڪيو به ڪانهي.هن قسم جو پروجيڪٽ سڄي دنيا ۾ ڪمرشل لحاظ کان پريڪٽيڪل ڪونه ٿو سمجهيو وڃي، جنهن ڪري ڪٿي به پرائيويٽ سيڪٽر ان ۾ هڪ ڊالر جيتري به سيڙپ ڪانه ڪئي آهي. ٿر جي ڪوئلي جي ٽانڊي ۾ گهربل تپش ڪانهي ۽ ان مان ٺهندڙ گيس ۾ گهربل حد جي اڌ جيترو به پريشر ڪونهي. ثمر مبارڪ مندان گيس کي عام جام ڪمرشل استعمال ۾ آڻڻ جو مشڪوڪ پروجيڪٽ ڏيئي وڌيڪ 700 ملين رپيا تڳائڻ چاهي ٿو.  جتي سائنسدان مشڪوڪ هجن، اتي سياستدان ڪهڙا اصلي هوندا!

زرداري سرڪار نئين ڪيئر ٽيڪر وزير اعظم جي تلاش ۾ آهي جنهن لاءِ نالا ڏنا پيا وڃن پر اتفاق راءِ ڪونه پيو ٿيو فخرالدين جي ابراهيم ته آسان شڪار هو. هتي ججن ۾ غير تڪراري نالو ڪنهن حد تائين ريٽائرڊ جج شاڪرالله جان جو ورتو پيو وڃي جنهن جي اڪثر پارٽيون عزت ڪن ٿيون. سياستدانن ۾ اڪثر سياستدان پاڻ اليڪشن وڙهڻ وارا آهن سو انهن مان نالو ڪونه پيو فائنل ٿي سگهي. محمود خان اچڪزئيءَ جو نالو ڪجهه سرڪلز ۾ هليو هو ۽ اهو ماڻهو به ٺيڪ آهي پر سنڌين واري پيپل پارٽيءَ کي اهو قبول ڪونهي جو هو سمجهن ٿا ته اچڪزئي نواز شريف کي وڌيڪ ويجهو آهي. ڪيئر ٽيڪر وزيراعظم سان گڏ ڪيئر ٽيڪر وزير اعلي به کپن جن جا نالا پڻ هر صوبي اندر مخالف ڌر جي صلاح سان فائنل ٿيندا.  بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ته ڪا مخالف ڌر آهي ئي ڪانه، تنهن ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ته ڪافي آساني ٿي سگهي ٿي پر پنجاب ۾ مسئلو ٿيندو. ساوي وقت ۾ پيپل پارٽي لاءِ نگران به وزير اعظم چونڊڻ ان ڪري به مسئلو آهي ته متان اهو سوئز اختيارن کي خط نه لکي ڇڏي

چوڌي نثار اڻ سڌيءَ ريت سڀني صحافين کي وڪائو مال سڏي هڪ ئي وقت پيپلز پارٽي ۽ ميڊيا کي ڪاوڙائي وڌو آهي. پي ايف يو جي، پريس ڪلب ۽ صحافين جون تنظيمون تتل آهن ته هو صدر جي خريد ڪيل صحافين جا نالا کڻي نه ته گهٽ ڪانه ٿيندي. لڳي نٿو ته وٽس ڪي پڪا ثبوت آهن. البته صحافين جو وات مٺو ڪرائڻ هونئن ئي هر پارٽيءَ جو دستور آهي جنهن ۾ اليڪشن ويجهو اچڻ ڪري هاڻي ڪجهه تيزي اچي وئي آهي. پر پنهنجي ڪرپشن فري انصاف جي قلعي جهڙي پياري ملڪ ۾ ڪنهن کي ان سان دلچسپي آهي ته صحافين کي اسلام آباد جي هر سيڪٽر ۽ هر نئين ٺهندڙ سيڪٽر ۾ 10 سيڪڙو پلاٽ ڇو ٿا ڏنا وڃن؟ هر شهر جي پريس ڪلب جو صحافت سان گهٽ ۽ پلاٽن سان وڌيڪ تعلق آهي. ويچارن صحافين کي به ته ڪجهه نه ڪجهه گهرجي.

جج صاحب “بيچ ڪا راستا” ڪڍڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا آهن. جيسين بيچ وارو رستو هٿ اچي، تيسين 28 آگسٽ تي هڪڙي بينچ ارسلان افتخار جي جاچ نيب کان ڦري شعيب سڊل حوالي ڪري ڇڏي ۽ ڄڻ ته بيلنسنگ ايڪٽ وانگر پاسي واري ڪمري واري بينچ ملڪ رياض کي گرفتار ڪرڻ خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. ايئن نڪرندا آهن بيچ جا رستا.

ٻڌو اٿئون ته ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڇنڊون پيون آهن ته سڀئي ماڻهو “بيچ” جي رستي ڏانهن روانا ٿي رهيا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو