Home / افيئر / سيڪيولر سنڌ ۽ ڏهرڪيءَ جي پير جو ڏهڪاءُ
above article banner

سيڪيولر سنڌ ۽ ڏهرڪيءَ جي پير جو ڏهڪاءُ

سنڌ جي هندو نوجوان ۾ سندن مت جي ڇوڪرين جو پنهنجي اباڻن گهرن مان نڪري مسلمان ڇوڪرن سان اسلام قبول ڪري شادي ڪرڻ واري معاملي تي سخت غصو ڦهليل آهي، قبيلي جي طاقت آهر مسلمان سنڌي ته پنهنجي عورتن جي گهران ڀڄڻ ۽ پيار جي شاديءَ جا پلاند ڪرڻ واري ڪِرت ۾ ٻڏل آهن پر بي هٿيار هندو اڄ به پاڻ کي منظم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي هٽَ جي وکر وڌائڻ ۾ مگن آهن

 

۽ هندو نوجوانن جو غصو اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ۽ لڏ پلاڻ وارين خبرن جي اخبارن ۾ لهڻ سبب پڙهئي لکئي ماڻهوءَ وٽان اخلاقي همدردي ملڻ بعد جهڪو ٿيو ۽ ڪجهه سرڪاري واعدن جي ٽياس تي ٽنگيو پيو آهي. ڏهرڪيءَ جي رنڪل ۽ جيڪب آباد جي منيشا به ڊاڪٽر آشا ۽ ٻين هندو ڇوڪرين جيان سڀ ڪنهن کان وسري وينديون، ياد رهجي ويندا فقط سون جا اگهه، انڊيا وڃڻ جا خرچ ۽ مسلمانن جي ڏاڍاين جا پراڻا قصا. اها ويسر سنڌي سماج کي تبديل ٿيڻ نه ٿي ڏئي، هندن سان زيادتين واري بحث دوران ڪنهن ويساهه جهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته “ڇوڪرين کي مذهب سان نه پر مسلمان ڇوڪرن پاران ڏيکارجندڙ پيار جي خوابن سان وڌيڪ لڳاءُ آهي، سڀ هندو ڇوڪرا چاهن ٿا ته کين خوبصورت ڇوڪريون زال طور ملن ۽ ڏاج به جهجهو هجڻ گهرجي، انهن شين جي کوٽ سبب ڇوڪرين جون مڱڻيون ٽٽن ٿيون، رشتا نه ٿيڻ ڪري هو پنهنجي برادريءَ جي نوجوانن مان مايوس ٿي مسلمان ڇوڪرن جي سچي يا ڪوڙي پريم جي پنجوڙ ۾ پاڻ حوالي ڪن ٿيون”. باقي هندن جي ان ميار جو جواب ڏيڻ آسان ناهي ته “اسان کي چون ٿا ته پاڻ کي اقليت نه چئو ۽ سنڌين جي اڪثريت جو اڻٽٽ حصو بڻجي وڃو، پر اسان لاءِ مسئلو اهو آهي ته اسان جي نياڻين کي اغوا به سنڌي ڪري ٿو، اسان جي گهرن ۾ گهڙي ڦرلٽ  توڙي عورتن سان جنسي زيادتي به سنڌي ڪري ٿو ته ڀُنگ ۽ ڀتو به سنڌي وٺي ٿو اسان ان سنڌيءَ کي پنهنجو ڀاءُ ڪيئن چئون؟” پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مليل قومي ويڳاڻپ کي اسان سنڌي اڃا به پنهنجي سيني سان لائي زنده آهيون، برادرين، قبيلن، لاڙ ۽ اتر توڙي سماٽ_ڄاموٽ واري فرق ۾ وچڙيل هجڻ ڪري سياست جي ڪينواس تي موجود ته آهيون پر قومي سوچ جا رنگ ڪچا هجڻ ڪري اسان نه ته قومپرست نظرئي کي ڪامياب ڪري سگهياسين نه ئي وفاقيت جي وجود تي بيهي ڪي فتح جا لاڏا ڳائي سگهيا آهيون. اِها وِٿَ هن ملڪ جي مالڪن کي موقعو ڏئي ٿي ته اسان کي اڃا به هڪ ٻئي کان ڇِني ڌارئون ڌار ڪن ته جيئن سندن طويل آقائيت ۾ اسان غلاميءَ جا وڌيڪ ڏهاڪا گذاري سگهئون. رنڪل ڪماريءَ جي معاملي تي ملڪ جي اعليٰ عدالت هن ملڪ جي نظرياتي اصولن کي بچائڻ ۾ ڪامياب وئي پر ناڪامي اگر ڪنهن کي پلئه پئي ته اها سڄي سنڌ آهي جنهن ۾ قومپرست، پي پي ۽ سنڌي ميڊيا شامل آهن. سڄي سنڌ کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اسان سڀني کي (جملي قومپرست پارٽيون، پ پ جي موقعي پرست قيادت، جُملي اخبارون ۽ ٽي وي چينل سندن لکاري ۽ ڪجهه لک پڙهيا لکيا سنڌي) ڏهرڪيءَ جو هڪ گادي نشين شڪست ڏئي چڪو آهي. نه صرف هاڻي پر مسجد منزل گاهه کان وٺي ڏهرڪيءَ جي ئي ٻن سنڌي نوجوانن مٿان جسماني ۽ جنسي تشدد ڪرڻ تائين مستقل شڪست ڏيندو رهيو آهي .

ڏهر قبيلي جي چڱن مڙسن جيڪا ڏهرڪي آباد ڪرائي هئي، ان تي هاڻي هڪ پير جي پٽن ۽ مريدن جي گينگ ايئن راڄ ڪري ٿي جو ڪير حق جي ڳالهه ڪري ته پنهنجي سِر تان سانگو لاهي، ڇو ته اسان جي رياست جي طاقت ايس ايس پي، ڊي سيءَ جي صورت ۾ سندن حامي ۽ وفادار آهي. سميجا قبيلي سان تعلق رکندڙ ان پير جا مريد اڄ به آڪڙ ۾ اچي چون ٿا ته صوفي راڳي ڀڳت ڪنور رام کي قتل ڪري هنن سنڌ ۾ ٻه قومي نظرئي جا پير پختا ڪيا. اها تاريخي حقيقت آهي ته سکر ۾ مسجد منزل گاهه جي فسادن دوران اگر ڏهرڪيءَ جي ان درگاهه جا مريد هندن تي ڪاهه نه ڪن ها ته اڄ سنڌ جي حالت ٻي هجي ها. تڏهوڪي سنڌيءَ مسلم ليگ جي محبت ۾ هندن جي خون جي پياسن پيرن سان گڏجي سنڌي هندن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ اڄ جو سنڌي پيپلزپارٽيءَ جي پيار ۾ ان ساڳئي پير کي ووٽ ڏئي طاقتور ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو ته سندن ووٽر ئي ايئن ڀوڳين ٿا ته حڪمران پارٽيءَ جي زور تي چونڊيل پِير ووٽرن جي زمينن، پلاٽن، فش فارمن ۽ گهرن تي قبضا ڪري ٿو، لڄون لٽي ٿو ۽ هندو لڏائي ٿو. هِڪُ زرداري جيڪو سڀني تي ڀاري آهي، ڏهرڪيءَ جي ماڻهن جي دانهن ان تائين پڄڻ کانپوءِ به ورنائجي نه ٿي ۽ گادي نشين سڀ ڪنهن تي ڀاري ٿي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه به ٻڌڻ لاءِ ملي ته پيپلزپارٽيءَ هندن جي دانهن ۽ ڏهرڪيءَ ۾ ٿيل واقعن بعد فيصلو ڪيو آهي ته هاڻوڪي ايم اين اي کي ايندڙ اليڪشن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ويندي. اهڙي فيصلي بعد پ پ چيئرمين جي، پارٽيءَ توڙي حڪومت اندر انتهائي اثر رکندڙ پُڦيءَ فريال ٽالپر جي ماضيءَ ۾ شديد مخالفت ڪندڙ ايم اين اي سندس حمايت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي. سنڌ جي باشعور ماڻهن کي اميد هئي ته هندن سان زيادتين ڪرڻ جي نتيجي ۾ پ پ قيادت ان گادي نشين ايم اين اي کي پارٽيءَ مان خارج ڪندي ۽ کانئس استيعفيٰ وٺي ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي ايم اين اي چونڊرايو ويندو پر لڳي ٿو ته عوام جي طاقت ۾ يقين رکندڙ پ پ قيادت ان پِير جي طاقت ۾ به يقين رکيو ويٺي آهي.

ڏهرڪيءَ ۾ ڏوهه ڪندڙ ان پِير جي طاقت شايد اسانجي سوچ کان به وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري پي پي قيادت ته سندس ڪاڻِ ڪڍڻ تي مجبور آهي پر مسلم ليگ (فنڪشنل) جيڪا سياسي قوت سان گڏوگڏ انقلابي تاريخ رکندڙ حُرن جي سگهه جي مالڪ پڻ آهي، اها پارٽي به پنهنجي مريدن سان زيادتين ٿيڻ باوجود خاموش آهي ۽ ڏهرڪيءَ ۾ ڪنهن کي به ڪنهن ذريعي سان انصاف نه پيو ملي. ڪنهن صحافي دوست جي اها ڳالهه درست لڳڻ لڳي آهي ته “ڏهرڪيءَ جي پِيرن کي هن ملڪ جي اصل مالڪن جي طاقت مليل آهي جنهن ڪري ڪير سندن وار به وِنگو نه ٿو ڪري سگهي”. سنڌي ميڊيا ڏهرڪيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن جا ڪجهه تفصيل عوام تائين پهچائي ٿي پر گهڻيون حقيقتون ڄاڻ متعلق قانونن جي زمري ۾ اچڻ سبب ۽ ڪجهه هٿياربند پيرن جي خوف سبب منظرعام تي نه ٿيون اچي سگهن. جڏهن سنڌ جو ڏهيسر  اڃا نوازليگ ۾ وڃي گوشه نشين نه ٿيو هو ۽ سنڌ جو نگران وزيراعليٰ هو ته ان زماني ۾ ڏهرڪيءَ جا پير سنڌ نيشنل فرنٽ جي جهنڊن جا لغڙ اڏاريندا هئا، انهن ڏينهن ۾ ممتاز علي ڀٽي ۽ سنڌي اخبارن وچ ۾ هليل جهيڙي جي وچ ۾ ڪُڏي انهن پيرن هڪ وڏي اخبار جي ايڊيٽر کي ڌمڪي ڏني هئي ته هن اگر ڏهيسر سان جهيڙو بند نه ڪيو ته سندس نَڪُ ڪَٽيو ويندو. اهڙن ستمگر پيرن جي ظلمن کي ڏهرڪيءَ ۾ رهندڙ صحافين پاران وائکو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اخبارن جي پنن تي اهي تفصيل ڪڏهن به شايع نه ٿا ٿي سگهن ته ايم اين اي پِير جي پُٽَن ڇو؟ ۽ ڪيئن مهر قبيلي جي انهن نوجوانن، جن جو خاندان پيرپاڳاري جو مريد آهي، مٿان جنسي ۽ جسماني تشدد ڪيو!! مهر قبيلي جا ماڻهو شايد اها ڳالهه ڪنهن سان به نه اوري سگهن  بااثر پير جا حامي ۽ همنوا اها ڳالهه پنهنجي ڏهڪاوَ لاءِ عام ڪري چڪا آهن جنهن ڪري دکدائڪ ڪٿا هاڻي ڏهرڪيءَ ۾ هر ماڻهوءَ تائين پهچي چڪي آهي ته ڪيئن نه ايم اين اي جي پٽن موٽر سائيڪل تي ويندڙ ٻن نوجوانن کي هٿيارن جي زور تي روڪيو ۽ کين ڪپڙن کان آجو ڪري سندن نوڪرن انهن نوجوانن سان جنسي حرڪتون ڪيون. ڏهرڪيءَ جي عام ماڻهن توڙي اصل حقيقتن کان واقف سرڪاري آفيسرن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي ته تشدد جو شڪار ٿيل هڪ نوجوان جو سال اڳ ڪنهن عورت سان قرب جو پيچُ پئجي چڪو هيو اهو تعلق هلندڙ ئي هيو ته ايم اين اي جو هڪ پٽ به ان عورت سان تعلق رکڻ جي خواهش ڪري ويٺو. ايم اين اي جي پٽ پاران رقيب نوجوان کي عورت سان ملڻ کان منع ڪيو ويو پر معاملو وڌي وڃڻ جي ڪري طاقتور ڌر پنهنجو فيصلو ايئن ٻڌايو ته ٻن نوجوانن کي يرغمال بڻائي سرِ عام تشدد جي نشانو بڻايو، ان بعد انهن ئي نوجوانن تي موٽرسائيڪل ڦُر ڪرڻ ۽ بنا لائسنس وارو اسلحو رکڻ توڙي هڪ عورت سان جنسي زيادتيءَ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

ڏهرڪيءَ جي ماڻهن جي دلين ۾ بااثر پير ۽ سندس ڇانوَ ۾ پلجندڙ ڏوهارين جي ظلمن جا اڻ ڳڻيا قصا موجود آهن پر سرڪار جو ڪو ادارو يا ڪو آفيسر انهن وارداتن جي آزاداڻي تحقيق ڪرڻ جي سگهه ناهي ساري سگهيو. بااثر پير هر سياسي ڌُرِ، هر طبقي، هر ذات ۽ هر ان ماڻهوءَ سان اُچايو آهي جن سندن خواهشن جي رستي روڪ ڪئي هجي يا ساڻن اصول جي ڳالهه تي اختلاف ڪيو هجي. سندن ئي قبيلي جو اهو سياسي ورڪر جنهن ويجهڙائيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ته ايم اين اي جي ماڻهن کيس ابتو ٽنگي تشدد ڪيو يا وري تازو ئي جسقم پاران ٻٻرلوءِ کان ڏهرڪيءَ تائين هندن سان زيادتين خلاف ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڏهرڪيءَ ۾ ايم اين اي جي ماڻهن جسقم ڪارڪنن کي ڌمڪايو ۽ ريليءَ جا پوسٽر ڦاڙي ڇڏيا. مهر قبيلي جي بااثر سياستدانن علي گوهر مهر، اڳوڻي وزيراعليٰ علي محمد مهر جي سان ويجهڙائي رکندڙ هڪ واپاريءَ جي فلور مل تي ايم اين اي جي ماڻهن قبضي ڪرڻ لاءِ جيڪا هلان ڪئي ان ۾ ماڻهن جي گهائجڻ ۽ مارجڻ جي ڪٿا به ته عام آهي. هڪ اڳوڻو ڪائونسلر جيڪو انتهائي مجبوريءَ ۾ ڏهرڪيءَ کان حيدرآباد لڏي ويو اهو ڪيئن ٻڌائي ته بااثر پير سندس خاندان سان ڪهڙا ڪلور ڪيا؟ اسٽامپ وينڊر هندو نوجوان دليپ هاڻي ڀارت ۾ شايد سُک جو ساهه کڻندو هوندو پر جيستائين ڏهرڪيءَ ۾ هو ته کيس بااثر پير ان ڪري سُک سان ويهڻ نه ڏنو جو دليپ انهن پلاٽن، فش فارمن، زرعي زمينن ۽ گهرن جا ڪوڙا ڪاغذ ۽ اسٽامپ پيپر ٺاهي ڏيڻ کان لهرائيندو هو جن تي قبضا ڪيا ويا آهن. اهي عام ڪهاڻيون هر ماڻهوءَ جي وات تي آهن پر اهي ظلم ڪي نوان ناهن ته ڏهرڪيءَ مان تازور ئي 40 هندو خاندان ٻين شهرن توڙي انڊيا لڏي ويا، اسلام قبولڻ کانپوءِ باگڙي عورتن واپس پنهنجي مائٽن وٽ وڃڻ جي خواهش ڪئي ته کين ڪيئن قتل ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي عام ٿيل آهي جيئن اڄ ڪلهه اها ڳالهه به بحث جو موضوع آهي ته رنڪل ڪماري اڃا به بااثر پير جي گهر ڀرسان رهايل آهي ۽ سندس ذهني توازن بگڙي چڪو آهي، جنهن ڪري سندس علاج ڪرايو پيو وڃي پر جيڪو ذهني مرض رنڪل کي لڳي چڪو آهي ان جو علاج مشڪل آهي. رنڪل جو گهران ڀڄڻ، مسلمان ٿيڻ، سپريم ڪورٽ تائين پهچڻ ڪو مختصر قصو نه هو، پر اسان ان قصي کي وسارڻ لڳا آهيون. سندس علاج ٿئي يا نه، هاڻي ڪنهن کي ان جو ڪو گهڻي فڪر ناهي پر ڏهرڪيءَ جي ماڻهن جي اڪثريت جو اڻ ڇپيل مطالبو اهو آهي ته هاڻي سندن زخمن جو علاج ٿيڻ گهرجي، کين ظلمن کان نجات ڏياري وڃي ۽ سرڪار کي سندن لاءِ انصاف جا دروازا کولڻ گهرجن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو