Home / افيئر / هندن جي لڏپلاڻ : پس پرده ڪهاڻي
above article banner

هندن جي لڏپلاڻ : پس پرده ڪهاڻي

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي مڊل ڪلاس کي جيڪو ڌڪ رسيو ان جو ازالو اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي جنهن سبب سنڌ  نه رڳو معاشي طور تي پٺتي پئجي وئي پر تعليم ۽ ادب کي به وڏو نقصان رسيو. سنڌ جا هندو جڏهن 1947ع ۾ ڌرتي ڇڏي ويا تڏهن ان ۾ اڪثريت واپاري طبقي جي هئي جنهن ڪري سنڌي قوم انتهائي پٺتي پئجي وئي جڏهن ته باقي رهجي ويل سنڌي هندن پنهنجا ڪاروبار سنڀاليا. هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر هندن کي لڏائڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن.سنڌ جي مڊل ڪلاس کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا سانباها ماضي ۾ به ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پٺاڻ، پنجابي ۽ ٻيون قومون ڪاروبار ڄمائي ويٺيون آهن، رياستي قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌين جو معيشت تي ڪنٽرول هجي.اها ڄاڻ رياستي ادارن کي به آهي ته سنڌ جي هندو برادري کي ڪهڙيون ڪهڙيون ڌريون  ڪهڙي نموني تنگ ۽ تباهه ڪري رهيون آهن پر انهن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. سنڌ جا هندو هن وقت ڪنهن هڪ پاسي کان  تڪليفن جو شڪار نه آهن پر اهي چئني پاسن کان ڦاٿل آهن هڪ طرف انهن کان ڀتا وصول ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڪجهه مذهبي ماڻهو کين مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه مير ۽ پير وري سندن نياڻين کي اغوا به ڪرائين پيا جن جو مذهب تبديل ڪرائي زبردستي شاديون ڪرايون پيون وڃن. اڄ جيڪي ترقي پسند ڌريون هندن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف روڊن تي نڪتل آهن انهن ماضي ۾ هندن جي تحفظ لاءِ ڪي به جوڳاءَ اپاءُ نه ورتا هئا جنهن ڪري اڄ اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي. سنڌ ۾ هندو برادري جي واپارين کان ڀتو وٺندڙ ڪا آسماني مخلوق نه آهي جنهن کي لڪائي سگهجي جهڙي ريت ڪراچي ۾ هڪ بااثر ڌر ڀتا ۽ فطرا وصول ڪري ٿي تهڙي طرح ننڍن شهرن ۾ هندن کان ڀتو وٺندڙ ڌريون به لڪل ناهن. ان معاملي پٺيان اهي ڳالهيون به سامهون آيون آهن ته اتي ڪجهه ماڻهو قومپرست جماعتن جو نالو استعمال ڪري ڀتو وٺي رهيا آهن.سنڌ ۾ آجپي جي جدوجهد هلائيندڙ ڌرين کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته آجپي جي جدوجهد لاءِ مڊل ڪلاس جو هجڻ به ضروري هجي ٿو پر افسوس آهي جو هو ان مڊل ڪلاس جو تحفظ نه ڪري سگهيا آهن.

رياست هندن کان ڀتا وٺندڙ يا کين اغوا ڪندڙن کان ڪو اڻڄاڻ يا ڪمزور ناهي پر سنڌ جو مڊل ڪلاس تباهه ڪرڻ لاءِ طاقتور ڌريون به ملوث آهن جنهنڪري انهن بااثرن خلاف ڪڏهن به ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي جيڪي هندن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن.ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اهم ڪاروبارن تي قبضا ڪرڻ کان پوءِ هاڻ سنڌ جي هندن کي لڏائي ٻين شهرن ۾ به ڌارين کي  آباد ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پنجابين ۽ پٺاڻن جا به ڪاروبار آهن جي کي رياستي تحفظ حاصل آهي پر سنڌي هندن کي هر پاسي کان سوڙهو ڪيو ويو آهي. هندو ڀائرن لاءِ سنڌ ۾ ڪا اهڙي صورتحال به پيدا نه ٿي آهي جو هو تڙتڪڙ ۾ ڀارت هليا وڃن پرڪجهه ميڊيائي ادارن به هندن کي انتهائي اڪيلائپ ۽ عدم تحفظ جو احساس ڏياري کين لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي. سنڌ ۾ هندن سان جيڪا به جٺ ٿي رهي آهي ان جو حل ڌرتي ڌڪارڻ سان ئي ممڪن نه آهي. 1947ع ۾ هندو برادري جهڙي ريت آساني سان هلي وئي هئي اڄ هو پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن  اهي به تڙ تڪڙ ۾ اهڙي ريت لڏپلاڻ ڪري ويا جئين مينهن به ٽپڙ اندر ڪبا آهن . مڃون ٿا ته سنڌ ۾ هندن سان زيادتيون ٿين پيون پر جيڪا سنڌ ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي ان ۾ رڳو هندن کي ئي نشانو نه پيو بڻايو وڃي ان باهه ۾ مسلمان سنڌي ۾ سڙي رک ٿي رهيا آهن.ڪجهه ميڊيائي ادارا وري هندن کي هڪ ڌار ڪميونٽي ۾ شامل ڪن ٿا جيڪڏهن ڪو به هندو اغوا ٿئي پيو ته انهن جي خبر به  اهڙي ريت شايع يا نشر ڪئي ٿي وڃي جئين انهن ۾ احساس ڪمتري ۽ اڪيلائپ محسوس ٿئي .مثال طور ”ڦلاڻي شهر مان هندو واپاري اغوا ٿي ويو” جيڪڏهن صحافت جو اهو ئي نمونو آهي ته پوءِ مسلمان جي اغوا ٿيڻ تي خبر هن ريت ڇو نه ٿي لکي وڃي ته  “ڦلاڻي شهر مان ملسمان واپاري اغوا ٿي ويو؟“ تنهن ڪري ميڊيائي ادارن کي ذميواري سان خبر ڏيڻ گهرجي . جيڪڏهن هو هندو واپاري نه لکن ۽ اغوا ٿي ويل هندو لاءَ  رڳو واپاري لکن ته سندس نالي مان واضح ٿي ويندو ته  هندو آهي. سنڌ ۾ اڪثر هندن کي اها شڪايت رهي آهي ته سندن نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهبي مٽائي کين اسلام قبول ڪرايو پيو وڃي پر اڪثر ائين به ٿيو آهي ته اهي شاديون راضپي سان ٿيون آهن باقي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪجهه ميرن پيرن جي مهربانين سان اهڙي قسم  جا واقعا به پيش آيا آهن پر سمورن واقعن کي ان قسم جو رنگ به نه ٿو ڏئي سگهجي.

سنڌ ۾ هندن جي لڏ پلاڻ جي حوالي سان هڪ راءِ اها به آهي ته پر ان معاملي کي اڀاري ڪجهه پنچائتي اڳواڻ سياسي فائدا حاصل ڪري وري ماٺ ڪري ويهي رهن ٿا. ڇا پنچائتي اڳواڻن ڪڏهن انهن اقليتن لاءِ ڪو آواز اٿاريو آهي جيڪي سندن مذهب ۾ گهٽ حيثيت رکن ٿا؟ سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٿر ۾ ڪولهي، ميگهواڙ، ڀيل ۽ ٻيون برادريون زيادتين جو شڪار آهن، انهن جون ناريون به اغوا ٿين پيون انهن سان به جنسي ڏاڍايون ٿين پيون پر پنجائتي اڳواڻن انهن کي غريب ۽ گهٽ ذات سمجهي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي، پنجائت جي نالي سان هندن جا معاملا ميڊيا تي آڻي ڪجهه پنجائتي اڳواڻ وري سياسي فائدا به حاصل ڪري رهيا آهن. ذريعا ٻڌائين ٿا ته ايم اين اي فريال ٽالپر طرفان نوڪرين جا آرڊر ۽ ٻيون سهوليتون ڏيڻ کانپوءِ جيڪب آباد جي  پنچائتي اڳواڻن ماٺ ڪئي آهي ۽ معاملو دٻجي ويو آهي ان سلسلي ۾ جيڪب آباد جي رهواسي پنچائتي اڳواڻ لال چند پنچائت جي صدر  مڪيش لاکاڻي تي الزام لڳائيندي چوي ٿو ته سنڌ ۾ هندن سان ناجائزيون ٿي رهيون آهن پر ان مان وري مڪيش لاکاڻي غلط فائدا ورتا آهن، “افيئر” سان ڳالهائيندي هن چيو ته مڪيش لاکاڻي فريال ٽالپر کان 25 نوڪرين ۽ شراب جي گتي جو لائسنس وٺي هندن جي عزتن ۽ حقن جو سودو ڪيو آهي جڏهن ته سندس عهدي جو مدو به پورو ٿي ويو آهي پر ان باوجود هو عهدو نه پيو ڇڏي. هن وڌيڪ چيو ته مڪيش لاکاڻي سي سي بي اسڪيمن ذريعي 5 ڪروڙ روپين جا فنڊ وٺي هندن جي حقن لاءِ هلايل تحريڪ تان هٿ کنيو آهي.ان سلسلي ۾ مڪيش لاکاڻي الزامن جي ترديد ڪندي “افيئر” کي ٻڌايو ته هو ان موضوع تي نه ٿو ڳالهائڻ چاهي باقي الزام تنظمين رهڻ سان لڳندا رهندا آهن. ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل برادرين جي مدد نه ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ مڪيش لاکاڻي ٻڌائي ٿو ته ان ذاتين جي ماڻهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ئي نه آهي پر ان باوجود هو انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته هو ننڍي ذاتين وارن وٽ پاڻ هلي ايندا ۽ ان سلسلي ۾ سندن جلد ڪراچي ۾ اجلاس پڻ ٿيندو.

ان ڳالهه کي قطعي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ هندن سان ظلم ۽ زيادتيون نه پيون ٿين بلڪل ٿين پيون پر  لڏي وڃڻ ان مسئلي جو حل ناهي، ڇا ڪاڻ ته هتي رڳو هندو ڀائر ئي ان ظلم جو شڪار ناهن. هتي ته مسلمان سنڌي به اغوا ٿين پيا قتل ٿين پيا، ڀتا ڏين پيا پر اهي وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، اهي پنهنجي ڌرتي کي پنهنجو ڪري ويٺل آهن ڀارت ويندڙ هندو اهو نه سمجهن ته اتي انهن جو ڪو وڏي پئماتي تي آڌرڀاءُ ٿيندو اهڙي قسم جا هزارين واقعا ۽ زياتييون اتي به ٿين پيون.هندن جي معاملي تي حرن جي روحاني پيشوا کي به ڳڻتي آهي هن هندن کي نه لڏڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي ۽ حرن کي حڪم ڏنو آهي ته هو هندو ڀائرن جوتحفظ ڪندا ، پير پاڳاري جو اهڙو موقف هندن سان زيادتين ۾ ملوث  انهن ميرن ۽ پيرن لاءِ هڪ پيغام آهي ته هندو ڀائر سنڌ ۾ لاوارث ناهن  ….

سنڌ ۾ هندن سان ظلم ۽ زيادتين جو قصو پراڻو آهي پر هن وقت ڪنهن به هندو کي هندو سمجهي نشانو نه ٿو بڻايو وڃي بدامني واري ڀڙيل باهه ۾ اهر ماڻهو سڙي رهيو آهي جن وٽ ڀنگ ڀرڻ جا پئسا آهن يا ڪو ڪاروباري ماڻهو هجي.

هن وقت حالتن جي سمورن رخن کان سوچي سمجهي بند گهٽين ۾ رهندڙ هندو ڀائرن کي پنهنجا دماغ کولڻا پوندا ۽ کين اهو به سمجهڻو پوندو ته ڀارت ويل ٻيا هندو سنڌ جي موجوده حالتون ڏسڻ باوجود به پڇتائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن.

پومپرست اڳوڻ چون ٿا

قومپرست هندو ڀائرن جو تحفظ ڪندا

سنڌ ۾ هندو برادرين سان ظلم ۽ زيادتين بابت سنڌ جا قومپرست ٻڌائين ٿا ته هو کين اڪيلو نه ڇڏيندا پر رياست هندن سان ٿيندڙ ظلمن جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي“ افيئر” سان ڳالهائندي جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ٻڌائي ٿو ته رياست سنڌين جو ۽ خاص طور هندو برادري جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن چيو ته هندو ۽ شيخ برادرين کي مڪمل طور اڪيلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هندن سان وڏو مسئلو مذهب جي حوالي سان پيدا ڪيو ويو آهي سندن نارين کي اغوا ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪري مذهب مٽرايو پيو وڃي هن چيو ته هندن سان ظلم پوري سنڌي قوم سان زيادتي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ٻڌائي ٿو ته کين اهي شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه قومپرست به ڪجهه علائقن ۾ هندن کان ڀتا وٺن پيا پر اهڙيون شڪايتون اٽي ۾ لوڻ برابر مليون آهن. نياز ڪالاڻي جو چوڻ هو ته ڪجهه ڪارڪن غلط حرڪتون ڪن پيا پر هو انهن کي پارٽي مان ئي خارج ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته هو سمورن ڪارڪنن کي اپيل ٿو ڪري ته سنڌ ۾ هندن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ سندن مدد ڪئي وڃي ڇو ته اختيار ڌڻي نٿا چاهين ته سنڌ جا هندو تحفظ ۾ رهن.هندن سان زياتين بابت جيئن سنڌ محاذ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته  هو عيد وارن ڏينهن ۾ گهوٽڪي ۾ هندوبرادري جي ماڻهن سان مليا.جتي به ويا آهن تي کين هندن طرفان شڪايتون مليون آهن ته کائين قومپرست ڪارڪن ڀتا پيا وصول ڪن. هن چيو ته پتچائتن موجب ڪجهه قومپرست هندن کان ڪنهن وقت تي ڀتا پيا وٺن ته وري ڪنهن وقت تي انهن سان گڏ گڏ آهن. سندس چوڻ هو ته هندن کي هڪ طرف اهو پيو چيو وڃي ته اوهان سنڌ جا مالڪ آهيو وري ٻئي طرف کانئن ڀتو وٺي تنگ به ڪيو پيو وڃي. عبدالخالق جوڻيجي جو چوڻ هو ته سنڌي ميڊيا هندو ڀائرن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو آهي کين هندو ڄاڻائي سنڌي ڪميونٽي مان ئي الڳ تصور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جڏهن اسان هڪ قوم آهيون ته پوءِ هندن کي مذهبي حدن ۾ محدود ڪري کين اڪيلو ڇو محسوس ڪرايون. هن چيو ته رياست به اهوئي ٿي چاهي ته هندو برادري سنڌين کان الڳ نظر اچي جيئن سنڌي اقليت ۾ هليا وڃن. هن چيو ته اسان جي ميڊيا هندن جي ڪيس کي اهڙي ريت کڻي رهي آهي جيئن ساڻن همدردي ڪجي تنهن ڪري ميڊيا  کي به ان معاملي تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو .هندن جي لڏ پلاڻ بابت ايس يو پي اڳواڻ غلام شاهه “ افيئر ” سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان ئي سنڌي  هندو اسٽيبلشمينٽ لاءِ ناپسند رهيا آهن ۽ ان وقت کان اڄ تائين سنڌ جي وچولي طبقي کي لڏائڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن. هن چيو ته لياقت علي خان هندن کي لڏائي زبردستي مهاجرن کي سنڌ ۾ گهرائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو اهو اڄ به جاري آهي.سندس چوڻ هو ته پيار جا پرڻا ڀارت ۾ به ٿين ٿا پر سنڌ ۾ ميڊيا ان کي اشو بڻايو آهي ۽ هندو ڀائر اهو بهانو بڻائي لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.غلام شاهه چيو ته ڌرتي ماءُ کي ڏکي وقت ۾ دشمنن حوالي ڪري وڃڻ ڪٿان جي غيرت آهي .؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو