Home / افيئر / هڪ دور جي پڄاڻي: پهرين آمريڪي خلاباز عورت لاڏاڻو ڪري وئي
above article banner

هڪ دور جي پڄاڻي: پهرين آمريڪي خلاباز عورت لاڏاڻو ڪري وئي

سيلي رائيڊ جيڪا خلاجو سفر ڪندڙ پهرين آمريڪي عورت هئي 61 سال جي عمر ۾ پتي جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري وئي. سيلي جي فائونڊيشن سيلي رائيڊ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سيلي جي تاريخي اڏام قوم کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ سندس نالو گهر گهر پهچي ويو هو، هن جون 1983ع ۾ خلائي شٽل جي ذريعي تاريخي سفر ڪيو هو ان هوندي به هو خلا ۾ وڃڻ واري پهرين عورت نه هئي. هن کان اڳ سوويت خلا نورو ويطن ٿينا جون 1963ع ۾ خلا جو سفر ڪري چڪي هئي. سيلي جي خلا ۾ وڃڻ کانپوءِ هينئر تائين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ 45 کان وڌيڪ عورتون خلا جو سفر ڪري چڪيون آهن. سيلي خلائي ڪمانڊر جي عهدي تي به فائز هئي. هوءَ پنهنجي جواني ۾ اڀرندڙ ٽينس جي رانديگرياڻي به هئي ليڪن  هن تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ جام ڊگريون حاصل ڪيون، جن ۾ فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به شامل هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو