Home / افيئر / ووٽر لسٽن ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتي
above article banner

ووٽر لسٽن ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتي

31جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ جون ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽون پڌريون ڪيون جن ۾اسلام آباد،پنجاب،خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بحراني صورتحال پئدا ڪري ڇڏي آهي ڇو ته انهن ٻنهي صوبن جا 24 لک کان وڌيڪ ووٽ گهٽجي ويا آهن،پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبن جي ووٽن ۾ تقريبن 59 لک اضافو ٿيو آهي جيڪا ڳالهه ڇرڪائيندڙ آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم کانسواءِ هر پارٽي ڳڻتي واري صورتحال ۾ ورتل آهي ته نادرا هي ڪهڙو ڊرامو ٺاهيو آهي جو ڪراچي ۾ رهندڙ  جي ووٽ کي ڪمون شهيد ۾اڇلايو ويو آهي،اهو ڪهڙو ڪمپيوٽرائزڊ نظام آهي جيڪو ڪنهن رهواسي کان پنهنجو آئيني حق به کسي وٺي.سياسي ليڊرن ۽ ڪارڪنن جو اهو خيال آهي ته نادرا طرفان بنا پڇا ڳاڇا جي ڪنهن شهري جو ووٽ هڪ هنڌان خارج ڪرڻ سراسر زيادتي آهي

سنڌ جي اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ پهريون دورو چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم ڪيو هو جنهن ۾ ان کي آگاهه ڪيو ويو هو ته نين ووٽرلسٽن ۾ ٿيل غلطين تي سمورين سياسي پارٽين کي اعتراض آهن جن اهي لکت ۾ به داخل ڪرايا آهن ۽ انهن ڪمپيوٽرائزڊ ووٽرلسٽن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي جنهن جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن نه ته چونڊن جي ويجهو ايندي ئي اها صورتحال ڳنڀير ٿي سگهي ٿي جنهن تي فخر الدين جي ابراهيم چيو هو ته سياسي پارٽين جا ووٽرلسٽن تي جيڪي اعتراض آهن جا اهي ختم ڪيا ويندا پر ان کي به ڏهاڪو ڏهاڙن کان وڌيڪ ڏينهن گذري ويا آهن پر ازالو ڪونه ٿي سگهيو آهي. هر سياسي پارٽي ان ڳالهه تي اتفاق ڪري رهي آهي ته ضرور ٻٽا ووٽ داخل هوندا پر 13 لکن کان وڌيڪ ووٽ ٻٽا نٿا ٿي سگهن.ٻيو سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايترن لکين ٻٽن ووٽن جو جواز ڏئي خارج ڪيا ويا آهن ۽ وري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اهڙو هڪ ٻٽو ووٽ به داخل نه آهي ڇا؟.ڳڻتي جوڳي صورتحال اها به آهي ته انهن ٻنهي صوبن سميت اسلام آباد ۽ فاٽا جي ووٽن ۾ اضافو ٿيو آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته پنجاب،خيبرپختونخواهه،فاٽا ۽ اسلام آباد جا 59 لک ووٽن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ وري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 24 لک ٻٽا ووٽ ڄاڻائي خارج ڪيا ويا آهن،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا سنڌ اندر پنجن سالن ۾ ووٽ ۾ اضافو نه ٿيو آهي؟ ۽ رهندو 13 لک ووٽن جي کوٽ پئدا ڪئي وئي آهي جنهن تي ئي سياسي جماعتون اعتراض اٿاري رهيون آهن ته آخر ڪار نادرا جي اهڙي شفافيت آهي ته ٽن صوبن سميت گادي واري شهر جي ووٽرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي مٿان وري سنڌ ۽ بلوچستان جي ووٽن ۾ کوٽ پئدا پئي ٿئي؟

ووٽن واري معاملي جو آخري حل نڪرندي نظر ڪونه پيو اچي ڇو ته اسان جڏهن اليڪشن ڪميشن آف سنڌ کان ووٽرن جا ووٽ منتقل ۽ خارج ڪرڻ بابت سوال ڪيو ته انهن جو اهو موقف هو ته جن جا ووٽ منتقل ٿيا آهن اهي فارم نمبر چار ڀرين ۽ جن جا ووٽ ٻٽا هجڻ جي بنياد تي خارج ڪيا ويا آهن اهي هر ضلعي جي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ وڃي پنهنجو ووٽ ٻيهر داخل ڪرائين جنهن تي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته 13 لک ووٽ ٻٽا هجڻ جي بنياد تي خارج ڪيا ويا آهن اهي لکين ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي وڃي ووٽ ڪيئن داخل ڪرائيندا؟ جڏهن ته لکين ووٽ شهرن کان ٻهراڙين طرف منتقل ڪيا ويا آهن اهي لکين ماڻهو به ڪيئن فارم نمبر چار ڀرين جن کي ان بابت مڪمل ڄاڻ به ڪونهي،انهن اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها اخبارن ۾ ان حوالي سان جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ ڀرپور نموني اشتهاري مهم هلائي ته پوءِ به ڪجهه حل نظر اچي ٿو.

فخر الدين جي ابراهيم کي درپيش وڏن چئلينجن جو حل ممڪن آهي؟

شفاف ۽ منصفاڻين ووٽرلسٽن جي چونڊون ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت هوندي آهي جيڪڏهن اهي درست نه هونديون ته مسئلو تمام ڳنڀير ٿي ويندو. ڇو ته پارليامنيٽ ۽ ان کان ٻاهر ويٺل سموريون سياسي ڌريون چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم کي غيرجانبدار طور تسليم ڪري رهيون آهن پر مولانا فضل الرحمان واحد شخصيت آهي جنهن کي فخر الدين جي ابراهيم جي مقرري تي اعتراض آهي فخر الدين جي ابراهيم کي جيڪڏهن پاڻ کي غيرجانبدار ثابت ڪرڻو آهي ته ان کي پهريان ووٽرلسٽن ۾ نادرا طرفان ڪيل ڌانڌلي کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو،اهو سنجيده نموني سان توجهه ذريعي ئي ممڪن آهي ڇو ته ووٽن جي داخلا لاءِ اليڪشن ڪميشن هڪ اهڙو طريقيڪار متعارف ڪرايو ته منتقل ٿيل ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ووٽر فارم نمبر چار ڀري پوءِ ئي ان جو ووٽ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو جنهن جو ووٽ خارج ڪيو ويو آهي اهو پهريان ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي لاڳاپيل ضلعي جي اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃي اتي ووٽ داخل ڪرائي جيڪڏهن اهي طريقيڪار لاڳو ڪيا ويا ته پوءِ جيڪي 13 لک ووٽ خارج ڪيا ويا آهن اهي ورهين تائين داخل ڪونه ٿي سگهندا ٻيو جيڪي لکين ووٽ شهرن مان ٻهراڙين طرف منتقل ڪيا ويا آهن انهن لاءِ چيو پيو وڃي ته پهريان فارم نمبر چار ڀريو پوءِ اوهان جو ووٽ داخل ڪيو ويندو جيڪو به طريقو به ٺيڪ نه آهي ۽ ان طريقيڪار تي سمورين ڌرين کي اعتراض آهي ته نادرا اسان کان بنا پڇا ڳڇا جي ووٽ خارج ڪيا آهن .هاڻي فخر الدين جي ابراهيم کي گهرجي ته هو اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي گڏيل موبائل ٽيم جوڙي هر ضلعي ۾ موڪلين،تڪڙي بنيادن تي ووٽرلسٽن ۾ ٿيل ڌانڌلين وارين شڪايتن کي ختم ڪري سگهجي.ٻيو ڪراچي ۾ ٺپا مافيه جو قبضو ختم ڪرائڻ لازمي آهي ڇو ته ان تي سمورين سياسي ڌرين کي اعتراض آهن ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿين پيون ۽ تڪبندين سميت ٻيا به کوڙ سارا چئلينجز فخر الدين کي درپيش آهن جيڪي انتهائي سنجيده قسم جا آهن جيڪي حل نه ٿيا ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ جيڪا سياسي پارٽي هارائيندي اها ڌانڌلي جو الزام هڻندي. ڇو ته سياست جو اهو دستور رهيو آهي ته ناڪام ٿيل پارٽي واويلا ڪندي آهي.

سنڌ جو چيف اليڪشن ڪمشنر چا ٿو چوي؟

صوبائي اليڪشن ڪمشنر سونو خان بلوچ چيو آهي ته تازيون تيار ڪيل ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽر لسٽون جن  ۾ سنڌ جا تقريبن سوا 13 لک ووٽن جي خارج ڪرڻ جو ڪارڻ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ۽ ٻٽا ووٽ ختم ڪرڻ سبب آهن پر ووٽن جي تعداد ۾ گهٽتائي سبب تڪبندين تي ڪوبه اثر نه پوندو، ڇاڪاڻ ته تڪبنديون آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون آهن. جڏهن ته وڏي وزير سڌي ريت ووٽ گهٽجڻ بابت مون کان ڪا به وضاحت طلب ناهي ڪئي پر ووٽ داخل ڪرائڻ سڀني شهرين جو فرض آهي جنهن کي لازمي بڻائڻ گهرجي. سوني خان وڌيڪ چيو ته  گذريل 6 مهينن دوران سنڌ ۾ 2 لک 82 هزار نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا جن جا ووٽ ڪمپيوٽرائزڊ ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪيا ويا آهن پر ايندڙ چونڊن تائين جيڪي نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندا انهن جا ووٽ پاڻمرادو ووٽر لسٽن ۾ شامل نه ٿيندا پر کين ڊسٽرڪٽ رجسٽريشن آفيسر ( ڊي آر او) وٽ وڃي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻو پوندو. سنڌ جي ٻيٽن توڙي شهري ۽ ٻهراڙي جي جنهن به رهواسي جو ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل نه هوندو ان جو ووٽ داخل نه ٿيو آهي. اڳ رڳو ووٽ ڏيڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي هو پر هاڻي ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ به سڃاڻپ ڪارڊ لازمي آهي. بلوچستان ۾ داخل ٿيندڙ ووٽن مان گهڻي ڀاڱي ووٽ سنڌ ۾ واپس آندا ويا آهن پر سنڌ جي بارڊر واري پٽي تي رهندڙ جن به شهرين پنهنجي ملڪيت بلوچستان ۾ ڄاڻائي اتي ووٽ داخل ڪرڻ جو فارم ڀري ڏنو ان جو ووٽ بلوچستان ۾ ئي داخل رهندو پر ڪراچي ۾ رهندڙن جي مستقل پتي وارن علائقن ۾ داخل ڪيل ووٽن کي ڪراچي واري ايڊريس تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 2008ع جي چونڊن وارين ووٽر لسٽن ۾ سنڌ جا هڪ ڪروڙ 95 لک ووٽ هئا پر اهي ووٽر لسٽون ڪمپيوٽرائزڊ نه هئڻ سبب ٻٽي ووٽ جي نشاندهي ممڪن نه هئي.  گذريل چئن سالن کان نادرا جي سهڪار سان ووٽر لسٽن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ تي ڪم ڪيو پئي ويو ۽ نيٺ اهو مڪمل ٿي ويو آهي. جون 2012ع تائين نادرا جي رڪارڊ مطابق سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 84 لک 43 هزار ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيا ۽ انهن سڀني جا نالا ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪيا ويا آهن پر جيڪڏهن اڃا ڪو ڪنهن شهري جو نالو ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويو آهي ته ان جو سبب ان وٽ ڪمپيوٽرائزڊ ووٽر سڃاڻپ ڪارڊ نه هوندو.هن چيو ته جيڪڏهن ٻيٽن تي رهندڙن وٽ ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ نه هوندو ته يقينن ان جو ووٽ داخل نه ٿي سگهيو هوندو پر جن جا ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هوندا ته انهن جا نالا ووٽر لسٽن ۾ ضرور شامل هوندا. هن چيو ته ڪنهن به ضلعي جي ووٽر رڪارڊ سان ڪا هٿ چراند نه ڪئي وئي آهي ۽ سمورن شهرين جا ووٽ سڃاڻپ ڪارڊن مطابق داخل ڪيا ويا آهن.س هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻين صوبن جي شهرين جا ووٽ پڻ سڃاڻپ ۾ ڄاڻايل موجوده پتي مطابق داخل ڪيا ويا آهن. ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو شهري هجڻ لازمي شرط آهي پر جيڪڏهن ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ جي ايڊريس ڄاڻائي ڪارڊ ٺهرائڻ کان پوءِ پنهنجن صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن انهن جا به رڳو هڪ ئي هنڌ تي ووٽ داخل ٿي سگهن ٿا. ووٽر لسٽن ۾ نادرا جي رڪارڊ کي استعمال ڪيو ويو آهي جيڪڏهن نادرا ڪنهن غير قانوني پرڏيهي جو ڪارڊ ٺاهيو آهي ته ان جي شهريت بابت ثبوت پيش ڪرڻ جي صورت ۾ سندس نالو ووٽر لسٽن مان خارج ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪنهن به سياسي ڌر پاران بنڊل ڏيڻ سان ووٽ داخل نه ٿا ٿي سگهن پر ووٽ داخل ٿيڻ لاءِ ووٽرن جا صحيح ٿيل فارم لازمي آهن. جن به سياسي ۽ ديني جماعتن شڪايتون ڪيون انهن جي تصديق ڪري درستگيون به ڪيون ويون آهن پر گهڻي ڀاڱي زباني شڪايتون ڪيون ويون آهن. هاڻي به شهري ايس ايم ايس ذريعي ووٽ چيڪ ڪري داخل ڪرائي سگهي ٿو. چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ تائين نوان ووٽ داخل ۽ درستگيون ڪرائي سگهجن ٿيون. اليڪشن ڪميشن ڪنهن ووٽ داخل ڪرائڻ يا ووٽ ڏيڻ  جو پابند نه ٿي ڪري سگهي پر هر شهري کي ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ قانوني طرح پابند ڪرڻ گهرجي.

قومپرست سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن جا اعتراض

عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجي،جماعت اسلامي جي اسد الله ڀٽي،قادر مگسي،جسقم جي آصف بالادي،نواز ليگ جي ماروي ميمڻ،ف ليگ ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ سميت سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي نين ووٽرلسٽن تي سخت اعتراض آهن انهن جو موقف آهي ته شهرن مان ووٽ خارج ڪري ٻهراڙين ڏي ڇو منتقل ڪيا ويا آهن؟ اهي ووٽ جتان خارج ڪيا ويا آهن اهي اتي ئي داخل ڪيا وڃن،اسان فارم نمبر چار نٿا ڀري سگهون ڇو ته لکين ماڻهو اهو فارم نٿا ڀري سگهن ۽ اها ڳالهه 100 سيڪڙو ٺيڪ آهي ته ڪنهن نااهلي جي سزا عام شهري ڇو ڀوڳين،جيڪا غلطي جنهن ڪئي آهي اها ان کي ئي درست ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي 13 لک ٻٽا ووٽ هجڻ جو جواز ڏئي نيڪال ڪيا ويا آهن اهي به ٻنهي اٿارٽيز جون گڏيل موبائل ٽيمون جوڙي فيلڊ ۾ پراڻن سڃاڻپ ڪارڊن جي جاءِ تي نوان ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا وڃن انهن جو ووٽ اتي فارم ڀري داخل ڪيو وڃي نه ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي جيڪا ووٽ داخل ڪرڻ ئي نٿي اچي اها سخت مايوس ٿيندي جيڪا وڌي انهن 40 سيڪڙو ووٽ ڏيندڙن کي به مايوس ڪندي،بهتر آهي ته حڪومت بهتر انداز ۾ قدم کڻي.قومپرستن جو هڪ زبردست قسم جو موقف اهو به آهي جيڪو اياز لطيف پليجي هر ڀيري دهرائيندو آهي ته ٻين صوبن ڏي جيڪي ووٽ منتقل ڪيا ويا آهن اهي بلڪل شفاش نموني سان منتقل ٿيا آهن ڇو ته ڪراچي ۾ لکن ڌاري آبادي رهي ٿي جيڪي خيبرپختونخواهه،پنجاب،گلگت بلتستان،آزاد ڪشمير جا ماڻهو آهن، انهن جا ووٽ انهن جي صوبن جي شهرن ۾ داخل ڪيا وڃن اهي هتي وري ٻيهر واپس نه آندا وڃن. جيڪڏهن سنڌين جا ووٽ غلطي سبب ٻين صوبن ڏي منتقل ٿيا آهن ته اهي شفاف نموني سان واپس آندا وڃن،باقي ڌارين جي ووٽن جي واپسي هر گز قبول نه هوندي.جماعت اسلامي سنڌ جي صدر اسد الله ڀٽي جو اهو موقف آهي ته ووٽرلسٽن جي سنجيده قسم جي معاملي تي قومي ڪانفرنس گهرائي وڃي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي.اسد الله ڀٽي مزي جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته منهنجو ووٽ هڪ هنڌ ۽ منهنجي گهرواري جو ووٽ ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ته عام ماڻهن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو هوندو.

ڇا سنڌ ۾ هڪ رٿابندي تحت ووٽ خارج ۽ منتقل ڪيا ويا آهن؟

سنڌ جي مخصوص علائقن جي ووٽن ۾ اضافو ٿيو آهي،پنجاب جي مضبوط قسم جي ٽولي اڪثر علائقن جي رهواسين جي ووٽن ۾ پراڻين ووٽرلسٽن ڀيٽ نئين ووٽرلسٽن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ سرائيڪي پٽي جي اڪثر ضلعن ووٽرن ۾ گهٽتائي آهي جيڪا انتهائي سنجيده قسم جو ڳالهه آهي جنهن تي غور ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،سنڌ جي بدين ضلعي ۾ سوا 52 هزار ووٽن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ تمام ترقي ۽ تعليم جي حساب سان پوئتي پيل علائقو آهي جتي ايترن ووٽن ۾ اڦاصو ٿيڻ هڪ سوچل سمجهل سازش آهي جتي اڪثر اها چوڻي آهي ته اتي جي چونڊن ۾ ملڪ جي طاقتور ڌر جو وڏو ڪردار هوندو اهي جنهن کٽرائڻ چاهين کٽرائي سگهن ٿا ۽ جنهن کي چاهين هارائي سگهن ٿا،هاڻي ان جو ثبوت ۽ اندازو ايندڙ چونڊون بعد ئي لڳائي سگهجي ٿو.پوڻا ٻه لک قمبر شهداد ڪوٽ،سوا ٻه لک ڪراچي،تقريبن سوا 88 هزار سانگهڙ،27 هزارن کان وڌيڪ شهيد بينظير آباد ۽ ساڍا 19 هزارن کان وڌيڪ مٽياري ضعلن ۾ ووٽن جو اضافو ٿيو آهي،باقي ٻين ضلعن  جي ووٽن ۾ وري گهٽتائي ٿي آهي جيڪا هو سواليه نشان بڻيل آهي ته آخر اتان جي علائقن جي ووٽن ۾ اضفو ڪئين ٿيو آهي،ٻڌايو پيو وڃي ته انهن علائقن ۾ هڪ ته سيٽلر ڌارين جي آبادي گهڻي آهي ۽ انهن علائقن مان اڪثر مارشلائي دورن ۾ اتان ئي لوٽا ڪڍيا ويندا آهن ۽ هڪ مخصوص گروپ کي ڌانڌلي ذريعي کٽرايو ويندو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو