Home / ڪرنٽ افيئر / ٽنڊو آدم واقعو، اصل ماجرا ڇا آهي
above article banner

ٽنڊو آدم واقعو، اصل ماجرا ڇا آهي

ٽنڊو آدم ۾ غلام محمد ٻرڙي کي سرعام سوين ماڻهن لتون، مڪون، خنجر، سرون، لٺيون، هڻي ماري وڌو، هن کي ڪيتري عرصي تائين روڊ تي گهليو ويو، ديده دليري سان ڪيل اهڙين غنڊا گردي شايد سڄي عمر ماڻهن کان نه وسري پر قانون جي رکوالن اهڙي ظلم کي سنجيدگي سان نه ورتو. ويتر قتل ڪيس جي جاچ سانگهڙ مان ميرپورخاص منتقل ٿيڻ کان پوءِ انصاف جي اميد هاڻ ختم ٿيڻ لڳي آهي. جاچ ميرپورخاص ڇو منتقل ٿي، ان ۾ ڪراچي جي اهم سياسي ڌر جو هٿ آهي، ميرپور خاص ڪرائيم برانچ رڪارڊ، جوابدار، جوڙو وٺي وئي پر وري ٽنڊو آدم جو رخ ئي نه ڪيو اٿن، قتل ڪيس 50 ماڻهن تي داخل هوندي، سانگهڙ پوليس پاران جيڪي 6 ماڻهو گرفتار ٿيا ان کانپوءِ هڪ به ماڻهو گرفتار نه ٿي سگهيو.

عيد جي ٻئي ڏينهن فراز قريشي نالي هڪ نوجوان، جيڪو جٽيا ڦاٽڪ ٽنڊوآدم تي پتين جو دڪان هلائيندو آهي، ولي محمد ٻرڙو کان سندس خالي جاءِ جي چاٻي گهري هڪ ڇوڪري کي اتي وٺي آيو، پاڙي وارن جوڙي کي اندر ويندو ڏسي کين ٻاهران در ڏئي ڇڏيو، وٽن ڪوبه اخلاقي قدر نه هو هنن کين خوار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين هڪ صحافي کي فون ڪيو، جنهن اتي پهچي حد واري پوليس بجاءِ سٽي ٿاڻي جي هڪ اهلڪار دوست کي فون ڪيو ۽ قصو ٻڌايو، اهو اهلڪار ٻيو پٽي ڀائي ساڻ ڪري اتي پهتو.

چون ٿا ته اهي ٻئي اهلڪار جيڪي سادن ڪپڙن ۾ ملبوس هئا، جاءِ ۾ اندر ويا ۽ جوڙي کي صحيح سلامت وڃڻ لاءِ هڪ لک روپين جي گهر ڪئي. ڊيل ٿي هاڻ ضمانتي (جيڪو بعد ۾ پئسه ڏي) تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي. ساڳي طرح جاءِ ۾ اندر موجود فراز گهر جي مالڪ ولي محمد کي فون ڪيو، جنهن پنهنجي مائٽ غلام محمد ٻرڙو کي اطلاع ڪيو جيڪو پنهنجي پٽ ۽ هڪ مائٽ ساڻ اتي پهتو. ايتري ۾ جاءِ ٻاهران وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا. صورتحال کي خراب ڏسندي ٻرڙن مان ڪنهن فائر ڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ۽ انسانيت جو ڪنڌ جهڪي ويو، سوين ماڻهو مندائتي مينهن وانگي غلام محمد ٻرڙو، سرور ٻرڙو، مٺو ٻرڙو تي لٺيون، مڪون، خنجر، سيخون، سرون وسائيندا رهيا. موبائيل ۾ پهتل پوليس وارا لقاءُ ڏسندا موٽي ويا، ۽ ڪجهه نه ڪري سگهيا. بعد ۾ سٽي ۽ بي سيڪشن جا ايس ايڇ او وڏي نفري سان پهتا. غلام محمد ٻرڙو جو لاش ۽ زخمين کي ٽنڊو آدم جي اسپتال ۾ پهچايو ويو. ان دوران فائرنگ پڻ ٿي ۽ اقبال شيخ نالي هڪ شخص کي گولي لڳي. سندس نالو قتل جي ايف آءِ آر ۾ مک جوابدار طور ڄاڻايو ويو، حيدرآباد اسپتال مان واقعي جي ٻئي ڏينهن پوليس جي حراست مان نامي گرامي جوابدار وانگي پوليس کي چڪمو ڏئي فرار ٿي ويو، تاحال سندس پتو ناهي، هو علائقي ۾ موجود هڪ لساني ڌر جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو.

ٽنڊو آدم جي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته 30 کان 40 منٽن ۾ 2 کان 3 سو ماڻهو ڪٿان گڏ ٿي ويا. عيد جي ڏينهن ۾ ماڻهو سير و تفريح لاءِ نڪتل هوندا آهن، متحده جي اثر واري علائقي ۾ٿيل ان واقعي کي پري پلان چئي سگهجي ٿو، شهري معاملن تي گهري نظر رکندڙ حلقن ٻڌايو ته جاءِ خالي هئڻ، مالڪن جي اڪيلو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اچڻ تي رهواسين کي ساڙ ٿيندو هو، هنن اهڙي شڪايت يونٽ کي پڻ ڏني هئي جن کين موقعو مهل تاڙي غنڊا گردي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

فراز ۽ ڇوڪري ۾ ڪهڙو رشتو هو پر هاڻ سندن وڪيل ڪورٽ کي ٻڌايو ته هو زال مڙس آهن. فراز جو واسطو شهر جي اوباش نوجوانن جي ٽولي سان آهي، هو موبائيل تي لالچون ڏئي ڇوڪرين کي ڦاسائيندو رهندو آهي. ڪجهه عرصو اگم سونارڪي بازار ۾ پڻ هڪ ڇوڪري سان پڪڙيو ويو.

انساني حقن جو اڳواڻ بدر سومرو پنهنجي ٽيم سان ٽنڊي آدم پهتو، هن“افيئر” سان ڳالهيندي چيو ته پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر هو تحفظ پهچائڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي. ٿوري به ذميواري کان ڪم ورتو وڃي ها ته اهڙي قسم جو واقعو پيش نه اچي ها.

شهرين پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار شهر بند ڪري ظاهر ڪيو،سوين بلڪه هزارين ماڻهن سڄي شهر جو گشت ڪري محمدي چوڪ ۽ پريس ڪلب تي ڌرڻو هنيو ۽ گهر ڪئي ته ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، هنن جاچ ميرپور منتقل ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان ۾ گورنر هائوس ملوث آهي. ميڊيا سان ڳالهيندي ايس ايس پي سانگهڙ عبدالله شيخ پڻ اها ڳالهه چئي ته جوابدار ڌر کي ڪراچي جي طاقتور سياسي ڌر جو هٿ آهي.

شهري انصاف چاهين ٿا، جي ڪيس ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي لئي مٽي ٿيو ته اهڙو ظلم ڪندڙن جي دل وڌي ويندي ۽ اهڙا واقعا ٽنڊوآدم ته ڇا پر پوري سنڌ ۾ به ٿي سگهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو