Home / افيئر / پاڪستاني ڪشمير: مِني انگلينڊ
above article banner

پاڪستاني ڪشمير: مِني انگلينڊ

پاڪستاني ڪشمير جنهن کي عرف عام  ۾ آزاد ڪشمير چون ٿا ۽ ڀارت جي حصي ۾ آيل ڄمون ڪشمير کي پيارا پاڪستاني والا ريل ڪشمير ٿا چون ، پر ڄمون ۾ رهندڙ ڪشميري وري پاڪستاني ڪشمير کي به

والاريل ئي سمجهن ٿا. ڪيئن به هجي پر پاڪستاني ڪشمير ۾ جيڪي سهڻيون ماٿريون ۽ نظارا آهن انهن جو ڪو جواب ڪونهي باقي پاڻ ڀارت واري پاسي ويا ئي ناهيون ته هام ڪهڙي هڻجي!

 

سيرسپاٽي بهاني آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفرآباد ۾ ٻه چار ڏينهن رهڻ جو موقعو مليو، پرويز اشرف جا وڃي مهمان بڻياسين، پڙهندڙ  ڪنهن ابهام ۾ نه پون هي ملڪ جو وزير اعظم راجا پرويز اشرف نه بلڪه ڪشمير جو ناڻي وارو وزير چوڌري پرويز اشرف آهي، انگلينڊ ۾ پارليامينٽ ميمبر لارڊ نذير به سندس ويجهو مائٽ آهي.مظفرآباد ۾ هجڻ دوران هتان جي سڌ سماءُ واري وزير بازل نقوي، ميمبر ڪشمير ڪائونسل ۽ سينيٽر رفاقت اعواڻ سميت ڪيترن ئي ساڃاهه وندن ۽ صحافين سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ظاهري طرح هتي ٻيلن کانسواءِ ٻي ڪاخاص معيشت نظر نٿي اچي، پهاڙي سلسلا آهن، پهاڙ نهايت سرسبز ۽ گهاٽن وڻن سان ڳتيل آهن. زراعت ڇڊي آهي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته پاڪستاني ڪشمير سان لاڳاپيل لکين ماڻهو پرڏيهه ۾ رهن ٿا. ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمڀر کي ته سڏيو ئي مني انگلينڊ وڃي ٿو. ڇو ته اتان جو هر ٻيو ماڻهو لنڊن ۾ آهي. هڪ اندازي موجب هتان جا 10 لک ماڻهو پرڏيهه ۾ رهن ٿا جيڪي اتان ڪمائي هتي پنهنجي مائٽن کي سکيو ستابو رکن ٿا. لارڊ نذير کانسواءِ انگليند جي هڪ ٻي پارليامينٽ ميمبر سعيده وارثي جو تعلق پڻ هتي سان آهي.

جيتوڻيڪ پاڪستاني ڪشمير کي هلائي پاڪستاني وفاق ٿو، کين لڳ ڀڳ 15 ارب روپيا سالياني بجيٽ ملي ٿي جيڪا اهي پنهنجي حساب سان خرچ ڪن ٿا. هتي ٻه ميڊيڪل ڪاليج ، هڪ عورت يونيورسٽي، ڪنگ عبدالله يونيورسٽي، M U E S T يونيورسٽي سميت 5 يونيورسٽيون آهن. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هتي تعليم جي شرح 95 سيڪڙو آهي، اڪثر ماڻهو پڙهيل لکيل آهن،جيڪي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ آسٽريليا،انگلينڊ، ڪيناڊا ۽ ٻين ملڪن جو رخ ڪن ٿا يا وري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اچي نوڪريون يا ڪاروبار ڪن ٿا. پي آءِ اي ۾ پڻ  سندن وڏو انگ آهي. ڪراچي ۾ ڪشميرين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو، جن جي ئي ووٽن تي متحده هڪ اڌ سيٽ به هٿ ڪري چڪي آهي. ان حوالي سان جڏهن چوڌري پرويز اشرف کان پڇيو ويو تڏهن ان جي وراڻي هئي ته “متحده کي ڪشميري قطعي طور پسند نٿا ڪن، ڪراچي ۾ رهندڙ ڪشميرين کان گن پوائنٽ تي ووٽ ورتا ويندا آهن”.

جيئن ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي، سو پاڪستاني ڪشمير  ۾ نيلم ۽ جهلم درياهن جو تيز وهڪري وارو پاڻي هجڻ سبب اتي تمام گهڻن هائيڊل پراجيڪٽس تي ڪم هلندڙ آهي. اهي پراجيڪٽ گهڻو تڻو چين جون ڪمپنيون ٺاهي رهيون آهن، جبلن ۾ ٽنل ٺاهي، درياهن جي پاڻي جو رخ موڙي پهاڙن مٿان هيٺ ڪيرائي بجلي ٺاهڻ جو ڪم تيزي سان جاري هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته ليپا ماٿري ۾ فرينچ ڪمپني 48 ميگاواٽ هائيڊل پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، پترين 16ميگاواٽ، جهلم نيلم هائيڊل پراجيڪٽ مان 2016 تائين 1100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي  ويندي، بالا درياءِ جهلم تي پڻ ايندڙ پنجن سالن ۾ 1200 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي اميد ڏيکاري پئي وئي .واقعي جيڪڏهن اهي هائيڊل پراجيڪٽ ڪاميابي سان هلي پون ٿا ته ڪنهن حد تائين بجلي جي بحران ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. هائيڊل منصوبا ڏسڻ دوران منهنجو پراڻو سنگتي مصطفيٰ چنا چين تي ٻلهار پئي ٿيو ۽ بي ساخته چئي ٿي ڏنائين ته چين ترقي جو ضامن آهي، هتي هن ڪيڏو وڏو ڪم ڪيو آهي. مون ۽ قربان ٻگهئي چين جي ترقياتي منصوبن تي اتفاق ته ڪيو پئي پر سنڌ ۾ ذوالفقارآباد منصوبي بابت خدشن جو اظهار پئي ڪيو. ايئن سفر هلڪي ڦلڪي بحث مباحثي ۽ خوش مزاجيءَ سان جاري رهيو.

هتي  هڪ دلچسپ ڳالهه توهان کي ٻڌائيندا هلون ته اسان وٽ بهبودآبادي کاتو “ٿورا ٻار پيار ئي پيار” مهم هلائيندي ٿڪجي ئي نٿو، آزاد ڪشمير ۾ ان جي ابتڙ “گهڻا ٻار پيار ئي پيار ”وارو نعرو رائج آهي، ڇو ته ڪشميري جاپانين وانگر گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ جا قائل آهن. ان ڪري اهي گهڻا ٻار پيدا ڪرڻ واري خفي ۾ پون ئي ڪون، ليڪن حڪومت کين وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ في ٻار 1500 روپيا ماهوار معاوضو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هر اضافي ٻار جي حساب سان 21 ورهين جي عمر تائين ڪٽنب کي ملندو رهندو. باوجود ان جي ماڻهن جو آبادي وڌائڻ طرف رجحان گهٽ ٿو نظر اچي. ان کانسواءِ ڀارتي ڪشمير کان لڏي مظفرآباد ۾ آباد ٿيلن لاءِ هتان جي سرڪار هڪ مهاجر ڪالوني پڻ ٺهرائي آهي، جتي ٻاهران آيل ڪشميري رهن ٿا. انهن مهاجر ڪشميرين کي بقول سرڪاري وزيرن مشيرن جي ته ڪشميري حڪومت في ڪٽنب 10 هزار روپيا مهينو خرچ پکو مهيا ڪري ٿي. جيئن سندن گذر سفر سولو ٿي سگهي. ٻي جيڪا مزيدار ڳالهه سامهون آئي سان اها هئي ته هتي سواءِ ڪشميري ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي توهان هتي نه ته سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهو ٿا نه وري ڪا ملڪيت وٺي سگهو ٿا. معنيٰ ته صفا گرين ڪارڊ وارو ڪم آ، ڪشميرين وٽ ڪشميري ڪارڊ وٺڻ لاءِ ڪشميري ڇوڪري ڦاسائڻ ضروري آهي، تنهن ڪري پاڻ واري سنگت رکيو پيرن تي زور !

هاڻي اسان جو پنڌ پير چنياسي واري چوٽيءَ طرف هو. ٻڌايو پئي ويو ته اهو پير صاحب 10 هزار فوٽ کان مٿي جي بلندي تي آهي. واقعي جڏهن مٿي وياسين پئي ته بخت حسين ٻرڙي، نذير ميراڻي، اصغر شيخ سميت سڀني دوستن جو ساهه مُٺ ۾ هو. اسان جي سامهون بيٺل ۽ خزاني واري وزير جو پرائيوٽ سيڪريٽري شجاع ڪشميري به صفا چُٽيل هو، پير چنياسي تي پهچڻ کانپوءِ بجاءِ زيارت ڪرڻ جي سهڻين ڇوڪرين جا فوٽو ڪڍڻ ۾ رڌل نظر آيو-ويچارو صفا ڦٽيل عاشق ٿي لڳو ! ان سفر ۾ اسان سان اطلاعات کاتي ڪشمير سان لاڳاپيل شعيب نقوي به گڏ هو. هي نوجوان مولائي هو. ان ڪري سندس گفتگو جو موضوع رڳو ذوالجناح، تعزيه ۽ ماتم هو. خوش مزاجي سبب ساڻس سڄي سنگت جو پير چنياسي جي چوٽي تائين پهچڻ ۽ واپسي وارو سفر نهايت سٺو گذريو.

جيئن لاهور لاءِ مشهور آهي ته “لاهورجنهن نه ڏٺو سو ڄميوئي نه ”ايئن وڃجي ڪشمير ۽ نيلم ماٿري نه ڏسجي ڄڻ ته اهو ماڻهو ڄميوئي نه، سو نيلم ماٿري پنڌ پياسين، نيلم درياهه گڏ گڏ هلي ٿو، جهلم  درياهه به ڏٺوسين،- پر هي جيڪو پاڻ وٽ سرڪاري کاتن ۽ اين جي اوز طرفان ٻوڏ اچڻ بهاني پِن جو پيسو گڏ ڪرڻ جي واويلا آهي، ان جي اتي بلڪل نفي نظر آئي-ڇو ته اهي درياهه مٿان کان جڏهن ڀرجي وهندا آهن تڏهن سنڌو تائين پاڻي پهچندو آهي-ٻوڏ ته پوءِ جي ڳالهه آهي، اتي ئي اهي درياهه ڪنهن موج ۾ نه هئا، پاڻي گهٽ هيو، پٿر تري مان نظر پئي آيا. مقامي ماڻهن چواڻي هيل برساتون گهٽ پيون آهن، ان ڪري پاڻي گهٽ آهي نه ته هي درياهه ڀرجي وهندا آهن. نيلم درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي ڇڊي آبادي آهي، ماڻهو ڪاٺ جي پلن وسيلي هڪٻئي ڏانهن اچ وڃ ڪن ٿا ۽ مواصلات جو ذريعو به اهي پلون ئي آهن.

نيلم درياهه جي ڪناري هڪ هنڌ اٺ مقام اچي ٿو. اتي هڪ چوڪي تي هڪ فوجي جوان مليو جنهن اسان جي صحافي دوست نذير ميراڻي کي سنڌي ٽوپي پاتل ڏسي چيو ته سنڌي آهيو ؟سڀني ها ۾ ورندي ڏني ته هن به نهايت پنهنجائپ مان چيو ته آءُ به بدين جو ميراڻي آهيان. هتي زندگي ڏکي آهي پر روزگار سانگي سنڌي نوجوان همت ڪري هيستائين به پهچي ويا آهن. اٺ مقام کان ٿورو ئي اڳيان هڪ اهڙو هنڌ اچي ٿو جنهن تي سامهون واري پاسي نيلم جي پرين ڀر پهاڙن تي هڪ پاسي پاڪستان جو جهنڊو نظر آيو ۽ سپاهي چوڪي تي ويٺل آهن ته ٻئي پهاڙ تي ڀارت جو جهنڊو نظر پئي آيو ۽ اتي ڀارت جا سپاهي ويٺل هئا.ٻڌايو پئي ويو ته هاڻ پرين ڀر ڀارتي ڪشمير اتان شروع ٿو ٿئي ۽ اورين ڀر پاڪستاني ڪشمير آهي. ٻنهي پاسي ڇڊيون آباديون آهن، ٻار بي خوف، ڪنهن تڪرار ۽ جنگ جي خوف کان آجا ندي ڪناري گهمندي ۽ کيڏندي نظر آيا. ٻنهي پاسي ڪشميري هڪٻئي جا عزيز آهن پر کين هڪٻئي ڏانهن اچڻ  ۽ ملڻ جي اجازت ناهي، ان لاءِ کين حڪومتن جي اجازت نامن جو محتاج رهڻو پوي ٿو. باقي اهي عيد برات تي هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون مختلف طريقن سان اڇلائي به موڪلين ٿا، سو به سپاهين کان اک چورائي جيڪڏهن ڪنهن ڪاڪي فوجي ڏسي ورتن ته سندن لاءِ آزار. مقامي ڪشميرين چواڻي مٿي چوڪي تي ويٺل پاڪستاني ۽ ڀارتي فوجي هڪٻئي سان تاش راند به کيڏندا آهن، دوستاڻي انداز ۾ ملندا جلندا آهن-باقي تڪرار اصل ۾ حڪومتن وچ۾ آهن. ليڪن اڄ ڪلهه ڀارت ۽ پاڪستان حڪومتن وچ۾ پهتر لاڳاپا ٿيڻ سبب نيلم ماٿري گولين جي گونجار کان آجي آهي نه ته اتي ماڻهو سر بچائڻ لاءِ پريشان هوندا هئا.نيلم کان اڳيان ڪيرن ماٿري آهي، اها ماٿري پاڪستاني ڪشمير جي پڄاڻي جو دنگ آهي، اسان ڪيرن ماٿري تائين وڃي ۽ موٽياسين.واپسي انهي سوچ ۾  گذاري ته هتي رهندڙ ماڻهن جي زندگي فطرت جي حسن سان ته بروبر مالا مال آهي پرآهي ڏکي، وري انهن جي ان ڏکي زندگي کي پاڪستان ۽ ڀارت حڪومتن جا تڪرار اڃا به ڏکيو ڪن ٿا. جي اهي تڪرار ختم ٿي وڃن ته هي وادي واقعي جنت جي وادي بڻجي سگهي ٿي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو