Home / افيئر / پاڪستان ، پرڏيهي قرضن ۾ ٻڏل
above article banner

پاڪستان ، پرڏيهي قرضن ۾ ٻڏل

پارليامينٽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ملڪ ۾ گهٽتائي جو سخت نوٽيس وٺندي ان سلسلي ۾ جاچ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 1985ع کان وٺي مامرن جي جاچ پڙتال ڪندي، ڇو ته 1985ع ۾ ضيا جي مارشل لا کانپوءِ پهرين اسيمبلي وجود ۾ آئي هئي. ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي پٺيان ڪيترائي عنصر آهن. ان بحران مان ملڪ ڪيئن نڪري سگهي ٿو ؟ اهو هن  وقت نهايت ڏکيو سوال آهي.

ويجهڙ ۾ ئي حڪومت آمريڪا طرفان Coalition Support Fund تحت رکيل 1.1 بلين ڊالر ملڻ کانپوءِ ڪجهه سک جو ساهه کنيو آهي. ڇو ته حڪومت اڳ ۾ بجيٽ ۾ وڌندڙ خساري ۽ پرڏيهي ناڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ ان لاءِ وڌيڪ خطرو بڻجي سگهن ٿا. ڇو ته هي حڪومت جو آخري مالي سال آهي، 2013 ۾ عام چونڊون پڻ ٿيڻيون آهن.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 31 مارچ 2008 تائين حڪومت ئي پرڏيهي ناڻي جي مد ۾ خسارو ۽ قرضن جي مد ۾ رهتون 45.8 بلين ڊالرز هو جيڪو هاڻي 31 مارچ 2012 تائين وڌي وڃي 60.3 بلين ڊالرز کي پهتو آهي. واضح رهي ته گذريل سال جولاءِ تائين پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا رڪارڊ سطح يعني  18.31 بلين ڊالرز هئا. جيڪي تڏهن عالمي بئنڪ طرفان جون 2011 ۾ جاري ڪيل رقم 191.9 ملين ڊالرز ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان 191.8 ملين ڊالرز قرض جاري  ڪرڻ سبب وڌيا هئا پر آءِ ايم ايف طرفان قرض معطل ٿيڻ سبب پاڪستان پرڏيهي ناڻي جا بهتر ذخيرا گهڻي عرصي تائين برقرار رکي نه سگهيو.

وڌندڙ واپاري خساري، توانائي جي بحران ۽ ڪرنسي ايڪسچينج ۾ گهٽتائي پ پ حڪومت جي پنج ساله معاشي ترقي تي ڪيترائي سواليه نشان هڻي ڇڏيا آهن. ان ڪري ان وٽ عوام سان ايندڙ پنج سالن لاءِ خوشحالي جي دعوائن لاءِ بهتر گرائونڊ موجود ناهي. حقيقت  اها آهي ته پ پ جي اتحادي حڪومت ۾ توانائي جو بحران چوٽ تي رهيو .2010 جي ٻوڏن ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو، جڏهن ته آمريڪا سان سلالا چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ ڇڪتاڻ سبب ٻاهرين گهربل امداد به نه اچي سگهي. جڏهن ته ان تڪرار جي ڪري آمريڪا پاڪستان جي سموري مالي مدد روڪي ڇڏي جنهن ۾ اتحادي سپورٽ فنڊ، ڪيري لوگر بل تحت امداد ۽ فوجي مدد پڻ شامل هئي. جڏهن ته مالي سال 2011 دوران پڻ سنڌ ۾ برساتون ۽ ٻوڏ رهي، ايل بي او ڊي ٽٽڻ سبب ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جنهن ڪري تمام گهڻو معاشي نقصان ٿيو.

جيئن  ته حڪومت بجيٽ ۾ آمريڪا کان ملندڙ مالي مدد، اتحادي سپورٽ فنڊ ۽ ڪيري لوگربل تحت ملندڙ امداد به ڪاٿي ۾ شامل ڪئي هئي. جڏهن اها رقم نه پئي ملي ته ان سان مسئلن ۾ واڌ آئي ۽ حڪومت جا  12-2011 بجيٽ ۾ طئي ٿيل سمورا ٽارگيٽ رولڙن جو شڪارٿي ويا.

جيتوڻيڪ هاڻ حڪومت کي ٻاهران ڪافي مالي مدد ملي چڪي آهي پر ان سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ ايترو گهڻو فرق ناهي آيو، ڇاڪاڻ ته حڪومت کي سيپٽمبر 2011  ۾ آءِ ايم ايف کان Stand by arrangement تحت جيڪا وڏي مالي مدد ٿيڻي هئي سا نه ٿي سگهي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته حڪومت ريفارمڊ جنرل سلز ٽئڪس (R G S T) لاڳو نه ڪرائي سگهي، جي اهو لاڳو ٿي وڃي ها ته حڪومت آءِ ايم ايف کان 3.2  بلين ڊالرز رقم حاصل ڪري پئي سگهي، جيڪا نه ملي سگهي. R G S T لاڳو نه ٿيڻ جو سبب حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر جي پارليامينٽ ۾ ان جي مخالفت هئي.

جيتوڻيڪ حڪومت هاڻي به سنجيدگي سان ويچاري رهي آهي ته آءِ ايم ايف کي هڪ ڀيرو ٻيهر مالي مدد لاءِ درخواست ڪئي وڃي پر ان جا ڏکيا شرط وچ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن ، ڇاڪاڻ جو حڪومت لاءِ اڳيان عام چونڊون هجڻ سبب آءِ ايم ايف جا شرط قبول ڪرڻ نهايت ڏکيو مرحلو هوندو.

“ هاڻوڪي حڪومت ممڪن آهي ته سخت فيصلا وٺڻ لاءِ نگران حڪومت جو انتظار ڪري رهي هجي” معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي “ افيئر” کي ٻڌائي ٿو “پاڪستان کي عملي طرح دهشتگرد گروپن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ آمريڪا کان امداد حاصل ڪرڻ ممڪن نه رهندو” هو وڌيڪ چوي ٿو . هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ پاڪستان جو پلڙو ڀاري هو ان ڪري هن ڏوڪڙ به جام ورتا پر هاڻي ان جي اها پوزيشن نه رهي آهي.

ياد رهي ته 2 مئي 2011 تي آمريڪين طرفان ايبٽ آباد ۾ آپريشن ڪري اسامه بن لادن کي مارڻ کان پوءِ آمريڪا، پاڪستان جا لاڳاپا بگاڙ جي پنڌ تي هئا. مٿان سلالا چيڪ پوسٽ وارو واقعو انهن لاڳاپن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو. جڏهن پاڪستان نيٽو فورسز کي ڪراچي مان ٿيندڙ سپلاءِ معطل ڪري ڇڏي ۽ بلوچستان ۾ شمسي ايئربيس جي ليز به رد ڪري ڇڏي.

جيتوڻيڪ هاڻي حڪومت نيٽو سپلاءِ کولي ڇڏي آهي ليڪن ان دوران ستن مهينن تائين ملڪ جا معاشي طور ڌاڃوڙا نڪري ويا. ڇو ته پاڪستان ڪمزور معاشي بنيادن سبب هميشه پنهنجي بجيٽ ٺاهڻ لاءِ به ٻاهرين مدد ڏانهن پيو واجهائيندو آهي.

حڪومت جيڪا به ٻاهران اوڌر وٺندي آهي اها گهڻو تڻو قرض لاهڻ تي خرچ ڪندي آهي، ايئن پرڏيهي قرضن ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو ويندو آهي. “ جيڪڏهن آءِ ايم ايف طرفان Stand by Arrangement تحت رقم ملندي به رهي تڏهن به قرض هاڻوڪي سطح کان وڌندائي رهندا” ڊاڪٽر صديقي ٻڌائي ٿو.

پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي پرڏيهي قرضن کي اڃا به وڌايو آهي. پاڪستان جو معاشي بحران ان ڪري به بد کان بدتر ٿيندو وڃي جو ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران گهڻو تڻو ناڻو فوج ۽ سروسز جي مد ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو. “ پاڪستان قرضن جي هڪ شيطاني چڪر ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ان وٽ قرض وٺي قرض واپس ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي”  معاشي تجزئي نگار فرح شهزاد چوي ٿو.“ پرڏيهي قرض وڃن ٿا وڌندا، ملڪ ۾ پيداوار جو رجحان آهي .ئي نه ، روپيو ملهه وڃائيندو پيو وڃي. ان ڪري پاڪستاني معيشت ۾ قرض واپس ڪرڻ جي سگهه ئي نه رهي آهي” هو وڌيڪ چوي ٿو.

پاڪستان سرڪار مشرف جي حڪومت کان وٺي بند ٿيل پرائيوٽائيز يشن پروگرام سبب پڻ پريشان آهي. ڪيترن ئي موقعن تي حڪومت پرائيوٽائيزشين ٻيهر شروع ڪرڻ چاهي پر ناڪام رهي.ان 3.G لائسنس ٽيليڪام انڊسٽري کي وڪڻي 75 بلين روپيا يا 833 ملين ڊالرز حاصل ڪرڻ پئي چاهيا، پر اهي نيلام 12-2011 ۾ نٿي سگهيا.

هن وقت پاڪستان کي Stand by Arrangement Facilty هيٺ آٰٰءِ ايم ايف کي 8 بلين ڊالرز واپس ڪرڻا آهن، لڳ ڀڳ 1.8 بلين 2012 جا ادائيگي لاءِ رهيل آهن. جڏهن ته پاڪستان لاءِ اصل چئلنج 2013 ۾ 3.9 بلين ڊالرز ۽ 2014 ۾ 2.1 بلين ڊالرز واپس ڪرڻ جو آهي. مذڪوره صوتحال ئي حڪومت کي مجبور ڪيو آهي ته اها اندروني توڙي ٻاهريان قرض کڻي معاملا هلائي.

نه رڳو ٻاهريان قرض وڌي ويا آهي بلڪه داخلي طورتي به پ پ جي اتحادي حڪومت گذريل چئن ورهين جي عرصي ۾ قرضن جي بارهيٺ دٻيل آهي. داخلي قرض ۽ پرڏيهي ان عرصي دوران ٻيڻا ٿي چڪا آهن. داخلي قرض جيڪو 2008 ۾ 3226 بلين روپيا هو، اهو 12-2011 ۾ 6223 بلين روپيا ٿي چڪو آهي. جڏهن ته پرڏيهي قرض 2778 بلين روپين کان وڌي 4773 بلين روپين تائين پهتو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان جي معيشت بجيٽ خسارو گهٽائڻ ۾ به گهڻو تڻو پرڏيهي امداد تي ڀاڙي ٿي.جڏهن ته داخلي سيڪيورٽي تي وڌندڙ خرچ پڻ معيشت تي منفي اثر وڌا آهن.

“ پاڪستان جو مک مسئلو وڌندڙ واپاري خساري کي روڪڻ آهي، جيڪو هن وقت 21 بلين ڊالر ٿي چڪو آهي” سينيئر معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن چوي ٿو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال واپاري خسارو 15 بلين ڊالرز هو، جيڪو اڃا تائين وڌندڙ ئي آهي. جڏهن ته پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري (F D I) به گهڻي ناهي، اها فقط 1 بلين ڊالر آهي.

ڊاڪٽر صديقي چواڻي آءِ ايم ايف کان پاڪستا کي مالي مدد ملڻ جو دارومدار به آمريڪا سان لاڳاپن تي آهي ۽ اهو به ته پاڪستان آمريڪا کان ڪيترو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿو. هن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته جنرل پرويز مشرف جي پرائيوٽائيزيشن پروگرام سبب پاڪستاني معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ملڪ کي پي ٽي سي ايل ۽ ڪي اي ايس سي جي خانگائڻ مان فقط 7 بلين ڊالرز مليا. هاڻي اسان ان پرائيوٽائيزيشن جي قيمت چڪائي رهيا آهيون.معاشي ماهرن موجب پرڏيهي قرضن ۾ واڌ سب ايندڙ ڪجهه سال پاڪستاني معيشيت لاءِ انتهائي ڏکيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو