Home / افيئر / پاڻي تي ڪار هلائڻ جو غير سائنسي تجربو
above article banner

پاڻي تي ڪار هلائڻ جو غير سائنسي تجربو

 

ڪجهه مهينن کان وٺي خيرپور جي هڪ نوجوان آغا وقار بابت عام خبرون هلي رهيون هيون ته هن هڪ اهڙي واٽرڪٽ انجڻ ايجاد ڪئي آهي جيڪا پاڻي تي هلي ٿي، جنهن بعد وري اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته حڪومت انهي نئين ايجاد کي همٿائي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ان نوجوان جو تعلق سنڌ سان آهي وغيره. ڇا پاڻي تي انجڻ هلڻ واري ايجاد دنيا ۾ڪا نئين ڳالهه آهي؟ اچو ته انهن ڳالهين جي اصليت جو جائزو وٺون. دراصل پاڻي تي انجڻ هلائڻ وارو اصول ڪيمسٽري جي هڪ عمل برقي ڇيد يا اليڪٽرو لائس (Electrolysis) تي مدار رکي ٿو جنهن ۾ پاڻ کي بجلي جيڪرنٽ ذريعي ٽوڙي هائڊروجن گئس پيدا ڪري ان کي انجڻ ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪيو ويندوآهي. سن 1800ع ۾ برطانوي سائنسدان وليم نڪلسن ۽ جرمن سائنسدان رڊسٽر پاڻي کي اليڪٽرولائس جي  عمل ذريعي آڪسيجن ۽ هائيڊرو جن ۾ ٽوڙڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو. ان کانپوءَ مشهور برطانوي سائنسدان مائيڪل فيراڊي 1842ع ۾ وڌيڪ تجربا ڪري اليڪٽرولائس جي عمل جا قانونڏنا. انهي وقت کان وٺي ان ڳالهه تي سوچ ويچار هلي رهيو آهي ته پاڻي جي اليڪٽرولائس ذريعي حاصل ٿيندڙ هائڊروجن گئس کي ڪهڙي طريقي سان انجڻهلائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هاڻي انجڻ کي هائڊروجن تي هلائڻ لاءِ پهرين هڪ انجڻ جي هلڻ جو اصولي سمجهڻو پوندو. چيو وڃي ٿو دنيا ۾ سائنس جي پهرين ايجاد ڦيٿو آهي. هزارين سال اڳ جڏهن ماڻهو ڪا وزني شيءَ گهليندا هئا ته ميداني زمين جي پيٽ ۾ جڏهن ڪنهن پٿريلي زمين مان گذرندا هئا ته ان شيءَ جو بار گهٽ محسوس ٿيندو هو. جڏهن انسان جي شعور انهي عجيب ڪشمڪش تي غور شروع ڪيو ته ان نتيجي تي پهتو ته پٿريلي علائقي مان گذرڻ وقت گهلڻ واري شيءَ سان گڏ هيٺان زميني شي موجود ننڍيون پئريون ته گڏ ڦرن ٿيون جنهن ڪري بار ڇڪڻ ۾ آساني محسوسٿئي ٿي ۽ انهي اصول تي ڦيٿو ايجاد ٿيو. ان ڦيٿي کي ڦيرائڻ لاءِ پهريان جانورن جو سهارو ورتو ويو. جڏهن انساني شعور اڃا وڌيڪ ترقي ڪئي ته انجڻايجاد ٿي ۽ آخرڪار 1893ع جڳ مشهور جرمن سائنسدان روڊلف ڊيزل هڪ اهڙي انجڻ ايجاد ڪئي جنهن ۾ ٻارڻ جو عمل به انجڻ جي اندرئي ٿي پئي سگهيو ۽ ان انجڻ کي ( Internef Combustion Engin) جو نالو ڏنو ويو. پر اڄ تائين به اها انجڻ پنهنجي موجد مسٽر ڊيزل جي نالي پٺيان “ڊيزل انجڻ” جي نالي سان دنيا ۾مشهور آهي. ڊيزل انجڻ ۾ چار مختلف عمل ٿيندا آهن. جنهن ڪري ان کي (four Stroke) انجڻ سڏيو ويو.پهرين اسٽروڪ کي (Inductioen)چيو وڃي ٿو جنهن ۾ هوا پسٽن جي چيمبر ۾ داخل ٿيندي آهي. ٻئي اسٽوڪ کي(Compression) چيو ويندو آهي. جنهن ۾ پسٽن مٿي اچي هوا کي دٻائيندو آهي ته انجڻ دٻاءَ جي ڪري  چيمبر ۾ ڦاٿل هوا اٽڪل 550 سينٽي گريڊ تائين گرم ٿي ويندي آهي.ٽئين اسٽوڪ کي ( Combustion) چيو ويندو آهي ۽ انهي۾ چيمبر ۾ دٻايل گرم هوا تي مٿان کان ڊيزل ذريعي تيل جي ڦڙن جي پچڪارٿيندي آهي ۽ گرم هوا جي ڪري تيل کي باهه لڳندي آهي ۽ اها باهه پسٽن کي تمام تيز ۽ اوچتو ڌڪو لڳائيندي آهي ۽ پسٽن وري ڪرينڪ سافٽ ذريعيڦيٿي سان ڳنڍيل هوندو آهي.چوٿين اسٽوڪ کي ( Engaust)چئبو آهي،جنهن ۾ باهه جي ڪري پيدا ٿيل دونهون ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ايئن ڊيزل انجڻ جو هڪ سائيڪل مڪمل ٿيندو آهي.ته اهو سڄو عمل ٻن اسٽروڪن ۾به پورو ٿيندو آهي، جنهن کي (Tow Stroke) انجڻ چئبو آهي.

مٿي بيان ڪيل انجڻ جي هلڻ طريقي ڪار مان واضح ٿيئ ٿو ته انجڻ جي لڳاتار هلڻ لاءِ چيمبر ۾ باهه جو شعلو پيدا ٿيڻ لازمي آهي ۽ اها باهه تيل ذريعيٻاري ويندي آهي.جيئن ته باهه هميشه  هائڊروجن گئس ذريعي پيدا ٿيندي اهي ۽پيٽرول يا گئس جي هڪ ماليڪيول(C hy) ۾ به پارائٽيم هائڊروجن جاءِ هڪائٽم ڪاربن جو هوندو آهي. سو پاڻي جي ماليڪيول(H20) ۾ به ٻه ائٽم هائڊروجن جا هڪ آڪسيجن جو هوندو آهي ۽ پوءِ ان اصول تي اهو سوچيو ويو تهڇو نه پاڻي جي اليڪٽو لائس ذريعي حاصل ڪيل هائڊروجن کي تيل جي بدران انجڻ ۾ باهه ٻارڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ ايئن ڪرڻ سان تيل جهڙي مهانگيٻارڻ مان جان ڇٽي سگهي ٿي. پر پاڻي مان حاصل ڪيل هائڊروجن ۾ خرچ وڌيڪ توانائي ۽ ڪارڪردگي جي شرح گهٽ آهي. جو اڃا تائين اها تيل جو نعم البدل ناهي ٿي سگهي ۽ دنيا ۾ مختلف وقتن تي اهڙي دعويٰ ڪئي وئي ته پاڻي جي الڪٽرولائس ذريعي حاصل ڪيل توانائي کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو پر اهي سڀ اڃان تائين مڪمل ڪامياب به ٿي نه سگهيا آهن.1935 ع ۾ چارلس گيرٽ دعويٰ ڪئي ته هو پاڻي تي گاڏيون هلائي سگهي ٿو پر مڪملڪامياب نه ٿي سگهيو.

هڪ آمريڪي شخص انٽينلي ميئر 1980ع ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هو پاڻي ذريعي ڪمرشل بنيادن تي گاڏيون هلائي سگهي ٿو پر 1996ع ۾ ڪورٽ کيس انڪوڙي دعويٰ جي فراڊ جي ڪيس ۾سزا ڏني ۽ 1998ع ۾ اينٽينلي ميئر جو پراسرار نموني موت ٿي ويو.

2000ع جي ڏهاڪي ۾ سريلنڪا جي هڪ شخص به اهڙي دعويٰ ڪئي ۽حڪومت به سندس مدد ڪئي پر ڪامياب نه سگهيو ۽ آخر ۾ حڪومت کيس ٺڳي جي الزام ۾ جيل موڪلي ڇڏيو. 1969ع ۾ فلپائين جي ڊينيل ڊنگل به اهڙي دعويٰڪئي پر اهو به ڪامياب نه ٿي سگهيو.وري هڪ آفريڪي ڪمپني پاڻي تي گاڏيون هلائڻ جي دعويٰ ڪئي ماڻهن کان 25 لک ڊالر گڏ ڪيا پر اها به ٺڳي ثابت ٿي ۽ ڪمپني جي مالڪ کي ڪورٽ سزا ٻڌائي ۽ اهڙا ڪيئي واقعا موجود آهن.

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڻي جي اليڪٽرولائس ذريعي انجڻ هلائڻ واري دعويٰ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو انهي ڪم تي ڪافي تجرباڪندا رهيا آهن پر ڪجهه ٽيڪنيڪل پيچيدگين سبب اڃا تائين ان ٽيڪنالاجي کي ڪمر شل بنيادن تي استعمال ڪرڻ ۾ ڪاميابي ناهي ٿي سگهي جنهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. جيڪڏهن انٽرنيٽ تي يوٽيوب ويب سائيٽڏسنداسين ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو پاڻي جي الڪٽرولائس ذريعي جنريٽر، موٽرسائيڪل، ڪار وغيره جي انجڻ هلائيندي نظر ايندا. هن طريقي جي هڪ خامي اها به آهي ته پاڻي جي اليڪٽرولائس لاءِ پهريائين بجلي جيڪرنٽ جي ضرورت هوندي آهي.جنهن کانپوءِ هائيڊروجن پيدا ٿيندي آهي ۽ اها هائڊروجن انجڻ ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏيندي آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي، تيل، گئس ۽ڪوئلي وانگر ٻارڻ ناهي، سو اليڪٽرولائس کي لڳاتار جاري رکڻ لاءِ بيٽري ذريعي بجلي به لڳاتار مهيا ڪرڻي پوندي آهي. جيڪو هڪ اضافي خرچ آهيڇاڪاڻ ته بجلي ذريعي الڪٽرولائٽس جي عمل سان انجڻ هلائڻ تي تيل کان چار دفعا وڌيڪ خرچ  اچي ٿو. جيئن چوندا آهن ته هٿرادو سون به ٺاهي سگهجي ٿو پر ان تي خرچ اصلي سون کان گهڻو وڌيڪ ايندو آهي، جنهن ڪري اهو طريقو ڪارائتو ناهي. ان کانسواءِ هائڊروجن هڪ تمام خطرناڪ ۽ باهه پکيڙيندڙ گئس آهي، جنهن لاءِ احتياطي اپاءَ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. مطلب ته هن طريقي کي تيل جي مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ اڃا وڌيڪ سائنسي تحقيق جي ضرورت آهي ۽آغا وقار ڪا نئين ڳالهه دريافت ناهي ڪئي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو