Home / ڪئپيٽل افيئر / پنجاب جي ورهاڱي جي نالي ۾ نون صوبن جو کٽراڳ
above article banner

پنجاب جي ورهاڱي جي نالي ۾ نون صوبن جو کٽراڳ

پنجاب هن ملڪ ۾ سدائين طاقت جو محور رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪ اندر رهندڙ ٻين قومن جو استحصال ٿيندو رهيو آهي، اوڀر پاڪستان به انهي ڪري هٿ سان ڌار ڪيو ويو ته جيئن پنجاب جي حاڪميت هِن ملڪ مٿان قائم رهي، ڇاڪاڻ ته بنگالي پنجابين کان اڪثريت ۾ هئا، جنهن ڪري انهن جي موجودگي ۾ پنجاب جي هڪ هٽي ممڪن نه هئي،  جيڪڏهن پاڪستان جو منظر نامو ڏسجي ته سڀ معاملا چٽا ٿي ويا آهن. هاڻي ڪجهه به ڳجھو ناهي رهيو، سڀ سمجهن ٿا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، ۽ ڇا ٿي رهيو آهي.

سنڌ کي سدائين پنجاب سان اها شڪايت رهي آهي ته هو انهي جي وسيلن تي قابض رهيو آهي، پر  پنجاب اسٽبلشمينٽ جو مرڪز هجڻ ڪري هن ملڪ اندر رهندڙ ٻين قومن کي به ڏنگيندو رهيو آهي، اڄ جڏهن پنجاب جي ورهاڱي جو معاملو اٿيو آهي ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي باقي ٽنهي صوبن مان انهي ورهاڱي جي مخالفت ٿي رهي آهي، پر پنجاب اندر لوڊ شيڊنگ خلاف مظاهرن جي اڳواڻي ڪندڙ ميان شهباز شريف ۽ جاڳ پنجابي جاڳ جي نعري جو خالق ميان نواز شريف ڪنهن به اهڙي مظاهري جي اڳواڻي نه ڪري سگهيا آهن جيڪو پنجاب جي ورهاڱي ِ خلاف ڪيو ويو هجي، اوهان کي شايد حيرت ٿئي ته پنجاب ۾ اڃا تائين پنجاب جي ورهاڱي خلاف ڪو هڪ به مظاهرو نه ٿيو آهي، اهو ڪم صرف مين اسٽريم جي ميڊيا ۾ ويٺل پنجابي ڳالهائيندڙ اينڪر ڪري رهيا آهن، باقي ٿيا ست خير!! ”جيڪڏهن سنڌ ۾ ان قسم جي صورتحال هجي ته سنڌ ڪڏهوڪي ٻري چڪي هجي ها“ چڪوال سان تعلق رکندڙ اسانجو صحافي دوست سعيد ملڪ مونکي ٻڌائي رهيو هو.

هن سڄي معاملي ۾ پنجاب جي سڀ کا ن وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ (ن) عارضي پريشاني ۾ مبتلا آهي، نون ليگ جي تجربيڪار ٽيم جلد انهي پريشاني مان نڪري ويندي، صوبن کي ورهائڻ لاءِ حڪومت پاران ٺاهيل ڪميشن ۾ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي نمائندگي نه هئڻ ۽ انهي ڪميشن جي چيئر مين جي مقرري تي اعتراض بعد مسلم ليگ هن وقت صدر آصف علي زرداري جي ترجمان ۽ سينيٽر فرحت الله بابر جي صدارت ۾ ٿيندڙ  ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي، جيتوڻيڪ وفاقي وزير سيد خورشيد شاھ اهو چئي به چڪو هو ته هو مسلم ليگ جي شرڪت کان سواءِ به انهي اجلاس جي ڪارروائي کي نه روڪيندا، پر 31 آگسٽ جمعي جي ڏينهن انهي ڪميشن جو   اجلاس نه ٿي سگهيو، ظاهري طور تي ته انهي اجلاس نه ٿيڻ بابت اهو عذر ڄاڻا يو ويو ته ميمبرن جي عدم موجودگي سبب اهو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. پر  ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت مسلم ليگ (ن) کي انهي اجلاس ۾ شرڪت تي آماده نٿي ڪري ته انهي اجلاس جي اخلاقي۽ قانوني حيثيت ئي مشڪوڪ ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته جنهن صوبي کي ورهايو پيو وڃي انهي صوبي جي حڪمران جماعت جي غير موجودگي ۾ ڪيئن فيصلا ڪري سگهجن ٿا. ٻي ڳالهه اها ته ارڙهين ترميم جي تناظر ۾ نگران سيٽ اپ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مرضي ۽ رضامندي کان سواءِ ممڪن ناهي،  پيپلزپارٽي حڪومت جي اها به مجبوري آهي ته هو معاملن کي ان حد تائين نه کڻي وڃي جو سڀاڻي واپسي ممڪن نه رهي، انهي ڪري سرڪار اهو چاهي پئي ته جيڪڏهن انهي ڪميشن تي مسلم ليگ (ن) کي ڪي اعتراض آهن ته انهي تي نه رڳو غور ڪجي پر انهي کي حل به ڪجي، جيئن هڪ طرف ڏکڻ پنجاب جي عوام کي اهو ٻڌائي سگهجي ته پيپلزپارٽي ته پنهنجي ڪمٽمينٽ سان سچي آهي پر مسلم ليگ (ن) انهي سڄي معاملي کي خراب ڪري رهي آهي. انهي تاثر ڏيڻ سان مسلم ليگ(ن) کي ڏکڻ پنجاب ۾ ڌڪ لڳندو ته ٻي طرف پيپلزپارٽي جي ساک بهتر ٿيندي، انهي ڪري عين اهو ممڪن آهي ته نون صوبن جي ڪميشن جي چيئر مين شپ تان سينيٽر فرحت الله بابر کان استعيفي به ڏياري وڃي، ته جيئن مسلم ليگ (ن) کي انهي ڪميشن مان ڀڄڻ جو موقعو ۽ بهانو نه ملي سگهي. هن وقت پيپيلز پارٽي کي ڏکڻ پنجاب ۾ پاپولر ٿيڻ کان روڪڻ وارو ڪير به ناهي، ڇاڪاڻ ته هو جيڪڏهن سرائيڪي صوبو ٺاهي ۽ بهاولپور کي بحال ڪري ٿي وڃي ته به هن جو لولو گيهه ۾ ۽ ڪامياب نٿي ٿئي ته به نقصان مسلم ليگ(ن) کي.

پنجاب جي ورهاڱي لاءِ ٺاهيل ڪميشن ۾ مسلم ليگ جو اهو اعتراض پنهنجي جاءِ تي بجا آهي ته جن سياسي پارٽين جو پنجاب سان تعلق ئي ناهي انهن کي به انهي ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهي ڪري انهن پارٽين کي انهي ڪميشن مان  فارغ ڪيو وڃي.  ٻڌايو وڃي ٿو ته انهي سلسلي ۾ سرڪار انهن پارٽين جي موجودگي جي ڀرپور حمايت ڪندي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي پنهنجن اتحادين مان في لحال هٿ نه ڪڍندي، ان ڪري ته هو ايندڙ چونڊن ۽ ان جي نتيجن تي نظر رکيو ويٺي آهي.

هتي انهي ڪميشن بابت ڪيترا ئي سوال آهن جيڪي اڃا تائين جواب طلب آهن، جن ۾ پهرين ڳالهه اها آهي ته انهي ڪميشن لاءِ ٽائيم فريم طئي نه ڪيو ويو آهي ته هو ڪيترن مهينن يا ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون ترتيب ڏئي حڪومت جي حوالي ڪندي؟

ٻي ڳالهه اها ته انهي ڪميشن جي آئيني حيثيت ڇا آهي؟

ٽين ڳالهه اها ته اها ڪميشن رڳو نون صوبن جي حد بندي جو تعين ڪندي يا اين ايف سي ايوارڊ، پاڻي جي ورڇ، ۽ ٻين معاملن کي به شامل ڪندي؟

چوٿين ڳالهه اها ته ڇا انهي ڪميشن جي سفارشن بعد هڪ ٻي ڪميشن پارليامينٽ پاڻ ٺاهيندي،؟ جيڪا آئين ۾ ترميم ڪرڻ جون سفارشون ڪندي، ڇاڪاڻ انهي ڪميشن جي سفارشن بعد آئين تبديل ٿيندو ۽ آئين ۾ تبديلي اتفاق راءِ سان ئي ممڪن آهي، جيڪا ٿيندي نظر نٿي اچي.

پنجين ڳالهه اها ته اها ڪميشن انهي ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت ڏيندي ته پنجاب جي ورهاڱي بعد صورتحال جيئن جو تيئن رهندي.

جيتوڻيڪ انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب جي ورهاڱي لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي چيئر مين فرحت الله بابر سان رابطو به ڪيو ويو، ۽ اهي سوال ميل به ڪيا ويا، جن جو جواب نه ملي سگهيو .

پنجاب جي ورهاڱي واري ڪميشن جي قيام بعد قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪُنڊي جي اها خواهش ضرور هئي ته هو به ان ۾ شامل هجي ،پر اهو قانوني طور تي ممڪن نه هو جنهن ڪري هو شامل نه ٿي سگهيو، پر سندس خواهش آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ کي به خيبر پختون خواھ مان ڪڍي ڏکڻ پنجاب ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن جي اي اين پي ۽ جي يو آءِ(ف) وڏي واڪي مخالفت  ڪري چڪا آهن. انهي سلسلي ۾ اهو ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن خيبر پختون خواھ جي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان ان قسم جو بل پاس ڪري  وفاقي حڪومت کي موڪلي، خيبر پختون خواھ اسيمبلي جيڪڏهن ايئن ڪري ٿي ته کيس هزارا صوبي لاءِ به بل پاس ڪرڻو پوندو، ۽ اي اين پي ڪنهن به صورت ۾ ايئن ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.

پنجاب جي ورهاڱي بابت ٺاهيل ڪميشن جي مخالفت کي مسلم ليگ (ن) سنڌ سان ڳنڍي رهي آهي، هن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي قوتون پنجاب جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سنڌ ورهائڻ چاهين ٿيون، مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي اطلاعات سيڪريٽري احسن اقبال جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) نه رڳو پنجاب کي ترقي ڏياري آهي پر ڏکڻ پنجاب جي بجيٽ ۾ به 400 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته جڏهن ارڙهين ترميم دوران صوبن جي ورهاڱي جو  معاملو غور هيٺ آيو هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اها ڳالھ طئي ٿي هئي ته جيڪڏهن صوبن جي ورهاڱي جو پينڊورا باڪس کوليو ويو ته هر جاءِ تان انهي قسم جا آواز بلند ٿيندا. هن جيتوڻيڪ بنا نالو کڻڻ جي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي پر هِن اهو به چيو ته لساني بدران انتظامي بنيادن تي صوبن جي ورهاست ڪئي وڃي، ان قسم جي ڳالهه سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم به ڪندي رهي آهي، احسن اقبال هڪ طرف سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌايو آهي ته پنجاب ورهائڻ جي نالي ۾ سنڌ کي ورهايو ويندو ته ٻئي طرف هن ايم ڪيو ايم کي به خوش ڪيو آهي، هن اهو به چيو ته فاٽا۽ هزارا کي به صوبي جو درجو ڏنو وڃي، هن جو چوڻ هو ته انهي سڄي عمل مان سياسي ايجنڊا جي بوءِ اچي ٿي، جيڪڏهن انهي قسم جو عمل ٿيو ته صوبا پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هوندا.

هاڻي جيڪڏهن انهي ڳالهه جو نتيجو ڪڍجي ته ٿيندو ڇا؟ ته ان جو جواب اهو آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت حڪومت اهو ذهن ٺاهي چڪي آهي ته عام چونڊون آئيني مدي کان اڳ ئي ڪرائي ڇڏجن، ان ڪري موجوده ڪميشن جيڪر پاڻ سواليا نشان بڻيل آهي، ۽ انهي لاءِ ٽائيم فريم به طئي ناهي ته هو پنهنجون سفارشون ڪيتري عرصي ۾ تيار ڪري حڪومت جي حوالي ڪري، ۽ انهي جي سفارشن تي سمورين ڌرين جو متفق هجڻ به ضروري آهي، جيڪي معاملا پي ايم ايل اين اٿاريا آهن اهي انهي مختصر وقت ۾ نبيرڻ ممڪن نظر نٿا اچن ، اصل ۾ اهو هڪ اهڙو سياسي نعرو آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي کي فائدو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب مان وڌ ۾ وڌ ووٽ حاصل ڪري پنهنجي سياسي پوزيشن مستحڪم ڪري.

ان ڪري في لحال اهو چئي نٿو سگهجي ته پنجاب جو ورهاڱو ٿيندو به سهي يا نه؟ پر جيڪڏهن اهو ورهاڱو ٿيو ته اسان کي خوش نه ٿيڻ گهرجي، انهي ڪري ته هڪ طرف جڏهن فوري طور تي ملڪ اندر ٻن صوبن جو اضافو ٿيندو ته ظاهر آهي ته صوبن جي وچ ۾ نئين سر پاڻي ۽ اين ايف سي جا معاهدا طئي ٿيندا، ان جو نقصان  ٻين ننڍن صوبن سان گڏ سنڌ کي به ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پنجاب ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو حصو  انهن نون وجود ۾ آيل ٻن صوبن کي نه ڏيندو ۽ انهي لاءِ سڀن صوبن کي پنهنجي پنهنجي حصي مان حصو ڏيڻو پوندو. ٻي ڳالهه اها ته آمريڪا ۾ ويهي جيڪي ڏکڻ صوبي سنڌ جون ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون ، انهي عمل کان پوءِ انهي مهم کي اڃا به وڌيڪ هٿي ملندي ۽ ڏياري ويندي، ڇاڪاڻ ته مين اسٽريم جي ميڊيا ۾ ويٺل اڪثريت پنجاب جي ماڻهن جي آهي ، ۽ زرداري هٿان ورهايل پنجاب جو پلاند پورو ڪرڻ ۾ هو ڪنهن به ريت وسان نه گهٽائيندا، ۽ هن دفعي اسٽيبلشمينٽ هڪ دفعو وري ساڻن گڏ هوندي.

razak.khatti@gmail.com

Top of Form

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو