Home / افيئر / ڀارت: آسام ۾ ٿيل ڇڪتاڻ، هزارين ماڻهو بي گهر
above article banner

ڀارت: آسام ۾ ٿيل ڇڪتاڻ، هزارين ماڻهو بي گهر

ڀارتي رياست آسام ۾ ٿيل تشدد ۾ هيلتائين مرندڙ ماڻهن جو انگ 60 کان وڌي ويو آهي. ان تشدد ۾ 400 کان وڌيڪ ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اڍائي لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.بوڊوقبائلين ۽ مسلمانن وچ ۾ شروع ٿيل انهن فسادن ۾ متاثر ماڻهن ۾ مسلمانن جو انگ سوايو آهي.نسلي ڇڪتاڻ جولاءِ جي وچ ڌاري ان وقت شروع ٿي جڏهن ٻن مسلمان شاگرد ليڊرن عبدالصديق شيخ ۽ محبوب الاسلام تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو ويو. ان جي جواب ۾ شاگردن جي ڌر حملو ڪري بوڊو ٽائگرزجا چار ڪارڪن ماري وڌا. ان کانسواءِ ڀر پاسي وارن ٽن ضلعن ۾ نسلي ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، واضح رهي ته انهن ضلعن ۾ بوڊو قبائلين جي اڪثريت آهي ۽ اهي اتي بوڊو لينڊ ٽيري ٽوريل ڪائونسل ( بي ٽي سي) جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن. معاهدي هيٺ عمل ۾ آيو هو. بوڊو لينڊ جي قيام جي تحريڪ بوڊو لبرمشين ٽائيگرز هلائي هئي. جيتوڻيڪ هاڻي اها تنظيم ختم ٿي چڪي آهي پر بي ٽي سي جي قيادت ان جي اڳوڻن اڳواڻن جي هٿن ۾ آهي ۽ سندن پارٽي 2006 کان ڪانگريس جي اتحادي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو