Home / افيئر / Slum Child ڏتڙيل ٻار جي درد ڪٿا
above article banner

Slum Child ڏتڙيل ٻار جي درد ڪٿا

 سنڌ ڄائي بينا شاهه جنهن جو تعلق مٽياري ساداتن جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽سياسي گهراڻي سان آهي. بينا شاهه جي کاتي ۾ ٽي ناول هرهڪ “ Where They Dream in Blue ،The 786 Cafe۽ ٽيونموجوده نالو ڏتڙيل ٻار” (Slum child) آهن. ان کان سواءِ مختصر ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب “ جانورن جي دوا درمل (Animal Medicine) پڻ آهي.بينا شاهه جي هاڻوڪي ناول جو مکيهڪردار ليلا نالي هڪ ڇوڪري آهي جنهن جي ڄمار لاچار نَو يا ڏهه ورهيه ٿيندي۽ ناول جو مرڪز هڪ ڪچي آبادي عيسيٰ نگري (حسن اسڪوائر جي ويجهو) آهي جنهن جي اڪثريت ڪرستان مذهب سان واسطو رکندڙ ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن جي آهي.انهي ڪچي آبادي جا رهواسي دنيا جي ڪنهن به سهولت کان محروم ۽پوسل جي پونئرن جيان حياتي گهاري رهيا آهن، انهن وٽ ڏک، عذاب، اهنج ۽ پيڙائن جا ديرا آهن. اهي دنياوي دوزخ ۾ پڄرندڙ انسان گهڻو تڻو بنگلن ، فليٽن ۽ ٻين خوشحال وسندين ۾ ڪم ڪارڪري گذر سفر ڪندڙ آهن.

 

اهڙي وايو منڊل ۾ ليلا جيئن ئي سمجهه ۽ ساڃاهه سان ٿئي ٿي ته تپرس ۽ اُڻ تڻ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ پنهنجي ڄمار کان وڌيڪ سنجيده ۽ شين کي اڳڀرو پرکڻ ۽پُرجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان جو اظهار هيئن ڪري ٿي :مان جڏهن نَون ورهين جي هيس ته هڪ ماڻهو کي سرنج وسيلي هيروئن هڻندي ڏٺو. جيتوڻيڪمون کي چڱي ريت سُڌ ڪا نه هئي ته هيروئن ڇا ٿيندي آهي ؟ ( ص-4) ليلا پنهنجي گهرجي پيرائتي نموني ڄاڻ ڏيندي چوي ٿي: منهنجا ڀائر گهر کان ٻاهرڪم ڪار ۾ ڳهندا رهن ٿا ۽ امڙ به هڪ امير گهراڻي ۾ جيڪو انصاري صاحب طور ڄاتو سڃاتو ويندو آهي ، اتي پورهيو ڪندي آهي. جڏهن ته گهر ۾ ٻاجهه جو فرشتو سندس ڀيڻ جمنا هئي” هڪ مڙسالو ماڻهنس سان گڏجي نئين مڙس طور رهڻ لڳو ۽ سدائين نشو پتو ڪندو رهندو هو. ان کان سواءِ گهر کان ٻاهر ٻهڪردار هارون مڪراني ۽ سليم آهن-انهن مان پهريون ڏک ۽ پيڙا ۾کيس دلجاءِ ڏيندو رهي ٿو-جڏهن ته سليم سندس مائٽي پيءَ سان گڏجي ڪنهن عرب وٽ وڪروڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، انهي ڏک ۽ ڏهڪاءُ ۾ ٻڏندي ترندي سوچي ٿي “اڄ مان هڪ ڇوڪري آهيان ۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي رنڊي بڻجي پوان” (ص129) انهي صورتحال ۾ به عام حالتن جو جائزو وٺندي ۽ ملڪي ماحول ۾ مذهبيڇڪتاڻ ۽ فرقيواريت ڏانهن نشاندهي ڪند ي عيسيٰ نگري جي رهواسين لاءِ ٻڌائيٿي ته “ انهن مان ڪو به مخالف کي قرآن کڻي ساڙڻ يا بيحرمتي ڪرڻ ۽ نبي صلعم بابت اجايا سجايا بهتان هڻي ڪنهن جي به مال ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي برعڪس هڪ ٻئي جي عقيدي کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا.” (ص-9 )

جڏهن قرباني جي عيد جو ڏڻ ويجهو اچي ٿو ته ان لاءِ به وياڪل من سان اظهارڪري ٿي ته رات جو سندس حالت ڏڪڻ ۽ حيراني ۾ گذرندي آهي، ڇو ته ايندڙصبح جو قرباني جي نالي ۾ بي گناهه جانورن کي موت جي منهن ۾ اماڻيو ويندو.انهي سلسلي ۾ ٻڌائي ٿي ته اضحيٰ جي عيد بابت اسڪول جي ماسترياڻيٻڌائيندي آهي ته حضرت ابراهيم پنهنجي پٽ اسماعيل جي قرباني ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو هو. ان جي ابتڙ سندن ڪليسا جو پادري رابرٽ ٻڌائيندو آهي ته حضرت ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جي قرباني ڏئي رهيو هو،.هوءَ جڏهن ماسترياڻي کي پادري جي راءِ کان آگاهي ڏئي ٿي ته وراڻي ۾ چويس ٿي: اسلام مڪمل دين آهي . ڪرستان مذهب ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون۽ خاميون شامل ٿي ويون آهن.(ص26) پر ليلا مذهب جي حد بندي، غربت جي ماحول جي باوجود به ڄاڻي ٿي ته عيسيٰ ڪالوني ۾ اڪثريت ته عيسائين جي آهي، پر پوءِ به سڀئي ڪرستانڪونه آهن. ريکا هڪ هندو ۽ خديجه مسلمان آهي. اسان جو عقيدو پنهنجي جاءِ تي پر اسان جو (گڏيل) مذهب بک آهي، ۽ جنهن ديوتا جي قدمن ۾ ويهي پوڄا ڪن پيا، سو ڪلدار ڏوڪڙ آهي. ( ص63)

انهي مايا جي اڻ هوند ڪارڻ سندس ڀيڻ جمنا کي ٽي-بي جو آڪٽپس ڳڙڪائي وڃي ٿو.جمنا جيڪا ماءُ کان وڌيڪ پر گهور ۽ سارسنڀال لهندڙ هستي هئي-ان جو دردناڪ موت ۽ مجموعي حالتن جا پاڇولا سندس ذهن تي جنهن نموني اثراندازٿين ٿا، ان جو رد عمل ايئن ظاهر ٿئي ٿو ته اسڪول ۾ ماسترياڻي سان بحث مباحثي ۽ بيزاري جي حالت ۾ چيو ٿي: منهنجو ته ڪنهن حد تائين ڌڻي سڳوري مان به ويساهه کڄي ويو آهي (ص115 ) پر ماسترياڻي اهڙن ناستيڪي ويچارن تي ليلا کي ڇنڀيدي ۽ تنبيهه ڪندي چوي ٿي ته تنهنجا اهڙا خيال مورڳو تولاءِ هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا. پرهو بعند رهندي چوي ٿي ته “خدا منهنجي ڀيڻ کي بچائي ڪونه سگهبو جيڪا رت اوڳاڇي مري وئي.”

انهن حالتن ۾ ليلا ٻيو ڪو به چارو نه ڏسي گهر مان فرار ٿئي ٿي. هونئن اهڙين آبادين ۾ مايوسي ۽ اوندهه انڌوڪار ڏسي ماڻهو آپگهات ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا آهن پر ليلا کي ياد اچڻ لڳو ته ديول جو پادري سدائين واعظ ڪندي چوندو آهي ته آپگهات پاپ آهي. ايئن ڌڪا ٿاٻا کائيندي کيس هڪ گهر ۾ نوڪرياڻي طور پناهه ملي . ان کان سواءِ هارون مڪراني به نمودار ٿئي ٿو جنهن جا مضبوط هٿ ۽حوصلو کيس دلجاءِ ڏين ٿا ۽ جڏهن هارون کان سندس اوچتو غائب ٿيڻ جو پڇيٿي ته هو رام ڪهاڻي ٻڌائيس ٿو ته ڪيئن ايڌي فائونڊيشن وارن سارلڌي ۽هيروئن جهڙي موذي مرض مان جان بچائي .

ليلا،هڪ نوڪرياڻي جيان گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي رهي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن پراڻي وسندي عيسيٰ ڪالوني جون ساروڻيون کيس ايترو ته حيران ۽ پريشانڪري ڇڏينديون هيون جو هوءَ برقعو پائي گهمي ڦري ايندي هئي. اميراڻي گهر ۾رهندي سندس من ۾ مانڌاڻ متل رهندو هو.اهڙي انساني جبلت بابت چوي ٿي “ منهنجي من ۾ ٻه وحشي جانور سانڍيل آهن جيڪي حيران، پريشان ۽ نويڪلائي۾ غضبناڪ ڄاڙيون رکندڙ آهن (ص 235 )انهن ٻنهي جانورن بابت فلسفياڻي انداز۾ ٻڌائي ٿي ته هڪ جانور محض جياپي لاءِ اڻ تڻ آهي ۽ ٻيون جانور چوي ٿو ته هڪ جمنا مري وئي، امڙ به مري ويندي ۽ هڪ ڏينهن پاڻ به مري کپي ويندي. اڳتي هلي گهر جي ڀاتين ۽ خاص ڪري ٻن ڀينرن مريم ۽ جيهان کي خبر پويٿي ته ليلا هڪ ڪچي آبادي جي رهواسڻ ۽ پيڙهيل طبقي سان تعلق رکي ٿي. اهو هيئن ته هڪ ڏهاڙي ليلا برقعو پائي نڪري ٿي ته جيهان ڏسي وٺيس ٿي ۽بيدي پير پڇيس ٿي :هي برقعو ڪاٿئون آندئي ۽ ڇالاءِ پائيندين آهين.؟ اهڙي آڏي پڇا ليلا کي ايڏو ته منجهائي ۽ ششدر ڪري ڇڏيو جو سندس نڙي مان اکر بهڪونه پئي نڪتو-اهڙي صورتحال بابت چوي ٿي ته “ مان جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليو پر اکر ڪونه پئي نڪتا، منهنجا چپ محض چري پري رهيا هئا، انهي سونهري مڇي وانگر جيڪا پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۾ وڪامندي نظرايندي آهي” (ص254 ) آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ليلا کي ساڳي عيسيٰ ڪالوني ڏانهن اماڻيو ويندو- پهريائين ته ٻئي ڀينرون مريم ۽ جيهان طبقاتي حوالي سان اهڙي گندي آبادي۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿيون پر سندن من ۾ اوچتو انساني جبلت ۾ سانڍيل رحم ۽ماڻهپو جاڳي پوي ٿو. عيسيٰ ڪالوني ۾ ليلا کي هارون ڪونه ملي ٿو ۽ سڌو پنهنجي گهر جو رخ ڪري ٿي، سندس ماءُ جيڪا هڏڙن جي مٺ وڃي بچي هئي ان کي گاسليٽ جي بتي ۾ جهيڻي روشني ۾ ڏسي سراپجي وڃي ٿي. ليلا جيئن ئي ماءُ کي ڀاڪر ۾ وٺي ٿي ڳوڙهن جو بند ڀڄي پويس ٿو. ماڻهنس جي خيال ۾ ته جمنا آئي آهي ۽ هوءَ کيس جمنا………جمنا چئي چنبڙي پوي ٿي. اوچتو سليم ( جيڪو ليلا کي ڪنهن عرب شيخ جي حوالي ڪرڻ گهري ٿو) نمودار ٿئي ٿو-ليلا هڪ گهايل شينهڻ وانگر کيس چنبڙي پوي ٿي، پر سليم پنهنجو لوهي چنبوڳچي ۾ وجهندي چويس ٿو هي گهر تنهنجو نه رهيو آهي-۽ ياد رک هي اميرزاديون هڪ ڪارو پئسو به توکي ڪونه ڏينديون…تون گهٽي جو گندو ڪيڙو آهين……جيستائين تون ڪنواري رهندين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندئي (271 )ليلا نيٺ مزاحمت ڪندي ساڻي ٿي ڪري پوي ٿي۽ چپن ۾ بڙبڙ ڪري ٿي “ مقدس ماءُ منهنجي سهائتا ڪر” ۽ اڌپوريل اکين ۾ ڏسي ٿي ته هارون جي هٿ ۾هڪ سروٽو آهي ۽ کيس ٻانهن ۾ وڪوڙي رهيو آهي.

بينا شاهه جو هي مختصر ناول هن سماج ۾ چوڏس چوڌاري پکڙيل سماجي اڻبرابري جو عيسيٰ نگري جي حوالي سان هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ هو هڪ باشعور۽ ساڃاهه وند پنهنجو سُخن مهانڊو ڏسي پاڻ ۽ دنيا لاءِ راِءِ قائم ڪري سگهي ٿي ته هي سمورو عالم ڪيڏانهن لوڙهه ۾ لڙهندو وڃي رهيو آهي ؟ هونئن ٿلهي ليکي “ ڏتڙيل ٻار” جو پلاٽ ۽ ڪردارن تي مٿاڇري نظر ڦيرائجي ته ان ۾ ليلا جي چوگرد ناول ڦري رهيو آهي ۽ ليلا پنهنجي ننڍڙي ڄمار يعني9 ۽ 10 ورهين ۾به ايڏي ساڃاهه ۽ شعور رکي ٿي ڄڻ ته هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت عذابن۽پيڙائن جي دوزخ مان پچي نڪتي آهي. مختصر ته ليکڪا، پنهنجي ناول جي سورمي کي جيڪا اڌوگابري پڙهيل ڳڙهيل آهي ان کي ديو مالائي ڪردار ۾سامهون آندو آهي. ايئن هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻو جنهن وٽ سندس امڙ پورهيوڪندي هئي ان بابت اڻ پڙهيل ماءُ ٻڌائيس ٿي ته “ اهي ايڏي ته نج حيدرآبادي اردو ڳالهائين ٿا جهڙي غظيم مغلن اڪبر ۽ شاهجهان جي درٻارن ۾ ڳالهائي ويندي هئي” جيتوڻيڪ تواريخ جي آگاهي رکندڙن کي ڀلي ڀت سُڌ هوندي ته مغلن جي اوائلي دور ۾ درٻاري ٻولي فارسي هئي.

هي ناول اقليتن، ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقن جي حالتن جو جائزو وٺندي نشاندهيڪري ٿو ته انهن سان ناموس رسالت ۽ مذهبي فرقيواريت جي حوالي سان ڪهڙو ورتاءُ ۽ ڪلور ڪيا وڃن ٿا. هن ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب جي وچ۾وسيع وٿي پيدا ٿي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته ليکڪا مسئلن ۽ مونجهارن جي مرڪز تي آڱر وڃي رکي آهي،پر ان جو علاج ۽ ستيڦڪي دائمي طور ڪهڙي هئڻ گهرجي اهو ڏس پنڌ ڏيڻ جي بجاءِ ترت علاج کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي. ايئن پيو لڳي ته دنيا ۽ عالمي سماج ۾ پيدا ٿيل آثار جنهن ۾ سماجي ردوبدل ۽ سياسي عمل کي ثانوي شي سمجهي پٺي ڀر اڇلايو ويو آهي ۽ غير سرڪاري تنظيم ڪاري N G O Sڪلچر کي وڌيڪ هٿي ڏني وئي آهي. اهو ترت علاج هن ناول ۾ به موجود آهي.

بيناشاهه جنهن لاءِ مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته پاڻ سنڌ ڄائي آهي پر هن اکيون کوليون اجگر جهڙي شهر ڪراچي ۾، ۽ جيئن ئي شعور سان ٿي ته تعليم دنياجيٻين ملڪن ۾ حاصل ڪئي جن کي عالمي شهر چيو وڃي ٿو.اهڙن شهرن کي علمي نيت سان شهري رياستون چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا بشمول سنڌمورڳو قومي رياستن جي ابتدائي جوڙجڪ مان گذري رهيا آهن. اسان کي انهنٻنهي لاڙن کي سمجهڻ لاءِ ماڊل طور ڊاڪٽردرشهورا ۽ بينا شاهه جي جداگا نه ۽منفرد سوچن کي ڇيد ۽ چنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر ساڳي وقت ايئن چوڻ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته بينا شاهه جنهن ڪمال ۽ ڪاريگري سان لفظن جي جوڙجڪ سان جيڪو ڪاڪ محل جوڙيو ان جي ساراهه ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي.

بهرحال پڙهندڙ اوسيئڙي ۾ رهندا ته بينا شاهه جو آئينده ناول يا ڪاٻي جامع لکڻي ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا جي پس منظر سان علم ۽ آگاهي شامل هوندي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو