Home / افيئر / آدم خوري،ايڪويهين صديءَ ۾ به جاري
above article banner

آدم خوري،ايڪويهين صديءَ ۾ به جاري

انهيءَ ٿلهي همراهه کي جڏهن ڪُهو ته مون کي انهيءَ جي ران وارو گوشت ڏجو— واهه جو مزو هوندس!”

“ ها… صحيح ٿو چوين.. سردار! مون کي وري انهي جي ٻانهن ڏجانءِ واهه جا ڏورا اٿس!… ورزش ڪندڙ ماڻهوآ ، تڏهن ته ڪلها ايڏا سخت اٿس، ڄڻ پٿر تي هٿ پيو”

“ چڱو –  چڱو جڏهن انهي جو وارو آيو، تڏهن پنهنجي پسند ٻڌائجو… اڙي ها، ننڍڙي گوشت خور ته اسان کان وسري وئي آ— تون ٻڌاءِ مائي گڏي ! تون ڇا کائيندينءِ ؟”

آدم خور قبيلي جو سردار پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کان پڇي ٿو اها ماڻو ڪندي چوي ٿي:

“ مون کي انهيءَ ماڻهو جي منڍي ڏجو… مان اڳ ۾ ان سان فٽ بال کيڏندس ۽ پوءِ ميڄالو ڪڍي کائيندي مانس ”

هي ڊائلاگ ڪافي سال اڳ ۾ آفريقا جي آدم خور بابت هڪ ڪتاب ۾ پڙهيل هيم، جيڪي تازو هڪ خبر پڙهندي وري ذهن تي تازا ٿي ويا آهن- اها خبر ٿائيلينڊ جي جهنگلي قبيلن بابت هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته اهي هڪ سياح ڇوڪري کي اغوا ڪري جهنگ ۾ کڻي ويا ۽ کيس ڪهُي کائي ڇڏيائون-نه فقط اهو ايترو، بلڪه انهن جديد آدم خورن پنهنجي انهيءَ ڪارنامي جي فوٽوگرافي به ڪئي ۽ اهي فوٽو انٽرنيٽ تي به هئا.

انڊونيشيا جي ڪورووائي جهنگلي قبيلي لاءِ ٻڌائين ٿا ته اهي ماڻهو اڄ تائين آدم خوري ڪندا چن ٿا. اهي ماڻهوءَ جو ماس کائڻ کي سماجي عادت قرار ڏين ٿا.- دنيا جي ترقيءَ انهن تي فقط ايترو اثر ڪيو آهي جو اڳي اهي جهنگ جي ويجهين وسندين مان ڪو ماڻهو ڦاسائي کڻي ايندا هئا ۽ ان کي ڪُهي دعوت ڪندا هئا. هاڻي ڪورووائي اهو ڪم عيد برات تي يا وري قبيلي جي سردار جي ڪنهن ويجهي مائٽ جي شاديءَ تي ڪندا آهن. ڪورووائي چون ٿا ته آدم خوري سندن ثقافتي سڃاڻپ آهي، انهي ڪري اهي اڄ به انهي کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کان سواءِ به مهذب دنيا ۾ کوڙ قبيلا اڄ به اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي خوراڪ ۾ ماڻهوءَ جو ماس ۽ رت استعمال ڪن ٿا. هن ايڪهين صدي ۾ ڪجهه آفريقي ملڪ اهڙا آهن جتي آدم خوري اڃا تائين قانوني طور تي منع ٿيل ناهي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا گروهه اتي اهڙو ڪڌو ڪم ڪندي پڪڙجي پوي ٿو ته قانون جا رکوالا انهي تي سماج ۾ بيچيني پکيڙڻ واري معمولي ڏوهه هيٺ سزا ڏين ٿا.

ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي کان ايڪهين صديءَ جي هن ٻئي ڏهاڪي ۾ ڌارڌار شڪلين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. 2011ع ۾ دنيا جي سير لاءِ نڪتل جرمنيءَ جي سيلاني اسٽيفن ريمن کي هنري هيٽيءَ نالي هڪ همراهه ڪُهي پچائي کائي ڇڏيو-ان کان پوءِ اسان جي پياري پاڪستان واري پنجاب ۾ هڪ شهر شڪرڳڙهه جو واقعو لڱ ڪانڊارڻ جي وڃڻ سبب بڻيو آهي. اتي هڪ مائي پنهنجي مڙس کي ڪُهي، ٽڪر ٽڪر ڪري ان جو قورمو ٿي چاڙهيو جو پڪڙجي پئي.

ساڳئي پنجاب ۾ گذريل سال ئي هڪ ڪٽنب کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جا ڀاتي ڪيترن ئي سالن کان ٻار اغوا ڪري آدم خوري ڪري رهيا هئا.

آدم خوري جي تاريخ انساني تهذيب جي اونداهي دور کان اڄ تائين هلندي اچي ٿي. مغرب سامراج انهي لاءِ سدائين اونداهه، کنڊ آفريقا وارن جهنگلي قبيلن کي ڏوهاري قرار ڏيندو آيو آهي- پر اسان انهن خبرن کان به واقف آهيون ته دنيا جي سڌريل ملڪ جو هوائي جهاز جهنگ ۾ ڪريش ٿئي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو مري وڃن ٿا- بچي ويل ماڻهو بک کان بچڻ لاءِ چوٿين ڏينهن ئي اتي مئل مسافرن جا لاش کائڻ شروع ڪن ٿا-جيڪي اولهه وارا مهذب معاشرا آدم خوريءَ کي آفريقي  ۽ جهنگلي قبيلن جي عادت قرار ڏين ٿا، انهن جي پنهنجي ديومالا آدم خوري جي داستانن سان ڀري پئي آهي.

پري ڇو ويجهي، تازوئي (2012 ) ۾ نيشنل جيوگرافڪ چينل وارن آمريڪا جي جواري شهر لاس ويگاس ۽ ٻين وڏن ميٽروپوليٽن شهرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اتي آمريڪي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون“ ڊريڪولا” بڻجي رهيا آهن-اهي ڊينٽل سرجري ڪرائي ڊريڪولا جهڙا ڏند وجهراڻن پيا ۽ سرعام هڪ ٻئي جو رت پي سڪون وٺن پيا. انهن جديد Vampires کي انهي عمل تي ڪو شرم يا خوف نه ٿو محسوس ٿئي، بلڪه اهي پنهنجي انٽرويوز ۾ ان خيال جو به فخر سان اظهار ڪن ٿا ته کين جي موقعو مليو ته اهي هڪٻئي جي بدن تان ماس ڪوري کائڻ ۾ به نه ڪيٻائيندا !

برطانيا جي گوف غارن مان جيڪي انساني عضوا مليا آهن، اهي اڄ کان 15 هزار سال پراڻا آهن ۽ ماهرن پڪ سان ڄاڻايو آهي ته انهن ماڻهن کي ڪُهي کاڌو ويو هو. انهن کي ڪُهڻ جي مهارت تي تحقيق ڪري ماهرن اهو به ٻڌايو آهي ته کين اهڙن ماڻهن ڪُٺو هوندو، جن لاءِ اهو ڪم روز وارو معمول هوندو.

هڪ تاريخي نظريو اهو به آهي ته آسٽريليا جا اصلوڪا رهواسي (Aboriginal) به آدم خور رهيا آهن-اهي مفتوح قبيلن جي ماڻهن کي ذبح ڪري کائيندا هئا ۽ پنهنجي موت پاڻ مرندڙ مٽن مائٽن جا لاش به دفن ڪري ضايع نه ڪندا هئا بلڪه انهن لاشن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سڄو ڪٽنب ۽ ويجها مائٽ کائيندا هئا ۽ ايئن مري ويل جو سوڳ ملهايو ويندو هو.

برسٽل يونيورسٽي برطانيا جي ماهرن کي 2001ع ۾ گلوسيٽرشائرڪائونٽيءِ مان اهڙيون نشانيون لڌيون آهن، جن موجب لوهه واري زماني ۾ انهيءَ علائقي ۾ آدم خوري عام هئي.

اولهه آفريقا جي هڪ ڳجهي تنظيم (Leopard Society) اڄ به آدم خوري ڪري ٿي. ان جا ميمبر سيراليون، آئيوري ڪوسٽ ۽ لائبيريا ۾ آدم خوري جا مرڪز قائم ڪيو ويٺا آهن ۽ ڳجهي نموني سان ميمبرن کي انهن مرڪزن ۾ گهرائي انساني گوشت جي دعوت کارائي وڃي ٿي. هن تنظيم جا ميمبر پنهنجي انهي “ ضرورت” سبب پنهنجا چار وڏا ڏند گهڙائي انهن کي چنهبائتو ڪرائين ٿا ته جيئن کين هڏن کان گوشت روڙڻ ۾ سولائي ٿئي-جڏهن ڪو اوپرو بدنصيب ليوپرڊ سوسائٽي جي ور چڙهندو آهي ته ميمبر کيس ڪنهن ويجهي مرڪز تي پهچائي پوءِ ٻين ميمبرن کي دعوت موڪليندا آهن، اچو اچي شڪار جو مزو ماڻيو. انهي سوسائٽي جا ڪيترائي ميمبر گرفتار ٿي سزا کائي چڪا آهن، پر هي اڄ به پنهنجو ڌنڌو جاري رکيو ٿا اچن.

انڊيا ۾ گنگا ڪناري واري جهنگ ۾ آگوري قبيلو رهي ٿو-انهي قبيلي جا ماڻهو به مردن جو گوشت کائين ٿا. گنگا ۾ وهي ايندڙ لاشا، شمشان گهاٽن ۾ اڌ سڙيل مردا آگورين جو خاص کاڄ آهن- انهن جو عقيدو اهي ته ماڻهوءَ جو ماس کائڻ سان اهي ڪاري جادو جي اثر کان محفوظ رهندا- اهي انساني کوپڙي کي پاڻي يا کير پيئڻ جي ٽڀي طور به ڪتب آڻيندا آهن.

روس جو حصو رهندڙ يوڪرائن ۾ 1930ع ڌاري ڪارو ڏڪار ڪاهي پيو هو ماڻهن وٽ اناج ۽ سبزيون کٽي ويون هيون. جهنگ منهن ڪري وڻن جا پن ۽ نرم ٽاريون کائي ويا-تنهن سان گڏ جهنگلي جانور، پکي پکڻ ۽ ڪيڙا ماڪوڙا به هڙپ ڪري ڇڏيائون- آفريڪا ۾بک کان پچڻ لاءِ ماڻهن ڏڪر کان مرندڙن جا لاش کائڻ شروع ڪيا هئا، انهن ڏينهن ۾ هڪ يوڪريني ڊاڪٽر برطانيا ۾ رهندڙ پنهنجي مائٽ کي خط لکيو ته مان اڃا تائين ماڻهوءَ جو ماس کائڻ تي پاڻ کي راضي ڪري نه سگهيو هان پر لڳي ٿو ته هي خط جڏهن توکي ملندو، تڏهن مان به آدم خور ٿي چڪو هوندس-هتي شريف ۽ حساس ماڻهو اڳئي آدم خور جي خوراڪ بڻجي چڪا آهن-جن عورتن هڪ ويلي جي خوراڪ تي عزت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اهي به بک کان مري ويو ن ته انهن جا لاش کاڌا ويا- هاڻي هتي سڀئي آدم خور ئي رهن ٿا. ڪالهه تائين اڍائي هزار ماڻهن کي آدم خوري ڪرڻ تي سزا ملي چڪي آهي-مزي جي ڳالهه ته سزا ڏيڻ وارا سرڪاري ماڻهو پاڻ به آدم خوري کان بچيل ناهن”

اڄ جو معاشي سپرپاور چين به انهي وبا کان بچيل نه رهيو آهي- ماضيءَ ۾ اتي جڏهن ڏڪار آيا ته چينين به ماڻهو کائي پاڻ کي بچا يو هو.

1931ع ۾ نيويارڪ ٽائمز اخبار جي هڪ رپورٽر وليم بوئلر بروڪ پنهنجي هڪ تحقيقاتي فيچر لاءِ تجرباتي بنيادن تي آدم خوري ڪئي هئي- هو هڪ اسپتال مان لاش وٺي گهر آيو هو ۽ اتي اهو گوشت پچائي کاڌو هئائين. وليم انهي تجربي کي هن ريت لکي بيان ڪيو.

“ مون کي انساني گوشت ذائقي جي لحاظ کان سڀني گوشتن کان بهتر لڳو آهي، مون اڄ تائين گوشت جا جيڪي به قسم کاڌا آهن، هي گوشت انهن کان منفرد ۽ لذيذ هو، هن جو ذائقو ڪجهه ڪجهه پاڏي جي گوشت جهڙو چئي سگهجي ٿو- ان کي ٽانڊن تي پچائي کائڻ ۾ وڌيڪ لذت ملي ٿي”

گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري 2007ع ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي ته ڪانگو ملڪ ۾ ڪي اهڙا ظالم گروهه موجود آهن، جيڪي ماين ۽ ٻارن کي اغواڪري وڃن ٿا ۽ انهن سان جنسي ڏاڍائي ڪري کين ڪُهي کائي وڃن ٿا. ان ڏس ۾ هڪڙو قبيلو (Pygmies) انهي ۾ گهڻو ظالم ۽ بدنام آهي.

1970ع ڌاري يوگنڊا واري صدر عيدي امين تي پڻ آدم خوري جو الزام لڳو هو ۽ اهو به چيو ويو هو ته صدر عيدي امين جا فوجي به ماڻهن کي ماري انهن جو گوشت ڪچو کائي وڃن ٿا. عيدي امين لاءِ ٻڌايو ويو ته هي پنهنجي مخالفن کي مارائي، انهن کي پچائي کائيندو هو.

آدم خوريءَ جو هڪ منفرد واقعو 2001ع ۾ پيش آيو هو-جرمنيءَ جي همراهه آرمن ميوليس انٽرنيٽ تي هڪ اشتهار جاري ڪري چيو هو ته کيس کائڻ لاءِ 18 کان 30 سالن جو هڪڙو صحتمند همراهه گهربل آهي، جيڪو به رضا ڪاراڻي نموني پاڻي پيش ڪري ، اهو رابطو ڪري !

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهي اشتهار جي جواب ۾ برنڊ جرگن برنڊيز همراهه وٽس اچي پهتو ۽ پاڻ کي کائڻ لاءِ پيش ڪيائين- پوليس رپورٽ موجب جرگن ميوليس کيس ڪُهي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ پچائي کائي ويس-هن لاش جا ڪجهه ٽڪرا فريز ڪري به رکيا هئا،جيڪي ايندڙ هڪ مهيني تائين کائيندو رهيو. جرگن جو چوڻ هو ته ٿوم جي داڳ سان تيار ڪيل ماڻهوءَ جو گوشت ڏاڍو مزو ٿو ڏئي. جرگن تي ڪيس هليو ۽ کيس سزا به ملي . اهڙي ريت تاريخ کان اڳ واري ظالماڻي آدم خوري اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلندڙ آهي، ان ۾  وحشي يا مهذب قومن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو