Home / ڪور افيئر / آمريتي مڪاني نظام: پ پ متحده ڳٺ جوڙ پٺيان اصل ٿيوري ڇا آهي
above article banner

آمريتي مڪاني نظام: پ پ متحده ڳٺ جوڙ پٺيان اصل ٿيوري ڇا آهي

6 سيپٽمبر تي ساڍن چئن سالن جي بليڪ ميلنگ کان پوءِ نيٺ متحده پنهنجي مرضي جو نظام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جيتوڻيڪ چوڻ وارا چون ٿا ته هي آرڊينس رات جو آندو ويو آهي، پر هن کي ترتيب ڏيڻ ۽ فائنل ڪرڻ واري عمل ۾ ڪيئي مهينا لڳا، ٻي ڳالهه ته جنهن صوبي ۾ ڀوتار ڪُرسي بچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه وڪڻڻ لاءِ تيار هجن اتي ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو به فرق ناهي هوندو.نئين مڪاني ادارن جي نظام ۾ واضح طرح سنڌ جا اهم شهر ڳوٺن کان ڌار ڪيا ويا آهن ۽ ايئن ڪرڻ سان سڌي طرح پيپلز پارٽي سواءِ لاڙڪاڻي جي صوبي چار ڊويزنون متحده جي حوالي ڪري چڪي  آهي. هي اها ئي پيپلز پارٽي آهي جيڪا هن نظام جي وڏي واڪي مخالفت ڪندي رهي . هي اهائي پارٽي آهي جيڪا عوامي پارٽي چوائڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي ملڪ جي آئين جو خالق به چوي ٿي. اهو آئين جنهن سان هن جماعت جي موجوده قيادت هن آرڊيننس آڻڻ سان انڪاري پڻ ٿي چڪي آهي. تازي مڙهيل نظام هيٺ مڪاني ادارن کي اهي اختيار ڏنا ويا آهن جيڪي وفاق کان تازوئي ارڙهين ترميم کان پوءِ منتقل ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي قانون مطابق اهي ذميواريون صوبن ڏانهن منتقل ڪيون ويون ته جيئن اها دعويٰ ڪري سگهجي ته پيپلز پارٽي حقيقي معنيٰ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو Vision پايه تڪميل تائين پهچايو.

ٻٽو نظام

نئين مڪاني ادارن جي نظام سان سنڌ ۾ ظاهري طور تي نه صرف ٻٽو نظام هلندو بلڪه متحده کي Power Sharing ۾ به ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو آهي. شهرن لاءِ هڪ قانون ته ٻهراڙين لاءِ ٻيو، سنڌ جون ٻهراڙيون ايئن ئي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهن جيئن ان جا شهر. پاڪستان جو قانون پنجاب ۾ به ساڳيو ته بلوچستان ۾ به ساڳيو ۽ خيبرختونخواه ۾ به انهي آئين تحت State جو ڪار وهنوار هلي ٿو. جيڪڏهن مڙني صوبن لاءِ آئين ۽ قانون ساڳيو ته پوءِ هڪ صوبي ۾ هڪ کان وڌيڪ متڀيد وارو نظام ڇو ؟ وڏي عرصي کان متحده جي خواهش رهي آهي ته سنڌ ۾ هو برابري جي بنياد تي Stakeholdr هجن. هن نظام کان پوءِ هو پنهنجن شهرن ۾ رهندڙ “ ڀائي لوگن”  کي نه صرف تحفظ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا بلڪه سنڌي قوم تي نفسياتي طور حاوي ٿيڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويندا. سواءِ لاڙڪاڻي جي باقي چئن ئي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز ۽ انهي جي پسگردائي ۾ لڳندڙ شهرن ۾ وڏي تعداد ۾ اردو ڳالهائيندڙ رهن ٿا. هن ٻٽي نظام کان پوءِ هو واضح طور سامهون اچڻ شروع ٿيندا ۽ متحده چاهي ٿي ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر جيان ٻيا به ننڍا وڏا شهر جيئن ٽندو الهيار يا ٽنڊو محمدخان جهڙا شهر به هن جي گرفت ۾ اچن.

سنڌ سول سروس آرڊيننس (ترميمي) 2012

مڪاني ادارن جي آرڊيننس اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد رات پيٽ ۾ سنڌ سول سروس (ترميم ) آرڊيننس 2012 جي ذريعي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪمال اختيارن سان نوازي ڇڏيو. هن آرڊيننس جي اچڻ کان پوءِ وڏي وزير وٽ اهي اختيار اچي ويا آهن ته هو ڪنهن به ڊپارٽمينٽ جي آفيسر کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي  رکي سگهي ٿو. ڪنهن به رٽائرڊ پوڙهي کي ڪنهن به وڏي پوسٽ تي به رکي سگهي ٿو. هن ئي آرڊيننس جي اختيارن کي استعمال ڪندي ڪراچي جي اڳوڻي سي سي پي او وسيم احمد کي هوم ڊپارٽمنٽ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ان وقت آندو ويو  جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ آئوٽ آف ٽرن پرومو شنز تي ڪيس هلندڙ آهي، پر متحده کي Power Sharing ۾ حصو کپي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ميئرز سان گڏوگڏ ڪامورا به متحده جا ڪارڪن هجن. سالن کان هن پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو مختلف کاتن ۾ سترهين کان اڻويهين ۽ ويهين گريڊ ۾ موجود آهن پر نان ڪيڊر هئڻ ڪري اهي سڻڀين ۽ طاقتور ڪرسين تائين نٿا پهچي سگهن ۽ هنن جي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ ٻاهريان آفيسر ڪم ڪن ٿا جنهن سان هنن کي سڀ ڪجهه تي حاوي ٿيڻ جا موقعا ميسر نٿا ٿين، پر هاڻ وڏي وزير جي سفارش سان هو پنهنجا ماڻهو رکرائي سگهندا. ايئن ئي جيئن سنڌ جي هوم  منسٽري (وسيم اختر)جي وقت پوليس ۾ ۽ مصطفيٰ ڪمال جي وقت ۾ سٽي وارڊن جي صورت ۾ متحده جي خاص ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو. ايئن ڪرڻ سان هو اليڪشن کي نه صرف Maini Poluteڪري سگهندا بلڪه هراداري ۾ هيٺين سطح تائين به پنهنجا ماڻهو رکندا.جڏهن ته پيپلز پارٽي کي وري اهو فائدو ٿيندو جو اڳ ۾ رکيل ڊيپوٽيشن تي هنن جا خاص ماڻهو ڪنهن به ڪورٽ ۾ Challenge نه ٿي سگهندا ۽ ٻيو فائدو سپريم ڪورٽ کي منهن ٽوڙ جواب به ملي ويو. هي آرڊيننس مڪاني ادارن واري لاڳو/ مسلط ڪيل نظام جو حصو آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي غيرت

گذريل چئن سالن کان ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون پيپلز پارٽي جي سنڌ سطح تائين جي اڳواڻن جي ڪري ئي ناڪام ٿينديون رهيون آهن. ڇو ته متحده هنن کان اهو گهرندي رهي هئي جيڪو نه صرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي مزاج خلاف هيو بلڪه سنڌي ماڻهن جي ردعمل کان به هو ڊنل هئا. پوءِ ڇا ٿيو جو ڏهن ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه قابل قبول بڻجي ويو ؟ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سنڌي ماڻهن جي مزاج کان به واقف آهي ته متحده جي نيت کان به پر صدر صاحب جي ڪرسي، پنجن سالن جو رڪارڊ ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ وري برسر اقتدار ٿيڻ سڀ کان اهم معاملا هيا(آهن) جنهن سبب Barganing ۾ ڪنهن به حد تائين وڃڻ کان نه لنوايو ويو. ذريعن مطابق ڪنهن حد تائين اهو به طئه ٿيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن کي ٿورو ڊيگهه ڏني وئي ته متحده حڪومت جو ساٿ ڏيندي- بلڪه اهو به مطالبو حڪومت کان ڪري سگهي ٿي ته عوام جي بهتر مفادن جي ڪري اليڪشن ڪجهه دير ڪيو يا ڪا به اهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان ذري گهٽ نگران سيٽ اپ ئي چونڊون دير ڪرائي.

رات پيٽ ۾ نڪرندڙ آرڊيننس جي باري ۾ صدر جي انتهائي وفادارن کان علاوه آرڊيننس جا مول متا Share نه ڪيا ويا. جڏهن آرڊيننس جي باري ۾ بريفنگ کان الڳ ڪجهه پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڦڙڪيون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين ٺاهوڪي دٻ ملي ۽ پوءِ وزير اعليٰ قائم علي شاهه پير مظهر ۽ ٻين جڏهن هنن صاحبن کي “ پارٽي پاليسي” ٻڌائي ته ڪنهن هڪ  به اها اخلاقي جرئت نه ڪئي ته ڪو اعتراض ڪري بلڪه اعليٰ قيادت تي مڪمل اعتماد جو به اظهار لکت ۾ ڪيو ويو. انهي بريفنگ دوران اڳواڻن کي سختي سان تنبيهه ڪئي وئي ته ڪو به هن آرڊيننس جي خلاف نه ڳالهائيندو ۽ نه ئي اسيمبلي ۾ اعتراض ڪيو ويندو. اها به تلقين ڪئي وئي ته عوامي رابطا مهم تيز ڪئي ويندي ۽ عام ماڻهن کي هن نظام جي فائدن جي باري ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڀلاڪو اعليٰ قيادت جي فيصلن سان اختلاف ڪري سگهي ٿو؟ ۽ اهو به تڏهن جڏهن اليڪشن سرتي هجي ۽ پارٽي جي ٽڪيٽ جا سڀ اختيار به انهي اعليٰ قيادت وٽ هجن! هڪ ميمبر کان پڇيم ته اها ته حد آهي جو توهان هر شرط متحده جو مڃيو“ سياست ۾ سڀ جائز آهي” اهڙي ورندي ڏنائين جو لاجواب ڪري ڇڏيائين ! ياد ڏياريو مانس ته سنڌ کي جيجل چوندا آهيون “ ڪنهن مناسب وقت تي ڳالهائينداسين“ چئي چپ ٿي ويو. پر مون کي هن جي چهري مبارڪ تي ڪابه ندامت محسوس نه ٿي. جيڪڏهن سياستدانن وٽ سڀ جائز آهي ته ڪجهه جائز ۽ ڪجهه ناجائز اختيار عوام کي به هئڻ گهرجن.

متحده جو رويو

گذريل سال به مڪاني ادارن جو نظام آڻڻ جي ڪوشش ٿي پر سنڌي ماڻهن جي سخت رد عمل کان پوءِ انهي کي واپس وٺڻو پيو. هن ڀيري به متحده کي ساڳيا شڪ ۽ انديشا هئا ته اهڙي قسم جو رد عمل ايندو ۽ وري اهو اسيمبلي ۾ پهچڻ کان اڳ واپس ورتو ويندو- اهو به خدشو ظاهر ڪيو پئي يو ته متحده جا سخت مخالف پيپلز آرڊيننس کي حتمي شڪل ڏيڻ تائين ۽ مسودي تي صحيحون ڪرڻ کان بعد به انهيءَ جي ڪاپي ڪنهن سان به شيئر نه ڪئي وئي. اعليٰ قيادت کان اها به پڪ وري وئي هئي ته هن ڀيري گذريل سال جيان واپسيءَ جو  ڪوبه آپشن نه رکيو وڃي. ذريعن مطابق اهي خدشا ۽ پڪ به اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو حصو رهي.ڪافي عرصي کان اها ڪوشش جاري هئي ته ڪنهن حد تائين متحده لچڪ جو مظاهرو ڪري پر انهيءَ لچڪ جي قيمت ڳري هئڻ سبب ڳالهيون حتمي نتيجي تائين نه پهچي سگهيون. متحده هن نظام کي آڻڻ لاءِ مختلف وقتن تي بليڪ ميلنگ جا مختلف حربا به استعمال ڪندي رهي آهي. جنهن ۾ سرفهرست مهاجر صوبي جو مطالبو ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ آهي. تقريبن معاملا انهي وقت ئي طئه ٿي ويا هئا جڏهن شهر ۾ ڀتاخوري جو اشو عروج تي هيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي همراهن سنڌ اسيمبلي کي اوطاق نه سمجهڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. انهي صورتحال ۾ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ويڇا وڌندي ڏسي “رحمان ملڪ ”لنڊن ياترا جي دوران اها پڪ ڪرائي هئي ته خواهش مطابق معاملا درست ڪيا ويندا. متحده جي اهڙي روش سبب نه صرف ٻيون سياسي جماعتون بلڪه پيپلز پارٽي جي اڪثريت به ڪاوڙيل آهي پر هو پارٽي پاليسي کي مان ڏيندي چپ آهي. اهي ڪهڙا راز آهن جيڪي هو ڪنهن سان به شيئر نٿا ڪن ؟ ڪنهن باخبر کان خبر پئي ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ چند ويجهن ساٿين کان سواءِ ڪنهن کي به انهي راز جي خبر ناهي. موجوده حالتن ۽ بين الاقوامي ادارن جي پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي تي نظر هئڻ ڪري هن شهر ۾ طاقت جو استعمال انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ يقينن اهڙي  ئي قسم جي ڪا حڪمت عملي آهي جيڪا پيپلز پارٽي کان سڀ ڪجهه ڪرائي ٿي.هتي انهي ڳالهه کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ذوالفقار مرزا جيڪو ڪجهه چيو يا جن ڳالهين تان پردو کنيائين  اهي قوتون به پيپلز پارٽي کي مجبور ڪري سگهن ٿيون . انهي جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ نئين مڪاني ادارن واري نظام ۾ باقي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کان ڪجهه وڌيڪ ئي اختيار رکيا ويا آهن. هي انهن ئي طاقتن جي شهه آهي جنهن سبب متحده جانه صرف اڳواڻ بلڪه عام ڪارڪن به ڪنڌ مان ڳالهائيندا آهن.انهي ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن نه متحده منظم طرح پنهنجي مقصد طرف گامزن آهي . هن پارٽي سان ويجهڙائي رکندڙ صحافي دوست تازوئي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ٿيندڙ متحده بين المسلمين جي مظاهري دوران تبصرو ڪندي چيو ته “ اڀي سوچ لي ڪه تجهي ڪس طرف جاناهي-بهت جلد چيزين هماري لئي ٺيڪ اور تمهاهي لئي خراب هو جائنگي” هن ڌاڍي پراعتماد انداز سان نه صرف مظاهري تي روشني وڌي پر ان کان پوءِ ٿيندڙ واقعن ڏانهن به اشارو ڪيائين ته متحده جو اهڙو رويو ڪافي خطرن طرف اشارا ڪري ٿو.

آرڊيننس جي مخالفت

اميدن جي عين مطابق سنڌي قومپرستن انهي ٻٽي نظام جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪمشنري نظام به ختم نه ڪيو ويو جنهن جا هو حامي آهن” سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ مختلف وفد مختلف مڪتب فڪر جي اڳواڻن سان ملندا رهيا-انهي مخالفت ۾ مذهبي ۽ سياسي پارٽين به قومپرستن جي موقف جي تائيد ڪئي .ايئن ئي جيئن پيپلز پارٽي مشرف دور ۾ حڪومت مخالف هر اشوتي اڳ کان اڳڀري رهندي هئي. سڄي سنڌ ذري گهٽ ٻڏي چڪي آهي، هزارين ماڻهو دربدر ٿي چڪا آهن پر هي همراهه انهي اشو تي انهن علائقن ۾ وڃڻ جي زحمت نٿا ڪن پر 13 سيپٽمبر واري هڙتال جي سڏ تان پاڻ ئي ڦري وڃن ٿا. سياست ۾ شايد ڪي اصول ناهن ٿيندا پر اخلاقيات نالي ته شي وجود رکي ٿي. هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ کان اڳ سنڌ بچايو ڪميٽي کي ٻڌايو به نه ويو ته هو هاڻ سندن حمايت نه ڪندا. انهي هڙتال جي سڏ کي واپس وٺڻ جو ظاهري سبب ته بلديه ۾ فيڪٽري ۾ لڳل باهه وارو سانحو آهي پر خفيه ادارن جي اطلاع مطابق 12 مئي 2007ع ۽ 22 مئي 2012ع جهڙي صورتحال جڙي چڪي هئي. ٽارگيٽ ڪلرز کي مختلف علائقن م اهو ٽاسڪ به ڏنو ويو هو ته ڪيئن ڪراچي جي روڊن تي رتو ڇاڻ ڪئي ويندي. غنيمت جو موقعو سمجهي اهي موقعي پرست سياسي پارٽيون سنڌي ماڻهن جي انتهائي اهم اشو واري هڙتال واري سڏ تان ڦري ويون. بلديه فيڪٽري وارو واقعو هڪ وڏو الميو هيو پر ڇا هڙتال کان ٻي ڏينهن يوم سوڳ نه پئي ملهائجي جي سگهيو؟ هي اشو سنڌ ۽ سنڌين جو آهي. انهي لاءِ هو ڪنهن ٻي طاقت جا محتاج نه هئڻ گهرجن. برساتن ۽ ڏکين حالتن جي باوجود به ڀرپور احتجاج ۽ هڙتال مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي هر جائز ۽ ناجائز فيصلي کي هروڀرو قبول نه ڪيو ويندو.

متحده قوم پرستن جي فطري مخالف قوت آهي، پر حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو پيپلز پارٽي جا دوست طنزيه انداز ۾ چون ٿا ته “ جيڪي هڪ ڪائونسلر جي سيٽ نٿا کڻي سگهن، اهي سنڌ جي اڪثريتي جماعت جي مخالفت نٿا ڪري سگهن”حيرت ته انهي ڳالهه تي به ٿئي ٿي ته جڏهن پاڪستان جو هڪ انتهائي وڏو نالو، صحافي ۽ تجزي نگار ايئن چوي ته “ ان ڪي ڪيا اوقات هي ”پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ۽ سنڌ ڪابينا بضد هجن ته اهو آرڊيننس سنڌ اسيمبلي ۾ آندو ويندو ۽ پاس به ڪرائي سگهن ٿيو ن، جيڪا ٿوري گهڻي مخالفت آهي، اها ڇا ڪري سگهي ٿي ؟ قومپرست ته سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به بدلي نٿا ڪرائي سگهن ! ناراض اسيمبلي ميمبرن کي پرچائڻ  جا سڀ گُر استعمال ڪيا پيا وڃن-پر شايد، ذريعن موجب، فنڪشنل ليگ کانسواءِ سڀ موٽي اچن. ٽياڪڙي ڪندڙ ڌريون به سرگرم ٿي چڪيون آهن ۽ جلد ئي هن اشو تان اندروني طور هٿ کڻي وينديون، جنهن ۾ سرفهرست عوامي نيشنل پارٽي آهي. هن وقت مڪاني ادارن واري نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي متحده کان به وڌيڪ سرگرم نظر اچي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو