Home / افيئر / آمريڪا بهادر ۽ والار تحريڪ
above article banner

آمريڪا بهادر ۽ والار تحريڪ

پرفيسر نوم چومسڪي عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اهو مفڪر ۽ دانشور آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهندي به آمريڪي بالادستي ۽ زورآوري خلاف علمي ۽ عملي لحاظ کان گذريل چئن ڏهاڪن کان متحرڪ رهندو اچي پيو.سندس سياسي لکڻين کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڃتا حاصل آهي.نوم جي اهم لکڻين ۾ Hagemonyor–What We saygoes, Failed States, Survival,Gaza in Crisis Making he Future, Intervenations شامل آهن.

چومسڪي پروفيسر ايميرٽس ڊپارٽمينٽ آف لسانيات ۽ فلاسافي ميچوئٽس ۾ ڪم ڪري رهيو آهي،- سندس ٻولين بابت ڪيل جاکوڙ ۽ ان جي سياسي ۽ طورسماجي پسمنظر ۾ انقلابي ڇنڊ ڇاڻ کي ساراهه جوڳو ڄاتو وڃي ٿو.

گذريل سال آمريڪا ۾ والار تحريڪCoccupy Movement جي جنهن جوش ۽ جذبي سان پٺڀرائي ڪيائين – هي ڪتاب سندس تقريرن ۽ ڳالهه ٻولهه تي مشتمل آهي.

سماجي سائنس جو هڪ اهم ۽ اثرائتو نانءُ ڪارل مارڪس جو چيو وڃي ٿو. ان پنهنجي فڪري پورهئي وسيلي اڳڪٿي ڪئي هئي ته جڏهن سرمائيداراڻو سرشتو عروج جون منزلون اورانگهي انتها تي پهچندو ته ان جون قباحتون ۽ جابراڻا طور طريقا به نروار ٿي بيهندا ته ان جي والار اشتراڪي سماج ڪندو ۽ مورڳو رياستن جون حدبنديون به پڄاڻي تي پهچنديون.

اهڙي ريت ڪميونسٽ سماج اڃا ٻاروتڻ ۾ هو ته پونجي واد سماج، آزاد مارڪيٽ، اقتصاديات لبرل اڪانامي جي نالي ۾ دنيا جون حدبنديون لتاڙي پنهنجي جاه وجلال جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا ۽ ان سرمائيداراڻي سماج جو رهبر ۽ رهنما آمريڪا بڻجي سامهون آيو ۽ ڏسندي ڏسندي سرمائيداري جو پيل پائو بڻجي ويو ۽ سويت يونين جي زوال کان دنيا ۾ اڪيلو ۽ واحد سپر پاور هئڻ جي دعويٰ ۽ دم هڻڻ لڳو پر انهي سپر پاور خلاف گذريل سال سيپٽمبر 2011ع ۾ سندس ئي پنهنجي سرڪار جي آڏو سينو سامهون آيو. ايئن آمريڪا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اڀ ڏاريندڙ نعرا، مظاهرا ۽ مزاحمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا پر جنهن مزاحمت نه رڳو آمريڪي سرڪار کي ڌونڌاڙي ڇڏيو ۽ دنيا جي ملڪن خاص ڪري ٽين دنيا جي ملڪن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو . سو 17 سيپٽمبر ۾ عوام جي اٿل پتل جو نماءُ هو جنهن کي وال اسٽريٽ هلچل(Wall Street Movement) جو نالو ڏنو. هڪ حيران ۽ پريشان ڪندڙ ۽ حڪمرانن جي دلين ۾ دهڪو وجهندڙ نعرو ڏنو ويو ته وال اسٽريٽ جي والار ڪيو.ياد رهڻ گهرجي ته نيويارڪ جي وال اسٽريٽ، لبرل اقتصاديات يا سنون سڌن لفظن ۾ چئجي ته سرمائيداراڻي اقتصاديات جو روح ۽ راڄڌاني آهي، مطلب ته وال اسٽريٽ تي قبضي جو نعرو ڏيندڙن جي هٿن ۾ بئنرن ۽ پوسٽرن تي ٻيا اڪيچار نعرا لکيل هئا. جاڳو جاڳو نئين دنيا جي اڏاوت ممڪن آهي. پنهنجي سپنن کي ساڀيان بڻايو .

ڪنهن به اخبار ۾ ڪابه ڌماڪيدار خبر جي موٽ يا رد عمل ۾ ڪا ردوبدل اچي سگهي ٿي.اها تحريڪ مظلومن ۽ محڪومن جو محض پڙاڏو بڻجي پولار ۾ وڃائجي به ڪانه وئي. پر ان ساڳي اخبار ۾ ريپلڪن پارٽي جي هڪ ارب پتي مٽ رومني Mitt Romney جو جاهلاڻو ڪالم به ڇپيو ، جنهن جو تت هو“ مون کي ڪنهن به غريب جي غربت جو اُلڪو ڪونه آهي، ڇو ته انهن لاءِ هڪ بچاءَ جو ڄار پڻ موجود آهي” ايئن والار تحريڪ جو هڪ نئون اثر نمودار ٿيو جو نيويارڪ سٽي ڪائونسل ٺهراءَ 1172 وسيلي ڪارپوريٽ اقتصادي طريقي ڪار تي بندش لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مورڳو آمريڪي آئين ۾ ردوبدل آڻي ڪارپوريٽ قانون کي انعام ڏيڻ جي گهر ڪئي. انهي ٺهراءَ سان ٻه جداگانه ۽ منفرد لاڙا اڀري آيا يعني ڪارپوريٽ قانون ۽ ماڻهن جا حق.

هي ڪتاب جنهن جو عنوان والارOccupyآهي سوعالمي سطح تي ناماچار ڪمائيندڙ نوم چو مسڪي جي ليڪچرن ۽ ڳالهه ٻولهه تي مشتمل آهي. اهي ليڪچر ۽ ڳالهه ٻولهه هيٺين ريت ترتيب ڏنل آهن.

1- هاورڊزن يادگار ليڪچر

ڊيوي اسڪوائر، بوسٽن، 22 آڪٽوبر 2011ع نوم چومسڪي وارا تحريڪ جي ميڙ آڏو ليڪچر ڏيندي چوي ٿو ته هاورڊزن، اسان جي قافلي جو اهو مُڙس مٿير هو جنهن جا اهي لفظ اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. انهن اڻ ڄاتل ماڻهن جا پتڪڙا ۽ مختصر عمل ۽ پيش قدمي ئي سدائين آرماڙ تحريڪن جو بڻ بڻياد ثابت ٿيندا آيا آهن(ص 23) ان ڪري سندس راءِ آهي ته هي اٿل پٿل جيڪا اڄ نظر اچي رهي آهي سان اوچتو ڪانه اڀري آئي آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس پاڙون 1970ع جي ڏهاڪي ۾ کتل آهن. ان ڏس ۾ ستر جي ڏهاڪي کان آمريڪا بهادر جي سياسي، اقتصادي تواريخ، پورهيت طبقي جو ڪردار، بئنڪاري سرشتي، سياست ۽ دولت جو تجلو ۽ غير يقيني حالت، ماحوليات ۽ ائٽمي هٿيارن جي انبارن جو هڪ اثرائتو جائزو ورتو آهي ۽ اپٽار ڪندي چوي ٿو:“ هي ملڪ ڄائي ڄم کان تونگر ۽ امير ڪونه هو، ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ شروعاتي دور تائين اسرندڙ سماج جو ڏيک ڏئي رهيو هو.جيتوڻيڪ 1930 ۾آيل اقتصادي ڀونچال وڌيڪ ڊيڄاريندڙ هو پر عام ماڻهن ۾ اتساهه ۽ جذبو ڪونه هئو ۽ هڪ ويساهه موجود هو ته ان آپدا مان اڪري پار پونداسين”(ص 25) ان کان پوءِ چومسڪي پنجاهه جي ڏهاڪي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ته ڪيئن سرڪار جي سرپرستي ۽ سهڪار سان اقتصاديات ٽيڪنالاجي جي شڪل اختيار ڪئي جنهن جي طفيلي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا ۾ نوان لاڙا ۽ رستا ڳولي ڪڍيا. پر ستر جي ڏهاڪي ۾ انهي وهنوار تي سرمائيدارن جو قبضو شروع ٿيو ۽ مورڳو ڳڻپ جيترن ماڻهن جي هٿن ۾ قابو ٿيندو ويو. انهي جي نتيجي ۾ سياست تي اميرن ۽ تونگرن جو تسلط وڌڻ لڳو-جنهن ڪري چونڊن جو وهنوار دولت جو ڳيجهو ٿي پيو ۽ سياسي پارٽين جي اهميت به زوال پذير ٿيڻ لڳي. سياسي سرشتي جي اوسر ۽ واڌ کي به ترڪ ڪيو ويو. سياسي سوچ ۽ فڪر ۾ زوال اچڻ ۽ رياست جي ڪردار جي جهيڻي ٿيڻ جو نتيجو ديوقامت جهڙا ادارا ماڻهن جي اکين ۾ سرمو پائي کين امير ۽ شاهوڪار بڻجڻ جا سونهري سپنا ڏيکاري ڦري ۽ کيسا خالي ڪري رهيا آهن.ايئن سمجهڻ گهرجي ته دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي.انهن مان هڪ پاسي امير ۽ تونگر ۽ ٻئي پاسي غيريقيني صورتحال ۾ ورتل ماڻهو آهن.انهي ليڪچر کي آخر ۾ سموهيندي چوي ٿو:“ اهڙي ڳنڀير حالت هوندي به مون کي مستقبل ۾ في الحال ڪنهن اٿاهه مٽاسٽا جا آثار نظر ڪونه اچن ٿا، جيڪا سڄي وايومنڊل کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏي” (41)

انهي ليڪچر جي پڄاڻي تي نوم چوسڪي کان سامعين مختلف قسم جا سوال ڪيا. انهن ۾ هڪ دلچسپ سوال عدالتي سرشتي بابت ڪيو ويو.انهي حوالي سان ابتدائي دور ۾ آمريڪي آئين جو ٺهڻ ۽ گهرو ويڙهه جو ڳوڙهو جائزو وٺندي هن چيو. “ ڪجهه ورهين کان وٺي ڪورٽن جي نظر۾ ماڻهو بابت ٻه رايا ڏسڻ ۾ اچن پيا.هڪ راءِ آهي ته وسيع پيماني تي بشمول ڪارپوريٽس، قانون جي جوڙتوڙ تي نظر داري رکڻ رياست جي ذميواري آهي پر حقيقي طور ماڻهو بذات خود اڳتي هلي انهن اجڳر ڪارپوريشن جو هو بڻجي ويا ۽ انهن کي پٺڀرائي ڪورٽن جي صاحل رهي. ان ڪري ڪارپوريشن جي انتظاميا انهن ئي ماڻهن تي ادارو مدار رکي ٿي. (ص 41)پر جڏهن چومسڪي کان پڇيو ويو ته نيٺ ڇاڪجي؟وراڻيائين “ ڪارل مارڪس چيو آهي ته دنيا جي وهنوار کي رڳو سمجهڻ تائين محدود نه جي پر ان کي بدلائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪجي. اها اوهان ۽ اسان جي ذميواري آهي.

ڳالهه ٻولهه

16 جنوري 2012ع تي ائڊورڊ رزيواسڪي انٽرويو ڪندڙ.

سوال : مان اتان شروعات ڪيان ٿو جڏهن توهان بوسٽن ۾ والار تحريڪ کي خطاب ڪندي چيو هو ته سڀ کان وڌيڪ والار تحريڪ ۾ جيڪو جوش ۽ جولان نظر اچي ٿو ان جو ڪارڻ ڪجهه اهڙيون ڪڙيون آهن جيڪي هڪٻئي سان جڙندي نظر اچن ٿيون ؟

جواب: سڀ کان اول ته والار تحريڪ کي ٽيهن ورهين جي هيڏي ساري وٿي کان پوءِ عوام جي طرفان جيڪا سگهاري ۽ اثرائتي موٽ ملي آهي ان ۾ سانڀيل اهي تلخ ۽ چڀندڙ سچايون آهن جيڪي پاڻ کي هڪ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي سٽاءُ بندي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون جنهن مان اڳتي هلي اهڙو جمهوري سرشتو اپڙاءُ ڪندوجيڪو وڌيڪ جٽادار ۽ ڦلدار هوندو. ان کان سواءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته والار تحريڪ جي ڪنهن حدتائين مصر جي تحرير چونڪ تحريڪ سان مشابهت ڪري سگهجي ٿي، پر مان ان راءِ سان سهمت ڪونه آهيان.ڇو ته اسان وٽ اٿندڙ تحريڪ ۾ جيڪي خال هوندا ان ۾ ماڻهو پنهنجا ويچار ونڊي سگهندا پر ڪنهن به تفاق راءِ تي ستت پهچڻ محال نظر اچي پيو. ان ڪري والار تحريڪ جو مصر ۽ تيونس جي اٿل پٿل اسان تقابلي جائزو وٺڻ اجايو آهي. ڇو ته مصر ۽ تيونس جي تحريڪن ۾ مزدور ۽ پورهيت عنصر جو چڱو موچارو عمل دخل ۽ واسطو وڙو هو ( ص 58)

سوال: ڇا والار تحريڪ کي ڇڙواڳ هلچل چئي سگهجي ٿو. نوم هڪدم وراڻيو: ڇڙواڳ تحريڪ کي به پنهنجو مقصد ۽ معنيٰ هوندي آهي. انهي ڏس ۾ موجوده تحريڪ جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ته نطر اچي پيو ته ان جي منزل به متعين آهي .(ص 60)

بهرحال ان نڪتي کي نوم چومسڪي سهيڙيندي چوي ٿو ته گذريل ٽيهن ورهين کان ک جديد لبرل جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو آهي. والار تحريڪ ان جي خلاف هڪ ننڍڙو ۽ پر اثر رکندڙ عمل آهي.ڇو ته انارڪزم به معاشري جي سوچ ۽ شعور سان واڳيل آهي.(ص 66)

3 باهمي والار ڪانفرنس

انهي ڪانفرنس وسيلي پروفيسر نوم چومسڪي کان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوال ڪيا ويا. انهي ۾ هڪ اهم سوال هو ته: اسان جي تحريڪ جا ٽي اهم نشان آهن : هڪ ته تحريڪ کي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ننڍڙن گروهن کي يڪجا ڪري عام ماڻهن تائين رسائي ڪئ يوڃي- ٻيون ته تحريڪ کي 99 سيڪڙو ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻجي ۽ ٽيون اهم نڪتو ته ڪارپوريٽ تسلط جو خاتمو آڻڻ ”

جواب :اوهان ڏٺو هوندو ته جڏهن والار تحريڪ ابتدائي پيچرن تان گذري رهي هئي ته ڀوڳ چرچن، راند روند ۽ ٺينگ ٽپاڏيڻ عام نظر اچي رهيو هو. پر پوءِ تحريڪ هوريان هوريان رنگ مٽائن شروع ڪيو. اوچتو ڊرامائي انداز ۾ والار شروع ٿي وئي ۽ مطالبا ٿيڻ لڳا ته جيڪي ڪجهه ملڪ ۾ هلي چلي رهيو آهي ان جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ 99 سيڪڙو ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سوچ ويچار ۽ رٿابند ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي مٿان هن مهل تائين روا ٿيندڙ ۽ عذابن جو اپٽار ڪيو پئي ويو ته اهي ٽين دنيا جي ملڪن جهڙا نظر اچي رهي هئا.پر اسان جو سماج ته دنيا جو امير ترين معاشرو آهي جنهن ۾ ڌن ۽ دولت جا انبار آهن، ماڻهو انهن کي ڏسي سگهن ٿا پر پنهنجن کيسن ۾ وجهڻ جوکين ڪو به اختيار ڪونهي (ص 70)انهي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ اثرن بابت ۽ پنهنجي کنيل اسم جي پٺڀرائي ۾ نوم چومسڪي، پي اي ڊبليو (P A W) فائونڊيشن پاران 11 جنوري 2012 تي هڪ تپرس ۾ وجهندڙ رپورٽ بعنوان“ وڏوي منتقلي جو ذڪر ڪيو آهي. انهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪي سماج ۾ عدم مساوات ايترو ته چڙهي مٿي آئي آهي جو ان کي لڪائي نه ٿو سگهجي، انهي رپورٽ جي آخر ۾ نشاندهي ڪيل آهي.“ جيتوڻيڪ وال اسٽريٽ والار تحريڪ ڪنهن به حالت ۾ قبضو ڪري نه سگهندي پر ان هوندي به طبقاتي ڇڪتاڻ کي سراسري طور ايترو اڀاري مٿي آندو آهي جو اها قومي شعور جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ سوڀاري ٿي آهي.(ص 71) ان ڪري مجموعي طور هن تحريڪ مان جيڪي لاڀ حاصل ٿيو آهي ان متعلق چومسڪي جو چوڻ آهي ته “ گذريل هڪ صدي کان پوءِ تحريڪ جي نسبت سان تحريڪ ۽ موٽ رد ڪرڻ جو رجحان چٽو ٿي سامهون آيو. ”

نوم چومسڪي ان سلسلسي کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو ته صديون اڳ هڪ سياسي مفڪر ڊيوڊ هيوم Daveid Hume هڪ بهتر سرڪار جي اپٽار ڪندي چيو هو: اختيار ڌڻي هميشه عوام هئڻ گهرجي ۽ نه وري مٿن حڪمراني ڪندڙ، انهي نڪتي جي آڌار تي اڄو ڪين حالتن جو جائزو وٺندي چوي ٿو.: اڄڪلهه اهڙا اقتصادي جواخانه ٺهي پيا آهي جيڪي ماڻهن جي اقتصادي حقن جو نگهبان بڻجڻ جي ابتڙ انهن ماڻهن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن جيڪي امير نه پر هيٺيان آهن يعني 99 سيڪڙو ماڻهو.”(ص 88) اهڙن اقتصادي اڏن جو هڪ ڪارج وڃي رهيو آهي ته جڏهن اهي جواخانا سڀ ڪجهه وڃائي ويهن ٿا ته انهن کي ڏيوالي مان ڪڍڻ لاءِ به عوام جي ٽئڪس جياپي لاءِ ڏني وڃي ٿي” (ص 88)

5 هاورڊ زن جون ساروڻيون

مون لاءِ هاورڊ زن بابت ڪجهه ڳالهائڻ آزمائش کان گهٽ ڪونه آهي. هي اسان جو ذهين، اورچ ۽ اڻٿڪ ساٿي ان قافلي جو هڪ اهم سرواڻ آهي جنهن قافلي سان آهستي آهستي ڪيترائي ساٿي الوپ ٿي ويا آهن.جهڙوڪ ائڊورڊ سعد، اقبال احمد ۽ ٻيا. انهن ساروڻين ۾ نوم چومسڪي ٻڌائي ٿو ته هاورڊزن کي عدم تشدد تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي نتيجي ۾ تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏني وئي پرقام ۽ ڪاغذ جي گڏيل پورهئي سان واهڙ وهائي ڇڏيا ۽ ڏسندي ڏسندي آمريڪا عدم تشدد تحريڪ جو سگهارو سرواڻ ٿي اڀريو. ان سدائين جنگ ۽ خونريزي جي خلاف رهيو. ان حوالي سان هڪ ڪتاب : “آمريڪي عوام جي تواريخ لکيو، اهو ڪتاب هڪ مڪمل نسل جي ذهن ۽ شعور جي ڦير ڦار ۾ اهم ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو. آمريڪا کان ٻاهر به هارڊزن جي اکين جو اثر ٿيو.ان ۾ ترڪي سميت ٻيا به کوڙ سارا ملڪ اچي وڃن ٿا. ايئن آخر۾ ڳالهه ٻولهه کي سهيڙيندي چوي ٿو: هاورڊزن جهڙا ماڻهو فڪر ۽ شعور جون مشعلون چئي سگجن ٿا ۽ انهن جا پاڇولا ۽ اولڙا تواريخ جي ورقن تي نظر اچن ٿا (ص 111)بهرحال جڏهن عالمي سطح تي جمهوريت ۽ جمهوري قدرن کي لبرل اقتصاديات جو هڪ اهم جز ڄاڻائيندي پونجي واد سماج جا طرفدار اديب ۽ دانشور ڪاڳر ڪاراڪري رهيا آهن ۽ بڌري پٽ نظر اچي پيو ته لبرل اقتصاديات جو ناڻو ملڪي حدبنديون اڪري اهڙين رياستن / ملڪن کي واچوڙي وانگر ورائي رهيو آهي جيڪي جمهوري ۽ اقتصادي لحاظ کان ڪمزور ۽ ادرسازي جي حوالي سان بحران ۾ ورتل آهن.انهن کي مارڪيٽ اقتصاديات جو واچوڙو ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ غضبناڪ وراڪا ڏئي اوندهه انڌوڪار ڪري رهيو آهي. نتيجي ۾ کوڙ سارا ملڪ بشمول پاڪستان ناڪام رياستن جي احاطي ۾ اچي رهيا آهن.اهڙين حالتن ۾ جڏهن آمريڪا مارڪيٽ اقتصاديات جو سرواڻ بڻجي سپرپاور طور دٻدٻو ۽ حاڪميت ڪري رهيو آهي ۽ ساڳي ملڪ ۾ والار تحريڪ جي آيل ٻوڏ ۽ سياسي صورتحال تي سنڌي جو پهاڪو ڪنهن حد تائين ٺهڪي اچي ٿو: “اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙوئي اڳڙيون” حاصل مطلب ته هي مختصر ڪتابچو اسان وٽ جموديت ۾ ڦاٿل ۽ لڪير جي فقير بڻيل پارٽين، گروهن لاءِ هڪ رهنما ڪتابچي جي حيثيت رکي ٿو ۽ تبديلي جي تلقين جي تعلقن ۽ تبنيهه ڪري ٿو : بقول نوم چومسڪي:“ جمهوريت، ڀاڱي ڀائيواري سان ئي بدعنواني ۽ ڪارپوريٽ ڪلچر جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

aman-lark@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو