Home / ڪئپيٽل افيئر / اختر مينگل جي اسلام آباد ياترا نتيجا ڏئي سگهندي
above article banner

اختر مينگل جي اسلام آباد ياترا نتيجا ڏئي سگهندي

اوڀر بنگال جڏهن بانگلا ديش بڻيو ته فيض صاحب چيو هو ته

”ٿي بهت بيدرد لمحي ختمِ دردِ عشق ڪي

ٿي بهت بي مِهر صُبحين، مهربان راتون ڪي بعد

هم ڪي ٺهري اجنبي اتني مداراتون ڪي بعد

ڦِر بنين گي آشنا، ڪتني ملاقاتون ڪي بعد“

نواب عطاالله مينگل جو پُٽ اختر مينگل جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ بلوچستان جي مسئلي تي بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو هو ته اهو شعر  ان وقت ذهن جي هر ڪُنڊ ۾ موجود هو. ” خدا ڪري اهو شعر بنگال کانپوءِ بلوچستان جي به کاتي نه چڙهي،“ مون پنهنجو پاڻ کي چيو هو!

اختر مينگل 26 سيپٽيمبر تي پاڻ مرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري اسلام آباد پهتو هو، هو سپريم ڪورٽ پاران بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت هلندڙ ڪيس ۾ هڪ ڌُر طور بيان ڏيڻ لاءِ آيو هو. هو ڪُل 4 ڏينهن اسلام آباد ۾ رهيو، ۽ واپس دبئي روانو ٿي ويو، جنهن ڏينهن هو پهتو انهي جي ٻئي ڏينهن هُن سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، اهو بيان پاڪستان جي  محڪوم قومن جي تاريخ جو شاندار باب طور ليکيو ويندو، سپريم ڪورٽ انهي بيان تي  بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي انهي بيان بابت پاڪستان آرمي ۽ حڪومت جوجواب ٻئي ڏينهن داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي ڏينهن چيف سيڪريٽري سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني  ۾ بيان داخل ڪرايو ته اهو بيان وزير اعظم ۽ آرمي جي اعلي اختيارين جي گڏيل مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهي ڳالھه کي رد ڪيو ويو هو ته بلوچستان ۾ ڪوبه ماڻهو سرڪاري ايجنسين جي تحويل ۾ آهي، ۽ نه ڪو ايم آءِ ۽ آئي ايس آئي جو ڊيٿ اسڪواڊ آهي. سرڪار جي انهي بيان بعد اختر مينگل سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ڏنل بيان ۾ ڄاڻايل 6 نڪتن بابت چيو ته انهي کي شيخ مجيب جي نڪتن کان الڳ نه سمجهيو وڃي، جيتوڻيڪ شيخ مجيب جي نڪتن ۾ شرط هئا، ۽ اختر مينگل جي نڪتن ۾ مطالبا هئا، ٻنهي نڪتن جو هڪ ٻئي سان پري پري جو به ڪو تعلق نظر نٿو اچي. اهي اهڙا مطالبا هئا جيڪي هڪ آزاد شهري کي پاڪستان جي آئين ۾ ڏنا ويا آهن، هو بلوچستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل حق ڏيڻ لاءِ ڳالھائي رهيو هو.

اختر مينگل جي اسلام آباد ۾ موجودگي سبب بلوچستان هائوس سڀني کان وڌيڪ سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو، سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏيڻ بعد جڏهن ٻئي ڏينهن ميان نواز شريف بلوچستان هائوس ۾ وٽس ڪهي آيو ته ان ڏينهن ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا به بلوچستان هائوس ۾ موجود هئي، ميان نواز شريف جي بلوچستان آمد ۽ اختر مينگل جي مطالبن جي حمايت ڪيترن ئي پنجابين کي ڪاوڙائڻ جو سبب ضرور بڻي آهي، پر ميان صاحب ملڪي سياست جو پهريون اڳواڻ هو جنهن اختر مينگل وٽ لنگهي اچي اهڙي روايت جو بنياد وڌو جيڪو آخري ڏينهن تائين جاري رهيو. اختر مينگل سان عمران خان ، جماعت اسلامي جي سيد منور حسن، مولانا فضل الرحمان، سردار يار محمد رند، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن ملاقاتون ڪيون، پر انهن سڀني ملاقاتن تي اختر مينگل جو چوڻ هو ته رڳو حمايت ڪرڻ سان معاملا حل نه ٿيندا، پنجاب جي انهي طاقتور بلا جي ڄاڙي مان زهريلا ڏند ڪڍڻا پوندا. بلوچستان جي ماڻهن ايوارڊن ۽ پيڪيجن لاءِ ڦاهيون نه کاڌيون آهن،!

بلوچستان جو مسئلو گهڻ طرفو آهي، اختر مينگل کي انهي ڳالھه جو اندازو به آهي، ته ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا ڇا ڇا ٿيڻو آهي، شايد اهو ئي سبب هو جو هو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي هڪ اخلاقي ميار لاهڻ آيو هو، ته سڀاڻي کيس ڪير اهو طعنو به نه ڏئي ته توهان ائين به نه ڪيو، هو پنهنجي ميار لاهي ويو هليو آهي، اسلام آباد ۾ ڪجھه  پنجابي ۽ مسلم ليگي( نواز شريف واري نه) ذهينيت رکندڙ صحافين جو خيال آهي ته اختر مينگل پاڪستان جو دشمن آهي، انهي ڪري هو نواز شريف کي گاريون به ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته جڏهن اختر مينگل اهو چيو پئي ته سندس 6 نڪتن کي شيخ مجيب جي نڪتن کان الڳ نه سمهجيو وڃي ته نواز شريف کي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ها، اسلام آباد جي پُر امن هنج ۾ ويهي جيڪي صحافي دوست بلوچستان جي حالتن تي تبصرو ڪن ٿا انهن تي سواءِ رحم کائڻ جي ٻيو ڪري به ڇاٿو سگهجي؟

نواب اختر مينگل هن وقت بلوچستان اندر  پارلياماني جمهوريت تي ويساھ رکندڙ سمورين قوتن ۾ سگهاري شخصيت آهي، گذريل 4 سالن دوارن سندس پارٽي اڳواڻن حبيب جالب سميت 54 ماڻهو مارجي چڪا آهن، سندس جان کي به گهڻو خطرو آهي، انهي ڪري هو جڏهن اسلام آباد آيو ته  ڪوئيٽا  ۽  نه پنهنجي  ڳوٺ خضدار وڃي سگهيو. اختر مينگل جي اسلام آباد دوري جي بي ايس او آزاد، بي اين ايم، خان آف قلات دائود سليمان، نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ڪچڪول علي ايڊووڪيٽ سميت قوم پرستن سخت مخالفت ڪئي آهي، نواب اختر مينگل جي دبئي روانگي بعد ٻئي ڏينهن بلوچستان جي مقامي اخبارن ۾ خان آف قلات جو بيان ڇپيو آهي جنهن ۾ هُن چيو آهي ته جيڪڏهن نواب اختر مينگل آزادي جي ڳالھه ڪري ٿو ته هو سپريم ڪورٽ ڇاجي لاءِ ويو هو؟، جڏهن ته بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن جو خيال آهي ته اها پريڪٽس ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجو وزن وڌائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي،

نواب اختر مينگل جا مطالبا جائز آهن پر انهن کي پاڪستان جي حقيقي حڪمران ڌر ڪنهن به صورت ۾ نه مڃيندي، ڇاڪاڻ ته انهن ئي انهي مسئلي کي ايستائين پهچايو آهي. ۽ اڃا به هو پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، بلوچستان جي انتهائي باخبر ماڻهن سان رابطا ڪري جڏهن هُنن جي آڏو اهو سوال رکيو ويو ته ڇا اختر مينگل کي اها خبر ناهي ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر پاس ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، ۽ ان  آرڊر تي عمل ڪرائيندڙ ڌرين اهو سڀ ڪجھه ڪرايو آهي، اهي انهي آرڊر تي تي هن دفعي به عمل نه ڪنديون ته پوءِ به هو ڇو آيو هو؟ ڇا هو اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن هڪ حصي جي خاطري تي اهو سڀ ڪجھه انهي ڪري ڪري رهيو آهي ته جيئن ويڙهاڪن کي اختر مينگل جي شڪل ۾ هڪ ليڊر شپ ملي ۽ اهڙي ريت ڪنهن هڪ اڳواڻ سان ڳالھائڻ ۾ آساني ٿئي؟ جي جواب ۾ انهن ماڻهن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر الله نذر کانسواءِ ٻيون ڌريون ڳالھائي سگهن ٿيون، الله نذر آزادي کان گهٽ ڪنهن به ڳالھه کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته اڃا تائين برهمداغ بگٽي  ۽ جاويد مينگل جو انهي بابت ڪو به بيان نه آيو آهي، پر اختر مينگل جا مطالبا پورا ٿيڻ ممڪن ناهن. بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن جو مسئلو انتهائي بدترين صورت اختيار ڪري چڪو آهي، پر سرڪار اڃا به مڃڻ لاءِ تيار ناهي،

حد اها آهي ته گڏيل جي انساني حقن واري ڪميشن پاران پاڪستان ۾ لاپتا ماڻهن جي انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پهتل وفد جي رپورٽ کي به پاڪستان جي وزارت داخلا مڪمل طور تي رد ڪري چڪي آهي، جڏهن ته رحمان ملڪ جي هٿ ۾ به ڪجھه ڪونهي پرگهڻو ڳالھائڻ جي عادت کان مجبور هي شخص هروڀرو ڳالھائڻ کان رهي نٿو، ۽ پنهنجي حڪومت کي وڌيڪ بڇڙو ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو

بلوچستان ۾ ڪُل 28 ضلعا آهن جن ۾ 7 ضلعن ۾ پشتون آبادي ۽ باقي بلوچ اڪثريت وارا ضلعا آهن، پشتون ضلعن ۾ پشين، زيارت، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، زوب، لورالائي، ۽ مسلم باغ شامل آهن جڏهن ته گوادر، آواران، لسٻيلا، پنجگور، خضدار، واستڪ، هاران، قلات، مستونگ، ڪوهلو،بارکان، نوشڪي،جهل مگسي، بولان(ڪڇي)، سبي، نصير آباد، چاغي، جعفر آباد ۽ ڊيرا بگٽي بلوچ اڪثريت وارا علائقا آهن  . ڪوئيٽا ۾ ٻنهي ڌرين جي اڌو اڌ آباي آهي، انهي جي باوجود بلوچستان پيڪيج ۾ اڌ حصو پشتون آبادي کي ڏنو ويو آهي، بلوچستان ۾ سيڪيولر ۽ مذهبي ڌرين اندر تڪرار موجود آهي، فرقيواريت اڃا هڪ ڌار اشو آهي جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ بم ڌماڪي وانگر ڦاٽڻ وارو آهي، بلوچستان جي پشتون اڪثريتي ضلعن ۾ 15 لک افغان پناھ گير به آهن جن ۾ 10 لک رجسٽرڊ به ٻڌايا وڃن ٿا، انهن علائقن ۾ مولانا فضل الرحمان واري جعيت علماءِ اسلام اتان جي وڏي پارلياماني قوت آهي، جڏهن ته پختون خواھ انهي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ڌُر آهي، جهادي ڌريون به جي يو آءِ جو ن حماتي آهن، جڏهن ته پونم پاران گذريل عام چونڊن جي بائيڪاٽ سبب هن وقت بلوچستان جي حڪومت اندر عوام جي حقيقي نمائندگي موجود ناهي، انهن چونڊن ۾ بائيڪاٽ سبب جيڪي ماڻهو چونڊجي آيا انهن جو عوام جي حقيقي مسئلن سان تعلق نه هو، جنهن ڪري به مسئلا گهڻا وڌياآهن، هن وقت 61 ميمبرن جي اسيمبلي ۾ 60 ميمبر حڪومت جو حصو آهن باقي هڪ يار محمد رند آهي،جنهن چيو هو ته هو جيڪڏهن اسلام آباد ويو ته اتي  به کيس قتل ڪرايو ويندو، هن انهي جو الزام موجوده وزير اعلي تي هنيو آهي، بلوچستان حڪومت بدترين ڪرپشن جو شڪار آهي، جنهن ڪري جيڪي 5000 هزار نوڪريون ڏنيو ويون اهي به ميرٽ تي نه ڏنيون ويون،  هن حڪومت جي 4 سالن دوران جيڪي مسئلا گهٽجڻ گهرجن ها اهي مورڳو وڌي ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي آزادي لاءِ وڙهندڙ ڌرين کي به حمايت حاصل ٿيندي ٿي وڃي، هن وقت بگٽي ، مينگل، مري ۽ رند قبيلن مان ڪنهن جي به اسيمبلي ۾ نمائندگي ناهي. سرڪار جي رٽ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. پوليس جو اثر ختم ٿي چڪو آهي،ايف سي ۾ پنجابي ۽ فاٽا سان تعلق رکندڙ اڪثريتي ماڻهو ڀرتي آهن، مقامي بلوچ تمام گهٽ آهن جيڪڏهن آهن به سهي ته اهي پنجاب سان تعلق رکن ٿا،

ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته عالمي ڌريون جيستائين بلوچستان جي معاملي ۾ سڌي ريت ان جي آزادي لاءِ ڪردار ادا نٿيو ن ڪن تيستائين ڪجھه به نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي مضبوط اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به صورت ۾ بلوچستان مان هٿ نه ڪڍندي، هو انهي کي انهي ئي صورتحال ۾ رکڻ چاهي ٿي يا ڪجھه هٿ ڍرو ڪري سگهي ٿي، ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن حقيقي قيادت چونڊجي اچي ته به ڪافي مسئلا بهتر انداز ۾ حل ٿي سگهن ٿا، پر ايندڙ چونڊن بابت في الحال ڪجھه به نٿو چئي سگهجي ته انهي ۾ ڪير حصو وٺي به ٿو يا نه، هتي سوال اهو آهي ته پاڪستان پاران آمريڪا سان ٻيائي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاڻي بلوچستان کي بليڪ ميلنگ جي هڪ پرزي طور استعمال ڪيو ويندو، جهادي ڌرين جي اڪثريت ۽ بلوچ ويڙهاڪن ۾ سڌي جهيڙي جا امڪان ٿي سگهن ٿا، جيئن پاڪستان کان وڌ ۾ وڌ شرط مڃرائي سگهجن، هن وقت پرڏيهي ملڪ جن ۾ ڀارت ۽ افغانستان به شامل آهن انهي ۾ ملوث آهن، پاڪستان سرڪار جي سياسي، اخلاقي ۽ انتظامي رٽ ختم ٿيندي ٿي وڃي، بلوچستان مسئلو خالص طور تي سياسي آهي، پر انهي کي انتظامي انداز سان نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ،  جيڪا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي،  ان ڪري اختر مينگل جي ميار کي هاڻي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، ۽ انهي سڄي معاملي کي انا جو مسئلو بڻائڻ بدران ان جو ٿڌي ذهن سان ويهي فيصلو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي هٿ ۾ ڪجھه به ناهي، پر انهي جي باوجود انهي جا وزير شاھ کان وڌيڪ شاھ جا وفادار ٿيڻ جي بيڪار ڪوشش ڪن ٿا، هن حڪومت کي ترديدون ڪرڻ بدران انهي ڳالھه جو عوامي سطح تي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته سندس هٿ ۾ ڪجھه به ناهي، پرايا گناھ پنهنجي ڪنڌ ۾ وجهڻ جي موٽ ۾ مليل اقتدار جا باقي ڪيترا ڏينهن بچيا آهن ، حڪومت اهو اعتراف ڪري ته گهٽ ۾گهٽ اڇا ڪارا واضح طور تي ڇڻي پون.

بلوچستان ۾ صحافين جا مسئلا:

جنهن ڏينهن سردار اختر مينگل پاڪستان مان روانو ٿي رهيو هو انهي ڏينهن سندس ڳوٺ خضدرا ۾ ، خضدرا پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبدالحق بلوچ کي انهي وقت قتل ڪيو ويو جنهن مهل هو پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. انهي کان اڳ ۾ فيض ساسولي کي به قتل ڪيو ويو هو، انهن ٻن واقعن بعد خضدار جي صحافين صحافت تان دستبردار ٿي پريس ڪلب کي تالا هڻي ڇڏيا آهن، اطلاعن موجب عبدالحق جي قتل کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ بلوچستان لبريشن آرمي پاران اخبارن ۾ اهو بيان شايع ٿيو هو ٿه خضدار جا ڪجھ صحافي مسلم ليگ(ق ) جي اڳواڻ جي سينيٽر جي پُٽ  شفيق مينگل لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ اسان جي خلاف رپورٽنگ ڪن ٿا، اسان انهن کي نه ڇڏيندا سين، هُنن اسان جا ماڻهو مارايا آهن. ٻئي ڏينهن اهو واقعو ٿيو آهي.هن وقت بلوچستان ۾ صحافي ۽ اخباري ادارا جنڊ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ پيسجي رهيا آهن، هڪ طرف ملڪي ايجنسيون آهن ته ٻي طرف اهي بلوچ ويڙهاڪ آهن، ڪيترن صحافين اهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن اهو ڪم ڪن به ٿا ته هو گهرن اندر بند ٿي ويا آهن ، ڪٿان فونن ذريعي معلومات هٿ ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ادارن ۾ موڪلين ٿا.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو