Home / افيئر / ايلس البينيا چوي ٿي سنڌو سڄي دنيا جي تاريخ جو محافظ آهي
above article banner

ايلس البينيا چوي ٿي سنڌو سڄي دنيا جي تاريخ جو محافظ آهي

“ سنڌونديءَ مون کي تاريخ سمجهڻ ۽ تاريخ کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي-مان سمجهان ٿو ته سنڌو ندي فقط ايشياءَ جي نه، پراها سڄي دنيا جي تاريخ جي محافظ آهي- انهي ڪري مون ان تي تحقيق ڪرڻ لاءِ هتي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ اچي ڪافي عرصو گذاريو ۽ هتان جون ٻوليون سکي هتان جي رهواسين سان سڌو واسطو رکيم تنهن کانپوءِ ئي مون لاءِ اهو ممڪن ٿيو ته مان اهو ڪتاب لکان جنهن جي ڇپجڻ سان مون کي شهرت ملي آهي ۽ پاڪستان بابت به مغربي ماڻهن جا خيال مٽيا آهن- اڳي نه ته ماڻهو اهو سمجهندا هئا ته پاڪستان بابت ڪتاب ڇپيو ته ان جي ٽائٽل تي لازم طور ڪو ڏاڙهيءَ وارو همراهه ڪلاشنڪوف تاڻيو بيٺو هوندو يا ڪو ڇوڪرو ڇاتيءَ سان بم ٻڌيو، نرڙتي نعري واري پٽي چنبڙايو ڪئمرا جي لينس ۾ جوهه پائي ڏسندو هوندو –پر منهنجي ڪتاب لطافت ۽ نرميءَ واري سڀاءَ يورپ ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي ماڻهن جو اميج مٽائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.”

ايلس البينيا اسان جي وڏڙن واري ولايت جي واسڻ آهي-هوءَ لنڊن ۾ رهي ٿي پر تحقيق ۽ تحريرن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سير سفر ڪندي رهندي آهي. جن جو ڪتاب “ ايمپائرزياف انڊين” دنيا جي بيسٽ سيلز ۾ شامل آهي، جيڪو هن سنڌو نديءَ بابت لکيو آهي-اسان جي دريا شاهه تي کوجنا لاءِ ايلس انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيئي ورهيه رهي آهي-هن مانسروور ڍنڍ کان شاهه بندر ۽ کاري ڇاڻ تائين سنڌ جو سفر ڪيو آهي ۽ ٻنهي ڪنارن تي ڪشمير کان مٿان درياهه جي منڍ کان ان جي ڊيلٽا تائين وارن علائقن ۾ رهندڙن سان ڪچهريون ڪيون آهن.

ايلس البينيا ڪئمبرج يونيورسٽي مان انگلش لٽريچر ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي.ان کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ دلچسپي سبب ان ۾ به ماسٽرز ڪئي – اردو سکيائين ۽ هندي توڙي سنڌي کي به هلڪي نموني سمجهڻ جهڙي اهليت حاصل ڪيائين-هن جو خيال آهي ته سنڌو ندي صدين کان دنيا ۾ وهندڙ واپرندڙ واقعن جي سچي شاهد آهي، هن درياهه جي تاريخ سڄي دنيا جي تاريخ آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ڪناري تي يونانين کان وٺي انگريزن تائين ڪيئي حملي آور ۽ مهم جو آيا ۽ ڪي هتي رهجي ويا ۽ ڪي رمندا رهيا- انهيءَ حساب سان سنڌوءَ تي لکڻ معنيٰ دنيا کي آئيني ۾ ڏسڻ آهي- اچو ته اهڙي حسناڪ دل رکندڙ ليکڪا جون ڳالهيون ٻڌون ته من اسان مان به ڪو اهڙو اُٿي بيهي ۽ پنهنجي اغوا ٿيندڙ درياهه کي واپس ورائڻ لاءِ “ وارو! — وارو !! ڪري وٺي ”

انگلينڊ ۽ يورپ ۾ توهان جي ڪتاب “ ايمپائرز آف انڊين ” کي ڪيئن ڏٺو ويو آهي ؟ ” “ ٿيندو ايئن آهي ته جيڪڏهن پاڪستان بابت ڪو نئون ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ته مغربي دنيا جا ماڻهو اها اميد ڪندا آهن ته انهي ڪتاب جي ٽائٽل تي ڪنهن طالبان يا جهادي“  جو ڦوٽو هوندو ، ان جي هٿ ۾ گن ۽ اکين ۾ انتها درجي واري ڪاوڙ جهلڪندي هوندي.، يا وري ڪو نئون سامايل نينگر پنهنجي ڇاتيءَ تي بم گولا ٻڌي خود ڪش بمبار جو ڏيک ڏيندو هوندو –پر انهي تصوير جي ابتڙ جڏهن منهنجو ڪتاب ڇپجي ماڻهن تائين پهتو ته انهن کي اها حيرت ٿي ته پاڪستان بابت ڪتاب آيو آ ۽ اهو جهادي ڪلچر جي بجاءِ نهايت لطيف ۽ آرٽسٽڪ قسم جي تاريخي تحقيق تي ٻڌل آ —- اها ڳالهه ولايت وارن لاءِ نئين هئي- انهي ڪري“ ايمپائرز آف انڊس” کي اهميت ڏني وئي، کين ڪتاب جو ٽائٽل به ڏاڍو وڻندڙ لڳو  جو ان تي ننڍي کنڊجي مصوري جو هڪ شاهڪار ڏنل هو- انهيءَ کانسواءِ ڪتاب جو مواد به انهن روايتي ڪتابن کان الڳ هو، جيڪي جهادي ڪلچر، ڊرگ مني ۽ ٻين اهڙن انتها پسنداڻن عنوانن تي اچن ٿا- انهن سببن جي ڪري منهنجي ڪتاب کي نه رڳو اهيمت ملي آهي بلڪه ان ڪتاب سبب برطانيا، يورپ ۽ آمريڪا جي پاڪستان بابت راءِ به تبديل ٿي آهي ”

ڏکڻ ايشيا جي تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪهڙي سببن جي ڪري ٿي ؟”


“ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ قديم به آهي ۽ اهم به – هي علائقو سڀني قومن ۽ اڪثر فاتحن جي لتاڙ هيٺ رهيو آهي ۽ کانئن ئي عظيم  تهذيبن جو تعارف ڪرايو ويو آهي.هتي يونانين کان وٺي چينين، انگريزن، آرين جون نشانيون ملن ٿيون- هن علائقي جي تاريخ دنيا جي ٻين کنڊن جي تاريخ سان سلهاڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جا ماڻهو به هتي آيا- انهن مان ڪجهه ڏکڻ ايشيا جي ڪن علائقن ۾ آباد ٿي ويا ته ڪي وري هتان فائدا ۽ مفاد ماڻي موٽي پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا ويا- انهن ٻنهي صورتن ۾ انهن هتي پنهنجا نشان ڇڏيا، هنن علائقن ۽ هتان جي رهواسين کي متاثرڪيو ”

“ هن خطي جي سفر ڪرڻ جو توهان کي خيال آيو ته اڳ ۾ ڪٿي پهتو ؟”

“ مان سنڌوءَ جو پيڇو ڪرڻ ٿي چاهيو پر ان کان اڳ سنڌوءِ جي ڀر پاسي وارا علائقا ڏسڻ جو شوق به هيو- ان ڪري اڳ ۾ نيپال وئي هيس- پوءِ انڊيا، پاڪستان، ڪشمير ۽ تبت ۾ گهميس ڦريس ۽ واپس وطن هلي ويس- وري هڪ ڀيرو پوري تياري ڪري انڊيا آيس – هن ڀيري هتي منهنجو رهڻ جو ارادو هو ته جيئن درياهه ۽ ان جي ڪنارن جون آباديون تفصيل سان جاچي ڏسان- انڊيا ۾ رهي مون هڪ ٽريول ميگ ۾ ڪم به ڪيو-ڪجهه عرصي کانپوءِ مون کي محسوس ٿيو ته جيڪڏهن علائقن ۾ تحقيقي ڪم ڪرڻو آهي ته مون کي هتان جي تاريخ به ڏسڻي پوندي-سو مان واپس لنڊن ويس ۽ اتي سائوٿ ايشين هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪيم –ان کان اڳ ڪئمبرج مان گريجوئيشن ڪيل هيم-مون کي جيئن ته ڏکڻ ايشيا جي هن اهم درياهه جي بابت ڪتاب لکڻو هو، تنهنڪري مان پاڻ Wel Equiped ڪرڻ ضروري سمجهيو، انهيءَ لاءِ کوجنا ۾ مون کي ڪيئي سال لڳي ويا- ڪتاب جي ڀرپور موٽ سبب اهي سال ۽ محنت سڦل ٿيا-منهنجي انهيءَ ڪتاب جو الائي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي.

“ توهان پنهجي کوجنا کي ڪهري ريت پيش ڪرڻ جو سوچيو هُو ؟”

“ مان سنڌوءَ تي جڏهن به سوچيندي هيس ته مون ۾ جوش ڀرجي ويندو هو- انتظار ڪندي هيس ته ايترا ڏوڪڙ ۽ وسيلا هٿ اچن ته ڪشمير کان هماليه ۽ پوءِ انڊيا کان سنڌ تائين هن شينهن درياهه جا ڪپر گهمي ڏسان –هن درياهه جي تاريخ ۽ هن جا ڪنارا تمام لڀائيندڙ آهن –مون هن خطي جي سياسي حالتن تي به نظر رکي ۽ اها به جاچ ڪيم ته درياهه شاهه جي ڪري هنن ملڪن ۾ لاڳاپن تي ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن-انهن سڀني موضوعن تي ڪم ڪري مواد گڏ ڪيم ۽ ڦوٽو گرافي به ڪيم – ماڻهن سان ڪچهريون ٿيون ته کوڙ Mytholigies سمجهه ۾ اچڻ لڳيون- انهن سڀني کي گڏائي ڪتاب تيار ڪيم.

“ توهان جي ڪتاب ۾ ڪيئي ادبي Touchseبه ملن ٿا- انهن جو ڪهڙو سبب آهي ؟”

“ مان گريجوئيشن ادب ۾ ڪئي آهي- انگريزي ٻوليءَ ۾ سنڌ ۽ هند جو جيڪو ۽ جيترو ادب ترجمو ٿيل مليم اهو پڙهي ان مان فائدو حاصل ڪيو اٿم- انهي ڪري توهان کي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف ڀٽائي، بلي شاهه، رحمان بابا، خوشحال خان خٽڪ ۽ ڪشميري شاعرن توڙي هندي ليکن جا حوالا ملن ٿا- هڪ دانشور جو قول مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ، جنهن ۾ هن چيو آهي ته تاريخ تمام اهم آهي ۽ ان کان الڳ ٿي اسان ادب کي سمجهي نه ٿا سگهون”

“ سنڌ جي ماڻهن سان به حال احوال ٿيو؟”

“ ها بلڪل –مان ڪيئي مهينا سنڌ ۾ رهي آهيان، هتي درياهه جي ڊيلٽا واري علائقي کاروڇاڻ، ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مهاڻن جي ڪاٺ وارين  جهوپڙين ۾ انهي جي عورتن سان گڏ راتيون گذاريون اٿم-انهن کان مڇي کائڻ جا سنڌي طريقا سکيم، رليون ٺاهڻ جو هنر ڏٺو اٿم ”

“ توهان پاڻ پنهنجي هن پيار جي پورهئي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟”

“ هي منهنجي اندر جي سفر جو به احوال آهي، هي سفر تمام مهماتي هو ، جنهن ۾مان مختلف رنگن نسلن، علائقن، ٻولين ۽ رسمن وارن ماڻهن سان مليس.آريائي نسلن کان وٺي شهيد شاهه عنايت جي صوفي راڳين تائين مون کي ماڻهو مليا ۽ متاثر ڪيائون. مان جڏهن دهلي ۾ ٻه سال رهيس ته اتي مون رگ ويد پڙهي، جنهن ۾ سنڌو درياهه جو ذڪر هو ۽ ان سوت منهنجي جپاڙي واري مسجد مان بانگ پئي آئي-انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ظاهري طور ڪو لاڳاپو ناهي پر انهن جي ميلاپ سان ئي منهنجي اندر ۾ اُڃ پئدا ٿي  ته مان انهي درياهه کي ڏسان، جنهن جي ڳالهه قديم ترين ڪتاب ۾ ايڏي واکاڻ سان ڪيل آهي ۽ جيڪو درياهه اڄ ان ملڪ جي وچان لنگهي ٿو، جتي هر جاءِ تي مسجدون آهن-جڏهن ته ڪيلاش جبل جي ڀڪ ۾ مانسرور ڍنڍ تي وري هندو جاتي ميلا لڳن ٿا جتان سنڌو ظاهر ٿئي ٿو-.

“ سو سڪندر اعظم کان ايلس البينيا تائين سنڌو سڀني کي متاثر ڪري ٿو ؟”” هائو بلڪل— مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو اٿس-مان ان تي هڪ آرٽيڪل ۾ به لکيو آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌوندي کي ۽ان جي ڪنارن تي آبادين کي ڪيترو عظيم نقصان پهچي رهيو آهي-مون اکين سان ڏٺو آهي ته سنڌوءَ جي هيٺئين حصي ۾ زندگي سُڏڪي رهي آهي، مهاڻا بيروزگار ٿي شهرن ۾ پورهيا ڪرڻ نڪري پيا آهن-اها حالت سهڻ کان چڙهيل آهي ”

“ توهان هن کي تاريخ بابت ڪتاب چوندوَ يا سفر نامو؟”

“ ٻئي نه — هيءُ ڪتاب سنڌو جي موجوده ماڻهن سان انـٽرايڪشن آهي،جنهن ۾ مون تاريخ کي پسمنظر طور کنيو آهي. اهڙي فارميٽ جو آئيڊيا مون کي هن دوران ئي سُجهي آيوهو-هڪ عورت هوندي اڪيلي سردرياهه جي ڪناري ٻه هزار ميل ڏکيو سفر ڪرڻ تمام مشڪل هو- پاڪستان جي علائقن ۾ مون کي انگريز طور عزت ۽ پروٽوڪول ملندو رهيو،انڪري گهڻي ڏکيائي نه ٿي پر انڊيا ۾ منهنجو انگريز هئڻ مون کي ڪم نه آيو-اتي تمام گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون-ڇاڪاڻ ته منهنجي شڪل انگريزن کان وڌيڪ افغانين سان ملي ٿي، تنهنڪري انڊيا ۾ مون تي ماڻهو شڪ به ڪندا هئا، ٻيو ته اتي مون کي پرڏيهي طور فقط ڪن شهرن جي ويزا ملندي هئي ۽ مان ٻيو سفر هانوَ جي ڏڍ تي لڪي ڪندي هيس- هنن ملڪن ۾ ماڻهو منهنجي ذاتي زندگي ۾ جهاتيون پائي ڏسڻ لاءِ ڏاڍا آتا هوندا هئا- هرجاءِ ٻيو سوال منهنجي شادي شده هجڻ يا نه هجڻ بابت ٿيندو هو- وري پڇندا ته توکي مڙس هيترو پري، اڪيلي سر اچڻ جي اجازت ڪيئن ڏني ؟، ٻار گهڻا اٿئي؟- انهن سوالن تي پهرين مان وائڙي ٿي ويندي هيس پر پوءِ جڏهن پتو پيو ته اهي هن ننڍي کنڊ جا “ ثقافتي سوال” آهن ته عادت پئجي وئي جواب ڏيڻ جي !-ايلس کلي ٿي.

“ سڀ کان حيران ڪندڙ سوال مون کان پشاور جي هڪ سيدخاندان وارين عورتن ڪيو- اهي مون کي پنهنجي مردن کان پرڀرو ڪري مٿي ڇت تي وٺي ويون ۽ پڇيائون:

“ تون ڄم روڪ يا پيٽ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ڪهڙيون دوائون ساڻ کڻي نڪتي آهين ؟، اسان کي انهن جا نالا ڏي !-بهرحال منهنجو سنڌوءَ جو هي سفر دنيا کي عظيم تهذيب ڏيندڙ درياهه پنهنجي ماڻهن جي سامهون مري رهيو آهي ۽ انهن کي ڪا خاص ڳڻتي ئي ڪانهي ! پهرين ڪڌي حرڪت هن درياهه سان انگريزن ڪئي هئي، جن هن نديءَ مان گهڻو فائدو وٺڻ لاءِ ان جو قدرتي ڪئنال سسٽم تباهه ڪري هٿرادو بند ٻڌا-کين درياهه ۽ ان جي وهڪرن جو اندازوئي نه هو- انگريزن جي هن احمقاڻي نظام کي انهن کانپوءِ ايندڙ مڪاني حڪمراني ۾ اڳتي وڌائڻ جي غلطي ڪئي- ان سان حياتياتي سرشتو ۽ هن تهذيب تي مدار رکندڙ برباد ٿي ويا-انهي ڪري مان سمجهان ٿي ته سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وسندڙ ماڻهن سان ملڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ تجربو هو ”

“ سو توهان سنڌوءَ کي پيار به ڪيو ٿا ؟”

“ هائو، بلڪل –سنڌ جي صحرائن کان تبت جي برفيلن جبلن تائين ماڻهو سنڌوَ سان پيار ڪن ٿا-ماڻهو پنهنجي مرشدن ۽ ديوتائن کان وڌيڪ سنڌوَ جي پرستش ڪن ٿا-هندن جي مقدس ڪتاب رگ ويد کان وٺي سنڌ ۾ ايڪيهين صديءَ جي ڪنهن نوجوان شاعر جي مجموعي ۾ به توهان کي سنڌوءَ جي ساراهه ملندي-اڳي جڏهن مان سنڌوءَ جو تصور ڪندي هيس ته مون آڏو سنسڪرت جي ٻاون جا اکر ايندا هئا، جيڪي هن درياهه کي ناقابل شڪست ۽ درياهن جو درياهه سڏيندا هئا-منهنجي آڏو يوناني جنرلن جون تعجب ڀريون صدائون اڀرنديون هيون صدين کي پيرن هيٺان سرڪائندڙ صوفين جا سنگ سنڌوءَ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريندا نظر ايندا هئا-پر هيءَ سفر ڪرڻ کان پوءِ مان اهو سڀ ڪجهه تصور ۾ نه ٿي آڻي سگهان-هاڻي منهنجي اکين آڏو سنڌوءَ جي اها تصوير ٿي اچي جو ڪوٽڙيءَ جي ريلوي پل ڀرسان ڇيڳرا ڇورا درياهه شاهه جي وارياسي سيني تي ڊوڙي ڊوڙي سينچريون اسڪور ڪري رهيا آهن- شال ڪا اهڙي لهر سنڌوءَ ۾ اٿي جو انهن جون وڪيٽون ئي اڏامي وڃن— اي ڪاش!!”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو