Home / افيئر / برسات متاثر دربدر
above article banner

برسات متاثر دربدر

سنڌ ۾ 2011،2010 ۽ 2012ع جي مها ٻوڏ ۽ برساتن صوبي جي ساڄي پاسي کي ٻه ڀيرا ۽ کاٻي پاسي هڪ ڀيرو متاثر ڪيو جنهن سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن،ڪيترائي زخمي ٿيا،کربين رپين جو نقصان ٿيو ،جنهن ۾ خانگي ۽ سرڪاري متاثر ڌريون پڻ شامل ،انهن مان اڃا تائين لکين ماڻهو اڃا به دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن جن جو ڪوبه والي وارث ڪونهي.سنڌ سرڪار رڳو 2010ع جي ٻوڏ دوران 47 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ صرف رليف وارن ڪمن تي ڏيکاريو آهي تقريبن ان سال جي آفت تي تقريبن ڏيڍ کرب رپيا خرچ ڪيو ويو جيڪو مختلف سيڪٽرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي.سنڌ سرڪار جي هر کاتي ۾ انتظامي نااهلي،ڪرپشن گهر ڪري وئي،ڪٿي به گڊ گورننس نالي ڪا شيءَ نظر نٿي اچي جنهن جا اثر عام شهري ڀوڳي رهيو آهي جيڪڏهن اسان انهن ٽنهي سالن جي آفتن دوران رليف تي خرچ ڪيل خرچن جو حساب ڪتاب ڪريون ته اربين رپين جي ڪرپشن ظاهر ٿيندي،هر کاتي ۾ بدعنوانيون رڪارڊ تي آهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي هڪ-هڪ فائيل ۾ رڪارڊ ڪرپشن ظاهر ٿيندي،آخر ان جو احتساب ڪير ڪندو؟عوام تتيءَ اس ۾ ڪمايل رقم جو انهن بدعنوان حڪمرانن کان حساب ڪير وٺندو،سنڌ سان قدرتي آفتن اهڙو حشر ڪيو آهي جو ان جي شهرن کي سڃاڻي به نٿا سگهون،صوبي جا شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن،کربين رپيا سالياني ترقياتي پروگرام جي مد ۾ هر سال رکيا وڃن ٿا،پنجن سالن ۾ موجوده سرڪار تقريبن 6 کرب رپيا خرچ ڪيا آهن پر جيڪڏهن سڄي سنڌ جو ڪير غيرجانبدار انداز سان دورو ڪندي اندازو لڳائيندو ته ان کي سڄو دال ۾ ڪارو نظر اچي ويندو پر سڃاهه وند طبقن جو خيال آهي ته صوبي ۾ ٿورو دال ۾ ڪارو نه پر سڄي دال ئي ڪاري آهي،هاڻي اسان کي ان ڳالهه جو انتظار هوندو ته ايندڙ چونڊون ۾ عوام ڪيترو احتساب ڪري ٿو يا وري اهي به ڪمپرومائيز ڪن ٿا ڇو ته انهن تقريبن چار ڏهاڪن کان سلسلو برقرار رکيو آهي.

سنڌ سرڪار پاران برسات متاثرين لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا آهن؟

سنڌ جي صوبائي سرڪار طرفان 2012ع جي برسات سبب متاثر ٿيل 31 لک 28 هزار 23 متاثرين جي لاءِ ڪل 459 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ڪل 3 لک 40 هزار 393 ماڻهن کي انهن ڪئمپن ۾ ترسايو ويو آهي جن ۾  70 هزار 802 مرد،89 هزار 446 عورتون ۽ هڪ لک 50 هزار 22 ٻار شامل آهن جيڪي رليف ڪئمپن ۾ ترسيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا في ڪئمپ ۾ تقريبن 845 ماڻهو ترسيل آهن جيڪڏهن واقعي سنڌ حڪومت جي اها رپورٽ بلڪل ٺيڪ آهي ته پوءِ هڪ ڪئمپ ۾ ته برسات متاثرين جو الاهي ڪهڙو حشر هوندو.سنڌ حڪومت جهڙو حشر برسات متاثرين جو ڪيو آهي شايد ئي ڪنهن ٻي صوبي جي ڪنهن سرڪار اهڙو خيال به ذهن ۾ آندو هجي.سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ڏيهي آپريشن،زلزلي يا ڪهڙي آفت جي سٽيل متاثرين جو آڌرڀاءَ ڪيو آهي ۽ انهن ڪئمپن ۾ هر قسم جي آسائش ڏني پر ويندي ويندي انهن کي پنهنجي کيسي مان هزارين رپيا في خاندان کي معاوضو به ڏنو پر جڏهن ڌرتي ڌڻين تي ڪو ڏکيو وقت اچي ته انهن جي به اهي صوبا ضرور واهر ڪن،هاڻي وري اچون ٿا سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي برسات متاثرين سان وري ٻه ڀائر ٽيون ليکي وارو سلوڪ برقرار رکيو آهي،امير سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڏسي اڄ اسان آفريڪا جا ڏڪار سٽيل اهي ماڻهو ياد اچي ويا جن کان به هيٺائين درجي جي زندگي هن صوبي جا ماڻهو گذاري رهيا آهن جنهن جو مثال هڪ رليف ڪئمپ ۾ ساڍا 8 سوءِ ماڻهن جو ترسيل هجڻ آهي جيڪا رپورٽ ڪنهن خانگي سيڪٽر جي اداري نه پر پنهنجي سنڌ سرڪار جي تيار ڪيل آهي.2012ع جي برساتن کانپوءِ پهرين نمبر تي وڏي وزير جو پنهنجو خيرپور ضلعو متاثر ٿيو آهي جنهن جا به اٺ ئي تعلقه،هڪ هزار 448 ڳوٺ ۽ تقريبن 5 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر اتي ڪل 14 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ 1000 متاثر ترسيل آهن باقي وڌيڪ رهڻ جي جاءِ نه هجڻ سبب اتان جا متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿي ته صوبي جي چيف ايگزيڪٽو جي پنهنجي گهر جو ئي اهڙو حال آهي ته پوءِ ٻين ضلعن جي وزيرن،انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن تي ڪهڙي معيار آهي،ٻي نمبر تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو متاثر ٿيو آهي جتي جا هڪ هزار 747 ڳوٺ ۽ تقريبن اڍائي لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن جتي ڪابه رليف ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽئين نمبر تي گهوٽڪي ضلعو متاثر ٿيو آهي جنهن جا پنج ئي تعلقه برسات جا متاثر آهن پر سرڪار طرفان اتي ڪابه رليف ڪئمپ نه لڳائي وئي آهي جنهن جو سبب شايد حڪمران ۽ اتان جا چونڊيل نمائندا پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا.چوٿين نمبر تي شڪارپور ضلعو سخت متاثر ٿيو آهي جنهن جا به چارئي تعلقه،50 يوسيز،3 هزار 11 ڳوٺ ۽ هڪ لک 79 هزار 606 ڳوٺ به متاثر ٿيا آهن جتي ڪل 33 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ڪل 6 هزار 712 ماڻهو متاثر ترسيل آهن ۽ مان تقريبن هڪ لک  72 هزار ماڻهو ٻاهر بي يارو مددگار بڻيل آهن جن جو الڪو سرڪار طرف آهي پر حڪمرانن جو اکيون آسمان ۾ آهن جيڪي انهن متاثرين طرف نهارڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.

ذريعن کان مليل غير حتمي دستاويزي رپورٽ موجب برساتن سبب 34 تعلقه،168 يوسيز،13 هزار 18 ڳوٺ،3 لک 53 هزار839 گهر ۽ 15 لک 298 ايڪڙن تي موجود علائقي ۽ 3 لک 4 هزار 311 هيڪٽرن تي بيٺل فصل سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته 239 ماڻهو ۽ 1 هزار 826 جانور پڻ برساتن ۾ مري ويا آهن ۽ 2 هزار 447 ماڻهو پڻ زخمي ٿيا آهن،صرف 6 ضلعن ۾ 459 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 3 لک 40 هزار 393 ماڻهو بري حالت ۾ ترسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سنڌ ۾ 2012ع جي پيل شديد قسم جي برسات جا تفصيل:

سنڌ ۾ 2012ع جي برساتن لکين ماڻهو بي گهر ۽ ماڻهن جون حياتون کسيون،17 ضلعن ۾ 3 هزار 435 ايم ايم برساتي رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ پهرين نمبر تي وڏي برسات جيڪب آباد،ٻي تي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ،ٽئين نمبر تي شڪارپور ۽ چوٿين نمبر تي لاڙڪاڻي متاثر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اهڙي رپورٽ ميٽ طرفان سنڌ سرڪار کي موڪلي ڇڏي آهي.ذريعن کان مليل رپورٽ موجب 114 بدين،110 حيدرآباد،481 جيڪب آباد،125 ڪراچي،216 لاڙڪاڻي،164 مٺي،164 شهيد بينظيرآباد،164 نوشهروفيروز،86 گهوٽڪي،91 خيرپور،209 سکر،207 موهن جي دڙي،97 ٺٽي،158 دادو،89 ميرپورخاص،453 ڪنڌڪوٽ ۽ 390 ايم ايم برساتي پاڻي شڪارپور ۾ به رڪارڊ ڪيو ويو.ميٽ طرفان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان جيڪب آباد،ٻي نمبر تي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ،ٽئين نمبر تي شڪارپور،چوٿين نمبر تي لاڙڪاڻي ۽ پنجين نمبر تي سکر ضلعي ۾ وڏي پئماني تي برسات پئي جنهن ۾ پاڻي به وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو