Home / ڪور افيئر / بلدياتي آرڊيننس جي منظوري ؛ سنڌ جي روح ۾ کُتل خنجر
above article banner

بلدياتي آرڊيننس جي منظوري ؛ سنڌ جي روح ۾ کُتل خنجر

جيڪڏهن ڏسجي ته پيپلز پارٽي جي سرڪار ارڙهين کان ويهين ترميم تائين وڏا تاريخي ڪم ڪيا آهن. اختيارن جي صوبن کي منتقليءَ جي ايجنڊا تي ٻه رايا موجود آهن: هڪ اهو ته هرڪو مخالف هو پرپيپلز پارٽيءَ جي سرڪار جان جوکي ۾ وجهي اهو خطرناڪ ڪم ڪري ورتو. ٻيو رايو اهو آهي ته مالڪن جي پنهنجيassesment ان قسم جي هئي ته هاڻي مريض کي ڪجهه رت جي بوتل چاڙهجي نه ته جي ان راهه رباني ورتي ته 64 ورهين کان هلندڙ دڪان جو ڇا ٿيندو؟ سو هنن جي رضامندي موجود هئي جنهن مان فائدو وٺندي پيپلز پارٽي ”تاريخي“ ڪم ڪيو. هتي اها تنقيد به موجود آهي ته هڪ پاسي وزارتون هيٺ موڪليون ويون آهن ته ٻئي پاسي ساڳيون وزارتون نون نالن سان قائم ڪري وري مرڪز مضبوط ڪيو ويو آهي. پر اهو تاريخي ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 ارب روپين جي اضافي کان سواءِ بلوچستان کي ڇا مليو؟ وسيلن تي حق اهو مليو آهي ته هن وقت تائين جيڪي وسيلا ”کوٽجي“ چڪا آهن يا جن تي ڪم جاري آهي سي ته رهندا وفاق جي حوالي، باقي هاڻي کان اڳتي جيڪڏهن ڪٿي گئس يا ٽامي جا ذخيرا لڌا ته ان تي صوبي جو حق هوندو. مطلب ته سوئي گئس ته سڄي پي ويا سين، رڪو دڪ واري ٽامي تي اسان اڳ ئي قابض لڳا ويٺا آهيون، بلوچن لاءِ سندن سڄي ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي اٿئون، باقي هنن کي ڪهڙو ٻرو کپي ٿو؟

گوادر جي ناڪاره بندرگاهه سان اهڙو حشر ڪيائون جو سنگاپور پورٽ اٿارٽي وارن ڀڄي جان ڇڏائي. هاڻي بندرگاهه مامون جان هو جن تائو جي حوالي آهي. چئبو ته سنگل باڊي سي ايم اسلم رئيساڻي کي هاڻي هو جن تائو کان حق وٺڻو پوندو. بلوچستان جي ته رڳو بندرگاهه چينين حوالي ٿي آهي، خبر ناهي ته پيپلز پارٽيءَ جو سڄي سنڌ چينين حوالي ڪرڻ جو پروگرام آهي جو سنڌين کي اسڪولن ۾ چيني ٻولي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خبر ناهي ته عربيات کان پوءِ چينيات جا ٽيچر ڪٿي پهتا آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته پراڻا مائوسٽ خوش ٿيا هجن ته هاڻي قومي عوامي جمهوري انقلاب کي  ماڻهو انقلاب جي زبان ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهندا.

پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر سنڌي آهن ۽ جيڪي عوامي حڪومت جي دور ۾ ٻڏا پيا آهن، بکن ۾ پاهه آهن يا وري ٿاڻن تي ابتا ٽنگيل آهن. پيپلز پارٽي رات ڏينهن انهن کي راضي ڪرڻ ۾ رڌل آهي جيڪي ان جا پرزا ڍرا ڪندا رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي سڄي سنڌ مالڪن حوالي ڪري ڇڏي، اهڙو آئين ڏنائين جنهن بابل ۽ سمير جي تهذيب سان مقابلو ڪندڙ سنڌ کي انهن ماڻهن جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو جن جي ڪا تاريخ ئي ڪانه هئي. جن کي هي ملڪ ”پئسو لڌم پٽ تان“ وانگر مفت ۾ مليو ۽ انهن سنڌ کي پنهنجي چراگاهه ٺاهي ڇڏيو. ڀٽي جي حڪومت مذهبي لڏي کي خوش رکڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا ان جي اڌ جيترا به جيڪڏهن پنهنجي ووٽرز لاءِ ڪري ها ته سندس حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ تي ملڪ ۾ سول وار لڳي وڃي ها. ساڳي شاندار رستي تي هلندڙ پيپلز پارٽي مذهبي لڏي  ۽ سنڌ دشمنن لاءِ ڳاڙهو قالين بنيل آهي ۽ پنهنجي ووٽر تي خدا جي عذاب وانگر نازل ٿيل آهي.

هي سنڌ آهي، ڪو بحريه ٽائون جي اسڪيم ڪانهي جو ان کي پلاٽ ڪري ڇڏجي. هيڏا عذاب ڊاٺا ويا آهن پر چون ٿا ته ووٽر بينظير ڪارڊ تي وڪرو ٿيل آهي. وڏيرن جو چوڻ اهو آهي ته چاهي پيپلز پارٽي آسمان ڪيرائي ڇڏي، سنڌي ماڻهو ڪيڏانهن ڪونه ويندا. يعني سنڌي ماڻهو ايترا ته غلاميءَ تي هريل آهن ۽ ايترا ته بي حس ٿي چڪا آهن جو اهي پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن جا پڇ لٽڪائو ٿي هلندا رهندا. سنڌين جي اهڙي بي عزتي نه ڪي ٿي آهي نه ئي وري ٿي سگهي ٿي جهڙي پيپلز پارٽي وارا پنهنجي تجزئي ۾ ڪن ٿا. سنڌ تي مسلط ڪيل ڪابينا کان وڌيڪ ڪرپٽ پٽ ڀلا مائرون ڄڻي سگهن ٿيون؟ ضلعا جن حرام خورن حوالي آهن تن سرڪاري آفيسرن سان گڏجي عوامي وسيلن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. هن وقت سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ وڃو، آفيسر فائلن ۾ ڪوڙيون رسيدون وجهي پاڻ به کائي رهيا آهن ته جيالن کي به کارائي رهيا آهن. بلدياتي نظام جي ٽي ايم او جا سڀ ٽريڪٽر ۽ پيٽر انجڻيون پارٽيءَ جي ايم پي اي جي ٻنيءَ تي هلن ٿيون. ٽي ايم او جي بجيٽ مان ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي اوطاق جو لنگر هلي ٿو. بلدياتي ادارا پيپلز پارٽيءَ جي لوڪل ليڊرن لاءِ چراگاهه آهن.

پيپلز پارٽي جي سرڪار جي خواريءَ واري حڪمراني ۽ ڪرپشن جو ڪارخانو رڳو تڏهن ئي هلي سگهي ٿو جڏهن سياسي انڊر ورلڊ جي ڊان کي ڀتو پڄندو رهي. بگهڙ کي هڪ ٻڪري روزانو ڏيئي هو سمجهندا آيا آهن ته اهو باقي ڌڻ کان دور رهندو. هاڻي هو نڙيءَ تي ننهن ڏيئي اڌواڌ تي لهي آيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن پارٽي اليڪشن کان ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي ووٽر جي ايئن کل ڪونه لاٿي هوندي جيئن پيپلز پارٽي ڪيو آهي. هن بدبخت حڪمرانن بلدياتي آرڊيننس سنڌ جي بدن بلڪه روح ۾ خنجر جيان لاٿو آهي. هي مسڪين سنڌ جي ايف آءِ آر عالمي عدالت تائين پڄڻ گهرجي. بلوچستان لاءِ عالمي مشن اچن ٿا ته سنڌ لاءِ به اچڻ گهرجن. سنڌ جو مسئلو هنن نمڪ حرام ماڻهن حوالي نٿو ڪري سگهجي. هن مسئلي جو نبيرو سنڌ جي عوام، لاٺي گوليءَ جي سرڪار ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيڻ گهرجي.

سنڌين جون انقلابي جماعتون وري ٻئي قسم جو دڪان آهن. هنن جي ميڊيا اڃا نرالو، سپر اسٽور آهي. هر ڪنهن پاڻ کي ”بيٺي آهيان لاهي پاهي“ وانگر نروار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ منتشر قوم آهن جن کي مستقل طور منتشر رهڻ لاءِمنجهن وطن ڪارڊ  ورهايا ويا آهن. ميڊيا جي مم هنن جا گوڏا چٽي هنن کي اهڙو بي حس ڪري ڇڏيو آهي جو هنن هاڻي re-act ڪرڻ بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي. ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي، حڪمران پارٽيءَ کان پڇاڻو ڪرڻ بدران سڀ ووٽ ڏيڻ لاءِ هينئر سان قطارون سڌيون ڪري رهيا آهن. ڪجهه نيون عادتون جيڪي هنن ۾ پيدا ٿيون آهن تن ۾ هڪ آهي بهانو بنائي پاڻ کي ڪم کان آجو ڪري ڇڏڻ. ”بابا زرداري صاحب جهڙي ريت پنهنجا ڪارڊ جيئن کيڏندو آهي، اوهين ڏسجو ويٺا ته هو ڪيئن ٿو نئين صوبي وارن جو ڪم لاهي.“ هاڻي سڀ ڪم زرداريءَ تي ڇڏيل آهن ته هو جادوگر وانگر ڪا اهڙي هٿ جي صفائي ڏيکاريندو جو سڀ اونڌا ڪم سڌا ٿي ويندا ۽ جيڪي ڪم سندس پارٽي سنڌين جي نقصان وٽان ڪيا آهن سي 180 ڊگريءَ جو ڦيرو کائي  سنڌين جي فائدي وارن ڪم ۾ تبديل ٿي ويندا.

زرداري صاحب ڪارڊ اهو کيڏي رهيو آهي جو ناراض لياريءَ کي ته راضي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر ان ڳالهه جوڪو فڪر ڪونهي ته سنڌي ووٽر متان ناراض ٿي پوي.  ان کي چئبو آهي سنڌ ڪارڊ جو صحيح استعمال. يعني مالڪن کي پڪ آهي ته سنڌي ووٽر ناراض ٿيندو ئي ڪونه؟ ٿورو چيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جنهن کي پاڻ سنڌي ووٽر چئون ٿا اهو ووٽر آهي يا ڪا ٻي بلا آهي؟ ۽ اها هر مصيبت ۾ رضا تي راضي رهي وطن ڪارڊ جو قرض لاهڻ واري بلا آخر ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي؟ ڇا ڪو هڪ تجزيو به سائنسي نموني ڪيو ويو آهي ته سنڌي ڪمبل وانگر پيپلز پارٽيءَ کي آخر ڇو چنبڙيا پيا آهن؟

سنڌين جهڙي منتشر قوم کي گڏ ڪرڻ، ٻاهر ڪڍڻ، ۽ سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ واري قوت ڪٿي آهي؟ هو ٻڌي ٺاهڻ واريون مشينون ڪٿي آهن؟ هو اتفاق راءِ ٺاهڻ لاءِ مشاورت ڪرڻ واري سول سوسائٽي ڪٿي آهي؟ هو لهرن مان طوفان پيدا ڪرڻ واريون تکيون تکيون ننڍيون ڌارائون ڪٿي آهن؟ هو ڳجهي نموني ڪارنر ميٽنگون ڪرڻ وارا سياسي سيل ڪيڏانهن ويا؟ اسٽڊي سرڪلز جو ڇا ٿيو؟ هو جيڪي ڪلاس اسٽرگل کان گهٽ ڪا سياسي ڳالهه نه ڪندا هئا تن جي اسٽرگل جو ڇا ٿيو؟ ڇا ڪلاس  اسٽرگل جهڙي عظيم سياسي ايجنڊا poverty reduction (غريبي گهٽائڻ) جي پروجيڪٽن ۾ تبديل ٿي وئي؟ هو جيڪي نوان نعرا ٺاهيندا هئا تن ڇا ڪاميڊي پروگرامن ۾ ڪوڙا ٽهڪ رڪارڊ ڪرائڻ جي ملازمت اختيار ڪري ورتي آهي؟ ڇا سنڌ جو انقلابي سامان سياسي ڪاٻاڙين حوالي ٿي ويو آهي؟ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حيدر بخش جتوئي ڪٿي آهن؟ حفيظ قريشي ڪيڏانهن ويو؟ عبدالڪريم گدائي ۽ ابراهيم منشي ڪٿي آهن؟ شيخ اياز ڪٿي آهي؟ ڪوئي آهي ڪوئي آهي جيڪو سچ چوي؟ ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائڻ تان جيڪو پردو لاهي؟ ڪوئي آهي؟ ڪوئي آهي؟

ٻڌندا آيا آهيون ته هو ڪراچيءَ کي سنگاپور ٺاهڻ چاهين ٿا. ڇا بلدياتي بل وسيلي قائم علي شاهه تنڪو عبدالرحمان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ پر تنڪو عبدالرحمان ته سنگاپور کي زوريءَ پنهنجي ملائيشيا مان تڙي ڪڍيو هو. سنگاپوري چينين جو ليڊر لي ڪوان وري به هن کي منٿ ڪرڻ ويو پر سندس مڃي ڪانه وئي هئي.جڏهن هن سنگاپور جي ملائيشيا کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو  ته سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. ڪاري چشمي وارو ڊان لي ڪوان ڪونهي، پر قائم علي شاهه ان ڳالهه ۾  ضرور تنڪو عبدالرحمان آهي ته هن پنهنجي ڌرتيءَ جي ورهاڱي ڪرڻ مهل ايترو به ڪونه سوچيو جيترو کٽل وڏيرا ٻني وڪڻڻ مهل سوچيندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو