Home / ڪرنٽ افيئر / بلديه فيڪٽري سانحو ڪراچي جي 11/9 جا ذميوار ڪير
above article banner

بلديه فيڪٽري سانحو ڪراچي جي 11/9 جا ذميوار ڪير

“ اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، هو سڀ اسان جا هئا” ڊپ، خوف ۽ ڏک ۾ ورتل ارشد ڀائيلا ۽ شاهد ڀائيلا سڏڪن ۾ وٺجي ويا- اهي جيڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي لاڙڪاڻي جي ڪورٽ ۾ انهيءَ ڪري  پيش ٿيا ته جيئن مٿن ڪو حملو نه ٿئي. ٻئي ڀائر پيرسن پيءُ سان گڏ ماڻهن کان ايئن لڪندا هجن جو هنن پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه ڪيو هجي. هي ٽيئي شخص سيپٽمبر 14 تي لاڙڪاڻي مان ضمانت ڪرائڻ لاءِ پهتا ، ڇو ته هو علي انٽرپرائزز جا مالڪ آهن-جيڪاسڄي دنيا بحث هيٺ آهي. انهي لڳل باهه جي نتيجي ۾ 259 مزدور اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڀائيلا ڀائرن چواڻي هو باهه وقت فيڪٽري وٽ پهچي چڪا هئا ۽ فائر برگيڊ جي عملي کي منٿون ڪري رهيا هئا ته هو ترت جو ڳا اپاءَ وٺن ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿئي پر هنن جي درخواست تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو. بلڪه سستي جو مظاهرو ڪيو ويو-اهڙي موقف مان لڳي ٿو ته هڪ گهري سارش تحت باهه لڳا وئي هئي نه ته فائربرگيڊ جو عملو ته ترت Response ڪندو آهي. مليل اطلاعن مطابق باهه لڳڻ کان ترت پوءِ هي فيڪٽري نوجوان ڇوڪرن جي گهيري هيٺ هئي ۽ انهن جي چوڻ کان بغير ڪو به ڪم نه پئي ٿي سگهيو . بلديا جي بدنصيب گارمينٽ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي، جنهن ۾ پهريون الزام مالڪن تي هنيو ويو ته ٻيو حڪومت وقت کان اهو مطالبو ڪيو ويو ته متاثرين جي پرگهور لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ ورتا وڃن. مطالبو ڪندڙ يا الزام هڻندڙ هڪ ئي ڌر هئي-متحده ! حيرت جهڙي ڳالهه ته اها هئي ته باهه وسائيندڙن کي به اهو اندازو نه هو ته هي انهن جي زندگي جو سڀ کان وڏو الميو آهي پر لنڊن ۾ ويٺل مڙس ماڻهو کي اها خبر هئي ته هن باهه جو نتيجو ڇا نڪرندو ! ٻي مشابهت رکندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي به واقعا رونما ٿيا آهن ته هيءَ ئي ڌر سڀ کان وڏيون  رڙيون ڪندي آهي ۽ پوءِ پيرا به هنن جي ئي در ڏانهن ويندا آهن. برنس روڊ کان وٺي شهر جي ٿوڪ مارڪيٽن ۾ جيڪڏهن ڪا فائرنگ ڪئي ٿي وڃي يا ڪو واپار قتل ٿو ٿئي ته ملڪ  جي نيشنل ميڊيا هڪدم انهي جو الزام انويسٽيگيشن رپورٽ اچڻ کان اڳ ان کي پيپلز  امن ڪميٽي سان منسوب ڪندي ڀتي جو واقعو قرار ڏئي ڇڏي ٿي پر هن معاملي تي هو مزڪوره شهري ڌر جي ڊڪٽيشن هلندي فيڪٽري جي مالڪن تي الزام مڙهي ٿي- ڪنهن ميڊيا پرسن ۾ اها به جرئت ناهي ته هو صنعت ۽ انڊسٽري جي صوبائي وزير رئوف صديقي کان ڪجهه سخت سوال ڪري ها. هنن انهيءَ ڳالهه کي به هاءِ لائيٽ نه ڪيو ته سون جي تعداد ۾ متحده جا ماڻهو انهي فيڪٽري واري هنڌ ڪهڙي نوعيت جا ڪم ڪري رهيا هئا، بلڪه اردو کان انگريزي ميڊيا تائين اهو چيو ويو ته متحده جي ڪارڪنن جي ڪري باقي 700 مزدور پنهنجي جان بچائي سگهيا- ڪنهن به هن ڳالهه کي ذڪر هيٺ آڻڻ ئي مناسبب نه سمجيهو ته ڀتي جي هلندڙ ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي ؟ ڪنهن هن ڳالهه کي به ذڪر هيٺ نه آندو ته سڄي شهر جي فائربرگيڊ عملي جي باوجود به اها باهه ڇو لڳ ڀڳ چوويهن ڪلاڪن تائين وسامجي نه سگهي-ڇا انهيءَ باهه جي پويان ڪو ڪيميڪل ته استعمال نه ڪيو ويو هو؟ پر رڳو انهي تي Foucs رکيو ويو ته فيڪٽري ۾ Exit جو ڪو رستو نه هو ۽ درين ۾ گرلز لڳ هئا. هتي انهي ڳالهه کي به ياد رکڻ گهرجي ته شهر جي ننڍن وڏن ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ اهي دريون ۽ دروازا انهي ڪري به بند ڪيا ويندا آهن جو انهن مان  اڪثر قيمتي شيون يا سامان چوري ٿيڻ کان روڪي سگهجي. اهڙن اپائن وٺڻ جي پويان به هڪ درد ناڪ ڪهاڻي اهي ته اسان  جي ملڪ جا مزدور ڪيترا نه ايماندار آهن.

 

هن سانحي جي پويان ڀتي خوري جو اشو دٻيل لفظن  ۾ ڪي ڌريون چئي رهيون آهن. ڪي چون ٿا ته معاملو اڌ ارب جو هيو جيڪو فيڪٽري جا مالڪ ڏيڻ نه پيا چاهين، جنهن جو هو به ڪنهن حد تائين اظهار ڪر چڪا آهن. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪراچي ۾ هر فيڪٽري مالڪ ڀتو ڏي ٿو پر هو هن باهه جي پويان ڀتي واري اشو تي خاموش رهيا، انهي خاموشي کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ڇو ته جيڪڏهن اها باه ٻي ڪنهن سبب ڪري لڳي ها ته هو ضرور ڀتي واري معاملي کي پاسيرو رکن ها. ڳالهه ڳچي ۾ پوندي ڏسي رئوف صديقي خلاف توقع 14 سيپٽمبر تي استيعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اهو اها استعيفيٰ وڏي وزير کي ڏي ها جنهن جي ڪابينا جو هو ميمبر آهي پر هن قائم علي شاهه صاحب کي شايد ان قابل ئي نه سمجهيو۽ استعيفيٰ گونر کي اماڻيائين، جيڪو وفاق جو نمائندو آهي، صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ناهي.

علي انٽر پرائزز کي لڳل باهه ڪيئي راز فاش ڪيا آهن ۽ شايد ايندڙ وقتن ۾ ڪيئي چهرا بي نقاب ٿين. عوامي نيشنل پارٽي جي استعيفيٰ ڏيندڙ صوبائي وزير امير نواب ته ايتري قدر چئي ڏنو ته وڏي وزير کيس ڪافي معاملن کان روڪيو هو، هن ۾ ڪجهه ڪيسز تان هٿ کڻڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو ويو هو. انهي بيان ڪافي حد تائين وزير اعليٰ هائوس کي پريشان به ڪيو. اميرنواب ٺيڪ موقعو سمجهي هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪيترائي شڪار ڪري ويو- جيڪڏهن واقعي ئي سنڌ جي وزير اعليٰ انهي قسم جا Orders ڏنا ته انهي جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا ؟ هڪ يا ته وڏا واپاري پيپلز پارٽي جا ويجها آهن يا متحده جا ! ٽين ڪابه صورت نٿي ٿي سگهي،جنهن ڪري هڪ ذميوار شخص کي فرضن جي ادائگي کان روڪي سگهجي. موجوده دور ۾ پيپلز پارٽي جا ڪيئي وزير وڏن وڏن واپارين جي ويجهو پهچي چڪا آهن.

ڪنهن پٺاڻ اڳواڻ مطابق مارجي ويلن ۾ وڏو انگ اردو ڳالهائيندڙن جو آهي. هن وقت تائين ڪو به پٺاڻ رپورٽ ناهي ٿيو، جنهن مان به انهي ڳالهه جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن فيڪٽري تي اندر ۽ ٻاهر ڪنهن جو اثر هيو- جنريٽر يا بجلي جي ميٽرن يا تارن ۾ لڳ باهه فيڪٽري جي مختلف حصن تائين نٿي پکڙجي سگهي ۽ ٻيو ته باهه جي لڳڻ شرط هڪ کان وڌيڪ زوردار ڌماڪن جو هڪ ٻي پويان ٿيڻ به عقل کان مٿاهين ڳالهه آهي-جيڪڏهن ايماندار جاچ ٿي ته ڪيئي فرد ان ڏوهه جا مرتڪب ٿيندا پر انهن کي سزا اچي يا اها رپورٽ پڌري ٿئي انهي جي هن System ۾ ڪابه پڪ ناهي. ٿي ته ايئن به سگهيو پئي ته فيڪٽري جي اندار ۽ ٻاهر ڪنهن هڪ لساني گهروح جو دٻدٻو هو ته پوءِ فيڪٽري کي ڀتي نه ڏيڻ ڪري باهه ڏئي خاڪ ۾ ڇو ملايو ويو ۽ سوين زندگين کي ابدي ننڊ سمهارڻ جهڙي رسڪ ڇو کنئي وئي. ڇو ته هنن کي اغوا يا ڪنهن ٻي طريقي سان مجبور ڪيو ويو. ٰ ٿي سگهي ٿو ته هڪ کي سبق سيکاري سڀن کي تنبيهه ڏني وئي.اها قياس آرائي آهي. حتمي ڳالهه نه. جيڪڏهن واقعي هي ڀتي جو معاملو آهي ته انهي جي پويان يقينن متحده ئي ٿي سگهي ٿي. ڇو ته حالتون ٻڌائين ٿيون ته نه عوامي نيشنل پارٽي ۽ نه ئي پيپلز امن ڪميٽي ايڏو واقعو بلديه جهڙي علائقي ۾ ايترو آساني سان ڪري سگهن ٿيون.

سمير منڌرو

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو