Home / افيئر / بلوچستان: اڪبر بگٽي جي شهادت کان ڇهه ورهيه پوءِ
above article banner

بلوچستان: اڪبر بگٽي جي شهادت کان ڇهه ورهيه پوءِ

ڇهه ورهيه اڳ پرويز مشرف جي آمراڻي دور ۾ ظلم ۽ جبر تي ٻڌل هڪ فلم شروع ٿي هئي، جنهن جو ٽريلر 26 آگسٽ 2006 تي ڊيرا بگٽي جي ڪوهلو واري سرحدي علائقي تراتاني ۾ ڏيکاريو ويو، جنهن خوف ۽ دهشت جي اڻکٽ سلسلن کي جنم ڏنو.

سگهارين ڌرين سان جهيڙيندڙ بزرگ بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي پراسرار حالت ۾ شهادت جي ڇهن ڏينهن کانپوءِ لاش کي تابوت ۾ وجهي تالن سان بند ڪري دفنايو ويو. تڏهوڪي آمرحاڪم پنهنجي پيشروئن وانگر سوچيو هوندو ته هن پاڪستان جي سالميت کي درپيش اهم مسئلي کي ڪاميابيءَ سان حاصل ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي حڪمرانن خاص طور آمرن جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ماڻهن ، سوچن ،اخبارن ۽ لاشن کي بند ڪري يا وري ماڻهن کي ماوراءِ آئين ۽ قانون گرفتار ۽ لاپتا ڪري کين اذيت گاهن ۾ غير انساني ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻائي گولين سان پروڻ لاش اڇلائي سمجهن ٿا ته مسئلو حل ٿي ويو. ايوبي دور ۾ بلوچستان جي حقيقي نمائندن بدران پاڻ هرتو سردارن جي نامزدگي ۽ نواب نورورزخان کي قرآن شريف جو قسم ڏئي دوکي سان پهاڙن تان هيٺ لاهڻ وسيلي سٺ جي ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ بي چيني ۽ اٿندڙ بغاوت کي چيڀياٽي نه سگهيا. اهڙي ريت ستر جي ڏهاڪي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کي قيد ڪري اولهه پاڪستان آڻڻ سان مسئلو ته حل نه ٿيو بنگالي ٻولي جي اخبار روزاني “ اتفاق ” جي عمارت کي ٽئنڪن وسيلي تباهه ڪرڻ سان به جنرل يحيٰ خان اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪي نه سگهيو. جنرل ٽڪا خان جي خواهش هئي ته زمين ملي، ماڻهو رهن يا نه رهن، ليڪن ماڻهو ته رهيا پر زمين نه رهي. آمر حاڪم جنرل ضيا ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏياري تڙتڪڙ ۾ سندس دفن ڪفن ڪرائڻ باوجود 1979ع کان 1988ع تائين پنهنجي موت تائين سڪون سان حڪمراني ته نه ڪري سگهيو .

پرويز مشرف دور ۾ عسڪري ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ اڪبر بگٽي جو لاش چوري چوري دفن ڪرڻ تي جڏهن عام ماڻهو ئي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته سندس حقيقي ۽ سياسي وارث آخر ڇو اعتبار ڪن ته ڊيرابگٽي ۾ ڪلف ۾ بند ٿيل تابوت وسيلي دفنايل مڙهه نواب اڪبر بگٽي جو آهي. ليڪن اڪبر بگٽي جي پٽ جميل بگٽي جو پهرئين ڏينهن کان اهو مطالبو رهيو آهي ته لاش سندن حوالي ڪيو وڃي. اهي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائين ته جيئن کين تسلي ٿئي ته دفنايل مڙهه سندن والد جو آهي. اهي اها پڻ تسلي ڪرڻ چاهين ٿا ته عسڪري ڪارروائي دوران ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا ويا يا نه؟ حالانڪه مشرف دور ۾ اهو چيو ويو ته لاش جي حالت خراب هئي ان ڪري وارثن حوالي نه ڪيو ويو. چيو ويو ته ڊيرا بگٽي جي مولوي ملوڪ لاش جي سڃاڻپ ڪئي هئي. پوءِ مولوي ملوڪ معاملو هڪ جملي ۾ بيان ڪري ڇڏيو.جڏهن صحافين مولوين ملوڪ کان پڇيو ته توهان اڪبر بگٽي جي مڙهه جي سڃاڻپ ڪئي هئي، تنهن تي هن جو چوڻ هو ته ڊي سي او عبدالصمد لاسي کان پڇو. هن جي اهڙي منجهيل جواب مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ان وقت به سرڪاري شاهد بڻجڻ لاءِ تيار نه هو. ڪپڙن جي سڃاڻپ ڪرائڻ، چشمو، گهڙي ۽ منڊيءَ جي نمائش ڪرائي اختيار ڌڻين جا ڪارندي ڊيرا بگٽي جي ڊي سي او اهو سمجهي ورتو ته هن منهن ڏيکارڻ جي ڪارروائي پوري ڪري ورتي آهي. عام ماڻهن جو خيال آهي ته جنرل پرويز مشرف تابوت ۾ بگٽي جو مڙهه بند ڪرايو هجي يا نه ليڪن هن بلوچستان ۽ پاڪستان جي وفاق جي رشتي جي پهرين ڪمزور اعتبار کي ضرور دفن ڪري ڇڏيو.ڊيرا بگٽي جي قبرستان ۾ فورسز جي پهي ۾ دفن ٿنيدڙ تابوت بلوچستان ۾ مزاحمت جي نئين علامت ضرور بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ اڄ بگٽي قلعي جي اڱڻ اڳيان ۽ قبرستان جي وچ واري جاءِ  تي فرنٽيئرڪور جو گهيرو آهي. نواب اڪبر بگٽي جي قبر ويجهو ڪنهن کي وڃڻ جي اجازت نه آهي. قبر جي حالت هڪ لاوارث قبر جهڙي ٻڌائي پئي وڃي ۽ برسات جي ڪري قبر جي مٿان واري مٽي ويهي وئي آهي ۽ قبر تي ڊڀ آيا آهن.

بلوچستان جي سياسي آسمان تي چمڪندڙ تارو بلوچستان جو مزاحمتي اڳواڻ اڪبر بگٽي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هي قدآور بلوچ اڳواڻ محراب خان بگٽي جي گهر ۾ 1927ع ۾ ڊيرا بگٽي ۾ پيدا ٿيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم پرائي وطن واپس آيو هو. لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۾ به سٺي شاگرد جي حيثيت سان وقت گذاريائين. تعليم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ سول سروسز جو امتحان پاس ڪيائين ليڪن بيوروڪريسي جو حصو نه بڻيو.

جڏهن نواب اڪبر بگٽي گهرو معاملن جو وفاقي وزير بڻيو. يا بلوچستان جو گورنر پوءِ وزير اعليٰ يا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو ۽ انهن سمورين حيثيتن ۾ پاڪستان سان وفاداري ۽ آئين جي مڪمل پاسداري جو حلف کڻندو رهيو. نواب اڪبر جي ملڪ دشمني، شرپسندي ۽ دهشتگردي جو انڪشاف ان ڏينهن کان ٿيڻ شروع ٿيو جڏهن هن ڊاڪٽر شازيه ريپ ڪيس ۾ ڪئپٽن حماد جو نالو ورتو ۽ تڏهوڪي صدر مملڪت جي ان ڳالهه تي به اعتبار نه ڪيو ته ڪئپٽن بي گناهه آهي.

تڏهوڪي صدر پريز مشرف چواڻي بلوچستان ۾ ٽن سردارن کانسواءِ شرپسندي جو ڪو وڏو مسئلو ناهي.26 آگسٽ تي روپوش نواب اڪبر بگٽي جي جابلو غار جي ڇت ڪرڻ سبب بلوچستان جو 33 سيڪڙو ته مسئلو حل ٿي ويو، باقي 66 سيڪڙو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.

پرويز مشرف آمريت جي خاتمي کان پوءِ 2008ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ سياسي ۽ جمهوري جماعت پ پ اقتدار ۾ آئي ته نواب اڪبر بگٽي جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. ليڪن ان کي انهي ڳالهه سان مشروط ڪيو ويو ته وارثن مان ڪير ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. حڪومتي سطح تي ٿيندڙ دعوائن کي وائکو ڪرڻ لاءِ نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل اڪبر بگٽي 13 آڪٽوبر 2009ع تي ڊيرا بگٽي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي. پرويز مشرف، شوڪت عزيز، آفتاب شيرپائو، ڄام يوسف، اويس احمد غني، شعيب نوشيرواني،عبدالصمد لاسي ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو. ليڪن ڊگهو عرصو گذري وڃڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نٿي ته جميل بگٽي پنهنجي وڪيلن هادي شڪيل احمد، سهيل راجپوت ايڊوڪيٽ معرفت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين درخواست جي شنوائي ٿيندي رهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، حڪومت ۽ جاچ ادارن جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي انهن کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو ويو ۽ پهرين نومبر 2011ع تي حڪم جاري ڪندي پرويز مشرف، شوڪت عزيز، ڄام يوسف، آفتاب شيرپائو اويس احمد غني، شعيب نوشيرواني ڄام يوسف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته ملزمن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان کانپوءِ ڪرائيم برانچ ڪوئيٽا دهشتگري ٽوڙ عدالت سبي ۾ چالان جمع ڪرايو ليڪن ان دوران ڄام يوسف کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏئي ڇڏي.جڏهن ته آفتاب شيرپائو به حفاظتي ضمانت حاصل ڪري وتي آهي. ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ به هلي رهيو آهي ليڪن جميل اڪبر بگٽي عدالتي ڪارروائي مان مطمئن نه آهي ۽ نه وري هاڻوڪي حڪومت ان مان وڌيڪ پر اميد آهي.جيتوڻيڪ حڪمران جماعت پ پ بلوچستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر آيت الله دراني هڪ ٽي وي پرو گرام ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ڪنهن کي به خوشفهمي يان غلط فهميءَ ۾ نه رهڻ گهرجي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل جي الزام ۾ پرڏيهه ويٺل پوريز مشرف کي گرفتار ڪري وطن واپس آندو ويندو ۽ کيس ڦاسي ڏني ويندي. ليڪن مسلم ليگ (ن) جو سربراهه ميان نواز شريف ۽ ثناءُ الله زهري ان ڳالهه تي بضد آهن ته نواب اڪبر بگٽي جي قاتلن کي ڦاسي چاڙهڻ کانسواءِ بلوچستان جي عوام جا جذبات ٿڌا نه ٿي سگهندا.

بلوچستان ۾ جنهن وسيع پئماني تي غربت جو ديوَ ماڻهن جي خوشين کي ڳهي رهيو آهي، ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪي قيادت کي خوابن جي دنيا مان نڪري ٻرندڙ جبل جي تپش کي محسوس ڪرڻ گهرجي. محرومين ۽ ناانصافي جي ڪرب جو سمنڊ ايترو ته گهرو ۽ وسيع آهي ۽ ان جون ڇوليون ايتريون ته سگهاريون آهن جو ان اڳيان آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج، ڪميشن جي تشڪيل، نوڪريون ڏيڻ جون دعوائون ۽ ماضي ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين تي معافين جا اعلان ماڪ ڦڙن جي ڪجهه قطرن وانگر آهن، جيڪي شايد انهن جو مداوا نه ڪري سگهن.

اڪبر بگٽي جي شهادت کي ڇهه ورهيه گذي چڪا آهن ليڪن ان درد سبب بلوچستان جي دانهن اڄ به ٻڌجي ٿي. زخمن مان رت رسي رهيو آهي، گولين سان پروڻ ٿيل لاش ملڻ روز جو معمول آهي. سندس ڇهين ورسي جي موقعي تي ريپبلڪن پارٽي، جمهوري وطن پارٽي، بلوچ نيشنل فرنٽ جي اپيل تي سڄي بلوچستان ۾ عام هڙتال رهي، زندگي مفلوج بڻجي رهجي وئي. حڪومتي سطح تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، ليڪن ان باوجود بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تشدد جون ڪارروايون جاري رهيون، فورسز تي حملا ڪيا ويا ۽ مختلف واقعن ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو