Home / افيئر / بيمار رڍن جو اسڪينڊل : ڪرپشن جا پيرا کڄن ٿا
above article banner

بيمار رڍن جو اسڪينڊل : ڪرپشن جا پيرا کڄن ٿا

 

ويهڙ ئي ۾ پاڪستان ۽ ان جا ذميوار ڪامورا ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي زينت بڻيل رهيا.ان جو سبب پاڪستاني ڪامورن جي ڪارڪردگي نه پر سندن لاپرواهي هئي جنهن جو مظهر آسٽريليا مان 22000 بيمار رڍن جو پهچڻ آهي.انهن رڍن ۾ بيماري هجڻ جي تصديق باوجود اهي رڍون پورٽ قاسم تي لاهي هڪ نجي فارم تي منتقل ڪيون ويون.مزي جي ڳالهه اها آهي ته ملڪي ميڊيا هڪ نُڪتي کي وٺي بيهي رهي ته اهي بيمار رڍون بحرين وڃڻيون هيون ۽ بحرين اختيارين انهن رڍن کي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ انهن بيمار رڍون پاڪستان جي پورٽ قاسم تي لاٿيون ويون پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته اهي بيمار رڍون ڪراچي جي هڪ وڏي واپاري خريد ڪيون هيون . انهن بيمار رڍن کي قرباني جي عيد لاءِ ۽ ڪراچي جي گوشت مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جو هڪ انسان دشمن منصوبو هو.

حيرت انگيز ڳالهه اها پڻ آهي ته جهاز مان 22000 هزار بيمار رڍون لاٿيون ويون هيون پر انهن جي رزاق آباد ويجهو پهچڻ تائين اٽڪل 3000 رڍون غائب ٿي چڪيون هيون جن لاءِ اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته انهن غائب ٿيل بيمار رڍن جو گوشت ڪراچي جي گوشت مارڪيٽن وسيلي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙ جي ويو آهي، جنهن جي استعمال کانپوءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ماڻهن ۾ پيٽ جو ن بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون.

ان سڄي معاملي  آسٽريليا اختيارين جون اکيون پڻ کولي ڇڏيون آهن جنهن ڪري نه صرف پاڪستان پر آسٽريليا کي پڻ تمام گهڻو معاشي نقصان رسيو آهي.چوپائي مال جي وڪري ۾ آسٽريليا پهرين نمبر تي آهي. گذريل 32 سالن ۾ 50 ملين کان وڌيڪ چوپايو مال وڪرو ڪيو ويو آهي، انهن ملڪن ۾ نارٿ ۽ سائوٿ  آمريڪا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ شامل آهن. ڄاڻو ذريعن “ افيئر” کي ٻڌايو ته اينيميل ڪوانٽيٽو ڊپارٽمينٽ  جي اعليٰ اختيارين انهن بيمار رڍن جي پورٽ قاسم آڻڻ لاءِ غير قانوني طور پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو.اهو ادارو وفاقي حڪومت جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي ماتحت آهي جيڪو چوپائي مال جي ڪراچي جي بندرگاهن تي لاهڻ ۽ انهن جي چڪاس جو ذميوار هوندو آهي. پرهن ڀيري انهي کاتي  جي عملدارن ڳري رشوت عيوض انهن بيمار رڍن کي بي خوف لاهڻ جي اجازت ڏني پر انهن رڍن جي خانگي فارم تائين منتقل ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڀرپور ڪردار اداڪيو. نه صرف اهو پر انهي ساڳي ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ اختيارين سنڌ جي لائيواسٽاڪ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن تي پنهنجو اثر پڻ هلايو. لڳ ڀڳ 75,000 رڍون Wellard Rural Exports جي جهاز Ocean Drover ۾ مڊل ايسٽ لاءِ آسٽريليا مان روانو ٿيون، جن مان 35,000 رڍون قطر ۾ لاٿيون ويون ۽ جڏهن اهو جهاز بحرين پهتو اتان جي اختيارين انهن رڍن جي ڊليوري وٺڻ کان انڪار ڪري چڏيو ۽ بحرين اختيارين ان جهاز کي وڃڻ لاءِ چئي ڇڏيو.

ان سڄي صورتحال مان فائدو وٺندي وفاقي حڪومت جي مذڪوره اداري پوئين تاريخ ۾ آگسٽ 24 تي هڪ Noc جاري ڪئي –ان کانپوءِ  پهرين سيپٽمبر1 2012 تي Health Certificate پڻ جاري ڪيو ويو-اها N o c ۽ PK livestock and meat ڪمپني جي مالڪ طارق محمود جي پٽ جي نالي هئي-جڏهن Ocean Drover اهي رڍون کڻي ڪراچي جي بندرگاهه تي پهتو ته رات جي پيٽ ۾ انهن بيمار رڍن کي هڪ خانگي فارم تي رکيو ويو.ان واقعي جي ڳالهه جڏهن ميڊيا وسيلي پکڙجي وئي تڏهن سنڌ حڪومت جي لائيو اسٽاڪ جا عملدار ان فارم تي پهتا ۽ انهن بيمار رڍن جا Sample پڻ چڪاس لاءِ ورتا جن کي مختلف ليبارٽرين کي سيپٽمبر 8 تي چڪاس لاءِ موڪليو ويو – ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ جڏهن سيڪريٽري لائيواسٽاڪ سنڌ سيد عابد علي شاهه  لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان رڍن جي چڪاس رپورٽ بابت پڇا ڪئي تڏهن وفاقي عملدارن اهو چئي ڳالهه ٽاري ڇڏي ته اهي Sampel گم ٿي ويا آهن.نيٺ جاچ ڏيندي ليبارٽري جي چڪاس رپورٽ ۾ اهو واضح طور ٻڌايو ويو ته اهي رڍون بيمار آهن ۽ انهن کي Foot and Mouth Disease آهي.

مزي جي ڳالهه اها پڻ آهي ته Sindh Poultry Vaecine Center اها تصديق ڪئي ته اهي رڍون انساني جسم ۾ Food Poison جهڙيون بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿيون.ان سموري معاملي کي تڪراري بڻائيندي اسلام آباد جي ليبارٽري جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ انهن رڍن کي صحتمند ۽ استعمال لاءِ مفيد ڄاڻايو ويو.سيڪريٽري لائيواسٽاڪ سنڌ سيد عابد علي شاهه “ افيئر” کي ٻڌايو ته سنڌ جي ليبارٽرين جي رپورٽ وڌيڪ اهم آهي ڇاڪاڻ ته اسان کي ئي صحت ۽ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو.اينيمل هسبنڊري ڪمشنر ڊاڪٽر خورشيد احمد ليٽر نمبر Dy. 160/AHC-2012 سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ڏانهن اماڻيو، جنهن ۾ واضح طور چيو ويو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عملدارن جي بروقت چڪاس کي داد ڏئي ٿي. اهو پڻ واضح طور تي چيو ويو ته انهن 22,000 بيمار رڍن کي ضايع ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي انهي جي نقصان کان بچايو وڃي.ان ساڳي ليٽر ۾ Animal Quantative Dept کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته اهي سنڌ لائيواسٽاڪ عملدارن سان معاونت ڪري رڍن کي گهرائيندڙ ڪمپني ۽ ان جي مالڪ خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جو لائيواسٽاڪ کاتو هڪ تفصيلي ڪيس تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ انهن رڍن جي ڪراچي ۾ آمد، انساني زندگي تي ان جو اثر ۽ انساني زندگين کي داوٰ تي لڳائي وغيره شامل آهي-اهو ڪيس انسپيڪٽر جنرل پوليس ڏانهن اماڻيو ويندو جنهن کانپوءِ ان ڪمپني ۽ لاڳاپيل جي ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي ويندي.

مٿين صورتحال کي ڏسندي سنڌ لائيواسٽاڪ جي سيڪريٽري انهن بيمار رڍن کي ذبح ڪري اونهي کڏ ۾ دفنائڻ جو حڪم جاري  ڪيو.صرف ٻن ڏينهن ۾ اٽڪل 800 رڍون ذبح ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ بااثر مالڪ هڪ نئون ڊرامو جنهن ۾ PK Livestok and Meat جي با اثر مالڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت فوري طور تي انهن رڍن کي ذبح ڪرڻ واري سلسلي کي روڪرائي ڇڏيو آهي.ان کان سواءِ ڪورٽ سڳوري اهو پڻ حڪم ڏنو ته انهن رڍن جا Sample لنڊن جي ڪنهن ليبارٽري مان ٻيهر چڪاس ڪرايا وڃن.

هاڻي هتي سوال اهو آهي ته ڇا PK Livestok and Meat وارا واقعي لنڊن جي ڪنهن ليبارٽري مان چڪاس ڪرائيندا- جيڪڏهن ڪرائيندا ته ان لاءِ ڪيترو وقت درڪار هوندو. ان جي ڇا گارنٽي آهي ته چڪاس رپورٽ اچڻ تائين اهي رڍون ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ نه پهچنديون ؟

هوڏانهن آسٽريلوي ڪمپني ويلارڊ (Wellard) جي مينجنگ ڊائريڪٽر Stephen Meerwald جو چوڻ هو ته رڍن جي بيمار هجڻ جون ڳالهيون صرف افواهه آهن ، جنهن ڪري آسٽريليا جو نالو سڄي دنيا ۾ خراب ٿيو آهي. هن ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بيمار رڍن جي معاملي کانپوءِ ڪراچي جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ آسٽريليا ۽ سندس ڪمپني جي ان سموري معاملي تي صفائي ڏيندو رهيو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان معاملي جي ميڊيا ۾ اچڻ سان آسٽريليا جيڪو دنيا ۾ وڏو پئماني تي چوپائي مال جو ڪاروبار ڪري ٿو، ان کي معاشي طور تي وڏو نقصان رسيو آهي. هن چيو ته انهن رڍن جي عالمي سطح تي چڪاس ٿيڻ گهرجي ۽ اهو معاملو جيترو جلد ٿي سگهي حل ڪيو وڃي. Stephen Meerwald ٻڌايو ته سندس ڪمپني 30 ملين کان وڌيڪ چوپائي مال جو ڪاروبار ڪيو آهي ۽ پاڪستان سان 1996 کان واپاري رابطا آهن.هن وڌيڪ چيو ته جهاز 4آگسٽ 2012 تي 73,000 رڍون 72 ٻيا جانور کڻ مسقط، اومان پهتو جتي  7000 لاٿيون –ان کانپوءِ جهاز دوها ۽ قطر پهتو جتي 46000 رڍون پهچايون – مٿي ذڪر ڪيل ملڪن جي بندرتاهن تي اتان جي حڪومت انهن رڍن جي چڪاس ڪئي- جڏهن اهي رڍون بحرين پهتيون ته انهن کي عام وائرل انفيڪشن ظاهر ٿيو جيڪو هر ڪمرشل جانور ۾ هوندو آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته بحرين حڪومت جي اسرار تي انهن رڍن جي چڪاس World Animal Health Orgnaization کان ڪرائي وئي جن ۾ ان ايجنسي انهن رڍن کي جراثيم کان پاڪ قرار ڏنو جنهن کانپوءِ جهاز بحرين پورٽ پهتو پر بحرين حڪومت جي لاپرواهي ۽ دير ڪرڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهن رڍن کي ڪراچي پهچايو وڃي، جتي اڳ ئي سڄو بندوبست ٿي چڪو  هو.

مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪمپني جي عملدار وڌيڪ ٻڌايو ته انهن رڍن جي چڪاس National Veterinary laboratory Islamabad کان ڪرائي وئي جن انهن رڍن کي جراثيم کان پاڪ قرار ڏنو جڏهن ته ان عملدار ٽنڊي ڄام ۾ قائم ليبارٽري جي چڪاس رپورٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ لائيواسٽاڪ عملدار غيرقانوني طور تي رڍن کي ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيڪو سراسر ظلم آهي، لاڳاپيل ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن بيمار رڍن جي اعليٰ سطح تي جاچ ٿيڻ گهرجي ته انهن بيمار مال کي گهرائڻ پويان ڪنهن جو هٿ ۽ ڪهڙا مقصد هئا. انهن شڪ ظاهر ڪيو ته بااثر ڪمپني مالڪ پوليس ۽ ٻين ادارن کي مبينا طور تي رشوت عيوض اهي بيمار جانور قرباني جي عيد لاءِ قائم ٿيل مختلف پڙين تي وڪرو ڪري سگهي ٿو يا وري انهن رڍن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري سگهي ٿو، انهن خدشو ظاهر ڪيو جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڊينگي وائرس ۽ برڊ فلو کانپوءِ بيمار رڍن وارو معاملو وڏي ڪنهن المئي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

aftabchana1@gmail. com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو