Home / افيئر / ترڪ فوج ڪردن خلاف رڻ ٻاري ڏنو
above article banner

ترڪ فوج ڪردن خلاف رڻ ٻاري ڏنو

ترڪي جي هٿياربند جٿن طرفان گذريل ڪيتري عرصي کان ڪرد نسلي گروهه خلاف پرتشدد ڪاررواين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. اهڙي قسم جي ويجهڙ ۾ ٿيل واقعي ۾ ترڪ فوج ايران ۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 75 ڪردن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهڙين ڪاررواين ۾ بري  دستن کان سواءِ جنگي جهاز پڻ استعمال ڪيا ويا. گذريل سال جون ۾ ٿيندڙ پارلياماني چونڊن کانپوءِ ترڪي طرفان ڪرد مزاحمتي گروهه P K K جي خلاف جيتوڻيڪ پرتشدد ڪارواين ۾ واڌ آئي آهي، ليڪن ويجهڙ ۾ تشدد جي ڪاررواين ۾ واڌ جو مقصد P K K کي شام جي بحران مان فائدو حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي. واضح رهي ته شام جا سرحدي علائقا ترڪي سان ملن ٿا، اتي گذريل ڪافي عرصي کان P K K ڪافي متحرڪ آهي. ترڪ وزير اعظم طيب اردغان ڪجهه عرصو اڳ ئي چيو هو ته هو مزاحمتي گروهن جون ڪارروايون برداشت نه ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو