Home / ويندي ويندي / توا پارٽي
above article banner

توا پارٽي

هر قوم جا رواج ۽ مزاج انو کا ٿين ٿا-پر هن خطي ۾ سنڌين جا مزاج ۽ طورطريقا جيترو “ وکرا” آهن اوترا شايد ئي ڪنهن قوم جا آهن- صوفي سنڌي اولهه ڏي ۽ اتر ڏي پير ڪري نه سمهن- ٻئي طرف سندن لاءِ  پاڪ. سج لٿي کان پوءِ وڻ يا ٽاري نه ڪٽن، ڇو ته واهيري جو وقت آ. مليريا تپ کي چور  بخار چون ۽ ان کي ٽارڻ لاءِ يا ڪنهن نامي گرامي چور کان ڌاڳو پڙهائي ڳوٺ ٻاهران ڪنهن کبڙ ۾ ٻڌي اچي.وغيره وغيره

ايئن ئي نينهن جي نڀاءُ يا نفرت جي اظهار ۾ به انوکا طريقا اٿن.پيار ۾ نڀاءَ جو وچن عورت “ هيءَ سينڌ آ ” چئي ڏئي ۽ مرد “ هي ڏاڙهي آ” عورت جي سينڌ پيار جي نڀاءَ ۾ اڪثر ٻه اڌ ٿئي ۽ مرد غيرت جي تهمت جو ڏنڊ ڀري، ڏاڙهي بچائي. ڪاوڙ يا نفرت ۾ وري . پنج ئي آڱريون کولي اڳئين کي بُجو ڏجي  يا کيس منهن تي دانگي مَلڻ جي ڌمڪي ڏجي. سنڌين جو بُجو ته هاڻ ملڪان ملڪ مشهور آهي.سنڌ ۾ جيڪي غير سنڌي رهيا سي به سمجهي ويا ته سامهون وارو سنڌي جيڪو هٿ کولي ڏيکاري ٿو سو مونکي پامسٽ سمجهي نه پر ڪاوڙ جي اظهار طور هٿ کولي ڏيکاري ٿو  پنج ست سال اڳ قوم پرست پارٽين “توي”  کي ميدان ۾ لاٿو. اڳوڻو ريفارمر، جنهن وڏيرن جو مٿو ڪوڙي مشرف کان نوڪري ورتي تنهن جي در ٻاهران هڪ ڏينهن قومپرست ڪارڪنن جو جلوس پهتو-.نثار ميمڻ، ماروي ميمڻ جوپيءُ ، مشرف ڪيبينٽ جو ميمبر هو ۽ مشرف کي سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو. ڪارڪن سوزوڪين تان لٿا ۽ وزير صاحب به اوچتو پنهنجي بنگلي مان نڪتو. ڪارڪنن جي هٿن ۾ توا ۽ ڪوڪا هئا. ميمڻ صاحب جي درتي ڪلي ٺوڪي تئو ٽنگي نعرا هڻندا روانا ٿيا. ميمڻ صاحب ڪڏهن قومپرست ڪارڪنن کي ٿي ڏٺو ته ڪڏهن توي کي- حقيقي تَوي  سان اها سندس پهرين ملاقات هئي.


تنهن ڏهاڙي لنڊن مان خبرون آيون ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا نوجوان صدر صاحب  جي هوٽل ٻاهران توا کڻي بيٺل هئا. سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنمينٽ جو آرڊيننس پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ توي جي وڪري ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڪامريڊن کي جتي تئو بازار مان نه ٿو ملي ته گهر ۾ زال کي ٻه چار ڏينهن دال ڀت رڌڻ جي هدايت ڪري گهران تئو کڻي نڪرن ٿا. لنڊن ۾ همراهن کي تئون ڪٿان مليو، خبر ناهي. بهرحال صدارتي استقبال جي ان انوکي ادا تئي کي بُجي جيان هاڻ عالمي شهرت ڏياري ڇڏي آهي. جنرل ضيا جو 1983ع ۾ دادو ۾ هڪ استقبال ٿيو هو جنهن جون سنهري يادون مرحوم آخري سفر جي آخري گهڙي تائين سانڍي رکيون، سندس وس چڄي ها ته دادو جي دوري کان پوءِ يا گوڏ پائڻ تي پابندي هڻي ها يا گوڏ کي زپ لڳائڻ جو نادري حڪم جاري ڪري ها.ڏسون ته تئي جي ياد ڪيتري جٽاءُ ڪري ٿي ۽ ڪڏهن تئو قابل دست اندازي پوليس ڏوهه قرار ڏجي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو