Home / افيئر / دانشور ۽ لکاري سنڌ سنواري سگهن ٿا
above article banner

دانشور ۽ لکاري سنڌ سنواري سگهن ٿا

اسين مڃون ٿا ته توهان اسان جي سوچ ۽ فڪر تي حاوي آهيو، اسان جي سماج جي اخلاق ۽ تهذيب جا معيار طئي ڪندڙ آهيو.اسان کي دڳ لڳائيندڙ آهيو، اهي اوهان جا آفاقي فرض آهن.اسان جي وطن جي خاڪ ۾ سُڳنڌ ۽ ذرخيزي ڀريندڙ آهيو. اسين ڀٽڪي ڀُلي ويٺا آهيون، توهان روشني جو مينار ٿي اوندهه ۾ اُجالو ڪندا آهيو. سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته ساري سنڌ اوهان ۾ اُميد رکي رهنمائي لاءِ واجهائيندي آهي.

1948ع جي شروع ۾ پاڪستان جي نئين ٻوٽي اڃا پاڙون ئي نه ڄمايون هيون ته سنڌ جي جمهوري طرح چونڊيل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي باوجود وزير اعظم خان بهادر کهڙو کي ڊسمس ڪري ميمبرن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري وري ٺهراءَ پاس ڪرائي ڪراچي سنڌ جي بندر ۽ گادي جي تخت، ڪاروبار ۽ معاش جي مرڪز کي سنڌ کان کسي مرڪز جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جي سامهون مرڪزي مسلم ليگ ٺاهي، سرڪاري زور تي 1953ع ۾ اليڪشن ڪرائي وئي. جڏهن ان اسيمبلي کي ڪُهي ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرائي ون يونٽ ٺاهيو ، ان لاءِ اسپيڪر مير غلام علي کي پڪڙي اٺ تي چاڙهي مٺي ۾ بند ڪيو ويو. ميمبرن کي قيد ڪيو ويو، حيدرآباد سنڌ، نئون ڪوٽ سنڌ، وغيره تان سنڌ ڪٽي حيدرآباد “ مغربي پاڪستان” ۽ نئون ڪوٽ “ پاڪ” لکيو ويو. ڄڻڪ سنڌ لفظ سنڌ اکر، سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر، سنڌ جون ٻنيون، سنڌ جو سرڪاري خزانو، سنڌي شاگردن ۽ سياستدان سنڌ جا ناهن مغربي پاڪستان جا آهن، سنڌ لفظ کي خارج ڪيائون، اوڀربنگال کي اوڀر پاڪستان سڏي، آئين ٺاهي وري اليڪشن کان نٽائي، 1958ع ۾ مارشل لا لڳائي سنڌو جا ٽي درياءَ بيساس، ستلج۽ راوي انهن جي جون بئراجون جيڪي سنڌو درياءَ کي ڀريندا هئا اهي هندستان کي وڪڻي ڏنا ويا.

سنڌ ڪيئن وساري سگهندي اوهان جون قرباينون اوهان جا شعر اوهان جا افسانا، لکڻيون. سنڌ ته شاعرن کي پوڄيندي آهي. سنڌي اديبن کي داد ڏيندي آئي آهي.

اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن سچائي، انصاف  ۽ رواداري جي پيڙهه رکي هئي. توهان هن دور جا شاعر ۽ اديب آهيو، ضروت پوڻ تي سنڌ تي ڪشٽ اچڻ تي توهان سنڌ جي دانهن کي ماتم ۾ تبديل ڪيو آهي. اهو جهاد هلي رهيو آهي، اسين ماتم ۽ عزاداري جي ماحول ۾ جڪڙجي ويا آهيون. ڪهڙو به ڀلو، سٺو ۽ مٺو مادر وطن سان محبت جو ماحول ٺهيو آهي پر هاڻي وقت آيو آهي انهي مان نڪري اڳتي وڌڻ جو ، عمل جي واٽ ڳولڻ جو، دکن جي درمان ڳولڻ، نوان رستا ڳوڻ جو، نئين دنيا نئين ماحول سمجهڻ جو، تاريخ جي وهڪري جي رخ، طاقت ۽ شدت ڳولڻ جو، ڇا اسين لوڪ ادب جي لفافي، ڪلاسيڪل، ادب جي وسعت، مصوري، تصور، جماليات، دلڪشي ۾محو ته نه ٿي ويا آهيون.

هاڻي ڇا ڪيون ؟ ڇا اوهان شاعرن ۽ اديبن، ليکڪن، مفڪرن ڪجهه ڪيو آهي جو جنگ اڳتي نئين سٽاءَ سان جاري رکون.معاشي ۽ سياسي جمود کي ڪيئن ٽوڙيون. سرمائي جو، ناڻي جا، مال ملڪيت جا، نوان پٽ ڪيئن کوليون. لاچار بي وسي بکئي ، ڏکئي جاهل، مفلس، ڪاريگر ۽ پورهيت، ڊرائيور، ڪلارڪ ، پٽيوالن کي ڪيئن ملڪ جي معاش ۽ سياست ۾ شريڪ ڪيون، N G O وارا يا بي سمجهه سياستدان ايڏا ۽ ايترا جذباتي مبالغ آرائي جا نعرا ٿا هڻن جو سياستدانن جي لاءِ ڪجهه ناهي بچيو سندس ختم ٿي وئي آهي.عام سياستدان ، سياسي ورڪر جيڪي اسانجي سياست جي قيادت ڪن ٿا، سياست جا رخ طئي ڪن ٿا، جي اجازت ڏيو ته انهن جو حال لفظن ۾ ذڪر ڪيان، هو ايترو ته ڪمزور، ضعيف، بي پهچ، اپاهج، نامراد ٿي ويا آهن جو هاڻي هو ڪجهه ڪين ڪري سگهندا.هاڻي اوهان جن جي هٿن ۾ قلم آهي، شاعري آهي، لکڻ جو مواد آهي، ديد علم جي ڄاڻ آهي، سي ڪا نئين واٽ ڳوليو ڏسيو، دڳ لڳايو،، شاعر ۽ ليکڪ جي اديب جي عظمت لفظن ۽ خيالن جي جوڙ کانسواءِ ماضي جي داستان گوئي کانسواءِ گهڻي قدر چالو هلندڙ خيالن کان اڳتي وٺي وڃڻ ۾ آهي. وهان ته اڃا احتجاجي عملن ۾ رڌل آهيو، اڳتي وڌڻ طرف خير ڪو ڌيان ڏيو ٿا، ڀونگا ڪيئن ڀنگ ٿيا، ٽپڙ ڪيئن کڄي ويا، ٻارا ڪيئن والارجي ويا، ڌنڌا ڪيئن هٿن مان نڪري ويا، شهرن مان ڪيئن تڙجي وياسيون ، وطن ۾ ڪيئن بي وطن ٿيا سون سنڌ جو ڊوميسائيل سنڌ جي مرڪزي شهر ڪراچي ۾ ڪيئن نٿو هلي، سنڌو سڪي ويو، سنڌ جو مٺو پاڻي لوڻا سي ڇڏيو، منڇر کاري ٿي وئي، وڻڪار،ٻيلا ڪپجي ويا، وزارتون ، نوڪريون، ميمبريون، چاپلوسي ۾ نپجن ٿيون، ڪهڙا ليکا ڪيون ؟!! اسان جو شاعر ۽ ادب سور ٿو روئي ڪهڙي نه سندر لفظن ۾ ! ۽ بيوسي ۽ پوءِ خود کي چالو غير مستحڪم رشورت خور وهڪري ۾ وهڻ لاءِ تيار ٿو ڪري. ڇا توهان محترم شاعر محمدخان مجيدي سان اختلاف رکندا ته :

سنڌ سڄي هن سيري آهي،

گهيري ۾ هن گهيري آهي.

هاڻي گهيري مان ڪيئن ڇڏايون، شاعر ته لفظن جي جادوگري ۽ سحر ۽ مڌ ۾ مست آهن پر او منهنجا علم جي خزاني سان ڀرپور گياني دانشور، ودان ليکڪ تو وٽ تيز قلم آهي، اخبار آهي، ريڊيو آهي، ٽي وي آهي، ٻڌڻ واري مخلوق آهي، هاڻ سوال آهي ته اهو ڪيئن سنڌي ٻولي، ڪيئن سڌي ماڻهو ڪيئن چٽو نروار ٿي پنهنجي اوسر ۽ ارتقا جي ترهي تي تري؟ جديد خيال، طريقا، علم، فن، وسيلي سنڌ کي اڳتي آڻي؟ ڪيئن ڪروڙن سنڌين کي ڇڪيون ، چئون ته ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي معاشي، سماجي، علمي، سياسي منصوبا ٻڌبا، ڪيئن ٻج ٻارو بچندو ۽ ڪيئن هن مقابلي جي دنيا ۾ جيئرو رهي اڳتي وڌبو؟ توهان لوڪ ادب ۽ ڀلايل شاعرن جا ڪلام سهيڙيا آهن، تاريخي قصا ڳولي انهن جي اپٽار ڪئي اٿو پر اڃا ضرورت انهي ڳالهه کان اڳتي وڌڻ جي آهي.ليکڪ، شاعر، صحافي، سياسي ورڪر لاءِ معاشري ۾ انصاف، سچائي، حق پرستي جي ضرورت انجي بقا ۽ سلامتي جياپي ۽ ارتقا اوسر لاءِ ضروري آهن.آئون اوهان اڳيان ڪي نالا ٿو کڻان جيڪي سياسي ورڪر ۽ مفڪر هئا، اديب هئا، جن پنهنجي ملڪ ۾ ليکڪ ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ نمايان ڪتاب لکيا آهن، جيڪي اڃا تائين ڪارگر ڪتاب آهن، انهن جا پيش ڪيل خيال نظريا سندن ملڪن جي ترقي سان گڏ ادب جي دنيا ۾ به سچي سڪي وانگر هلن ٿا.

-1برٽرنڊرسل(Bertrand Russell) ليکڪ هو، فلاسافر هو سياسي مفڪر هو.

-2جارج برناشَا (George Beranashaw) شاعر، ناٽڪ نويس سياسي مفڪر هو.

-3سڊني ويب (Syedney Webb) پروفيسر سماجي سائنس جو ڄاڻو سوشلسٽ هو.

-4بيٽر ائيز ويب (Beatrice Webb) جا سڊني ويب جي زال هئي ۽ هن وانگر پروفيسر ۽  ليکڪ هئي.

-5جواهر لال نهرو، تاريخ ۽ هندستاني ڪلچر تي وڏو ليکڪ به هو .

-6مولانا ابوالڪلام آزاد ڪانگريس جو صدر قرآن شريف جو شارح ۽ اخبار نويس ،ليکڪ ۽ مفڪر هو.

-7مولانا عبيدالله سنڌي اسلامي علم ۽ يورپي تحريڪن ۽ ڪميونزم تي لکندڙ هو. هنن جا ڪتاب ۽ نالا ته توهان ٻڌا هوندا. آءُ وڌيڪ ٽن شخصيتن جو ذڪر ٿو ڪيان جن 20،19،18 صدين ۾ معاشيات ۽ سماجيات ۽ تاريخي علم تي ڪتاب لکيا آهن.هر هڪ جي لکڻين ۾ سئو سالن جو مفاصلو آهي.

-1آدم سمٿ جنهن جو ڪتاب “ قومن جي دولت” (Wealth of  Nation) 1876 ۾ ڇپيو.

-2ڪارل مارڪس جو ڪتاب “ سرمايو” (Das Kapital) 1867 ۾ ڇپيو.

-3جان گلبر ائٿ جو ڪتاب “ شاهوڪار سوسائٽي” (Affluent society) 1958 ۾ ڇپيو.

پهرئين ڪتاب جو بنيادي موضوع آهي ته معاشي نفعو ۽ ضرورتون انسان جي ڪلچر کي ٺاهين ٿيون. ان لاءِ محنت ئي هڪ ذريعو آهي. اهو آدم سمٿ جو قول آهي ته قومن جي دولت سندن نوٽ، سڪا سون، چاندي، بانڊ، هيرا، جواهر، جبل، درياهه، ٻنيون ٻارا ناهن پر انهن جو ٽوٽل پورهيو آهي. هن سرمائيداري (Capitalist system of  Economy) جو بنياد مفڪر آدم سمٿ آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن کان پوءِ حالتون ڦرنديون رهيون آهن پر آدم سمٿ سرمائي جا بنيادي اصول طئي ڪيا آهن.

مئڪالي 19 هين صدي ۾ چيو هو ته “ هاڻي سياسي لٽريچر ناولن جي جڳهه وٺندو ٿو وڃي جيڪو هاڻي خوبصورت عورتن جي سينگار جي ٽيبل تي ناولن واري جڳهه والاري ٿو، اڄ جو ماڻهو گهر ۾ ٿالهي ۾ ماني وٺي کائي ٿو يا ڪم تي ٻني يا دڪان تي يا آفيس ۾ وڃي ٿو، اهو صرف اوستائين محدود ناهي. هن جو ذهن مٿي نڪري پنهنجي تهذيب جي اصليت ڄاڻڻ چاهي ٿو. پنهنجي محنت ۽ قابليت جي قيمت ڪٿڻ لاءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇا اسان جا اديب هاڻي اهڙن پرهندڙن ۽ سندن شائقن جي نئين حس طرف ڌيان نه ڏيندا ؟ هنن جي ذهنن ۽ سوچ جي بک لاءِ نوان خيال نوان تجربا، نوان حل،  نوان رستا نه ڳوليندا ؟ هنن جي سوچ جو دائرو وسيع ٿيندو پيو وڃي. هو ڳالهه سمجهڻ لاءِ سوال پڇي ٿو تنقيد ڪري ٿو.ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين لاءِ ضروري ناهي ته نوان ، تازا، نڪور، جديد، فرحت بخشيندڙ، چمڪندڙ  نفي بخش سگهارا ادب سرجين ، انسان جي اوسر ۽ ارتقا ۾ مدد ڪن سهڪار ڪن، رهنمائي ڪن.

ڪي اديب فيوڊلز م وڏيرا شاهي خلاف آهن ۽ ڪي انهن سان تکو تڪرار نٿا چاهين. ڇا ان جو جائزو ورتو اٿوَ ؟انهن معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي اٿوَ ؟ بيشڪ اسان جا ليکڪ ذهني صلاحيتن جا مالڪ آهن، هنن کي ڳولڻ کپن، تخليقي صلاحيتن جا شهري يا اهڙا شخص سندن، افسانن ، ناولن، يا تحقيقي جدوجهد ۾ وجود رکڻ کپن. اوهان سماج جا ڳواڻ آهيو، اوهان جي ذهني صلاحيت ۽ لکڻ جي قابليت قوم لاءِ نوان رستا ڳولي سگهي ٿي.

توهان قوم ۾ سهپ جو گڻ وڌائي سگهو ٿا. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چئي نيڪين ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا. شهرين ۾ جذباتي گرمائش کي وڌائڻ بدران ان کي ڌتاري ٿڌو ڪري سگهو ٿا. توهان سنڌ جا دانشور آهيو سنڌ جا سپوت آهيو پوءِ انهي جذباتي نفرتن کي گهٽ ڪيو. ملڪ ۾ انتشار توهان جي سنڌ ڦٽائيندو، ڪاوڙ بنا تخيلق ڪيو. هي جا اوهان کي آزادي مليل آهي سا ثابت ٿي ڪري ته سنڌ جو معمولي ماڻهو به حڪومت هلائي سگهي ٿو. هينئر ته حالتون خراب آهن آئون  نٿو ڪا اوهان جي رهنمائي ڪري سگهان ته اهي ڪيئن دور ڪيو. منهنجو مطلب آهي بنيادي خيال ذهن ۾ رکو ۽ ماڻهن جي سوچ تي اثرانداز ٿيو.سنڌ جي ذهن ۾ سکي سلامت ، امن واري آسودي سدائين سڪار واري سنڌ آهي، توهان ڏسو پيا هاڻي اها ڪهڙي سنڌ اسان وٽ آهي.

هاڻي مارشل لائون ختم ٿيون آهن، اخباري ۽ ميڊيا جي آزادي اُڇلون ڏئي رهيون آهن.هاڻ گرم تحريڪ جي ضرورت ناهي ٿڌي قانون ۽ اخلاقي جنگ لڙڻي آهي، ان لاءِ قلم هٿ ۾ کڻو، نوٽ بڪ کوليو، نوان خيال پيدا ڪيو، سوچيو عمل جون راهون ڳوليو، ويڙهه جا نوان باب کوليو.

مصر کان وٺي ( شام ) ايران هندستان کان ٿيندو چين تائين ڪنهن وقت گهڻو وڌيڪ سڌريل ۽ ترقي تي رسيل هئا، يورپ کان هاڻي پوئتي پئجي ويا آهن،اسين يورپ وارن کان بهتر هئاسون پر هاڻي انهن کان گهڻو پوئتي آهيون، هاڻي جي اسين هن وقت اڳڀرو ٿيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو رڳو ماضي جي مزارن کي ئي ڳڻيو ته پوئتي ئي رهجي ويندا سون ، اهو اوهان جي فرضن ۾ شامل ٿئي ٿو ته هن وقت اسان جو ادب سائنس، اسانجي سماجي سائنس، کي نواڻ ۾ آڻڻ لاءِ توانا ٿيڻ لاءِ اوهان کي نوان رستا ڳولڻا پوندا. يورپ جون چُڪون ڦولهڻ مان اسان جي اٿڪ ممڪن ڪين ٿيندي.هنن جي مقابلي ۾ غير واضح ، غير معياري جادوئي، پُراسراريت، پرڪشش اڻ ڏٺي تاريخي طلسم جي ٿنڀن تي پنهنجي سڀيتا ۽ ڪلچر ۽ تاريخ جا قلعا اڏي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي ويٺا آهيون. انهي خيالي تاريخي محرومين کان اسان کي ٻاهر ڪڍو، عقيدن جي اڻ سهپ، ذات پات ۽ رنگ نسل جي مونجهه کان اسان کي ٻاهر ڪڍو. صرف پورهئي جي ورڇ طرف ڌيان ڏيو، ڪهڙا نه اسان وٽ ڪاريگر، ڪوري، ڊکڻ لوهر، ڪاشي اجرڪ، ٽوپيون ٺاهيندڙ درياءَ ۽ سمنڊ اڳ ماڇي، مهاڻا هئا، ٻيلائي مالوند هئا، ايئن مارئي جا سانگهيئڙا، موکيءَ جا متارا، مڇيرا، سوڍا، کٽي، جبلن ۾ جاڙون هڻندڙ ڪيترا نه پراڻي دور کان هلندڙ ۽ نون پيشن وارا طبقا آهن، انهن جو ذڪر ڪرڻ سان حال اورڻ سان توهان ساري سنڌ کي گڏ کڻي هلندا.

هاڻي ته توهان تي وڌيڪ ۽ وڏي ذميواري آهي ته ڪيئن غلامي جي سوچ کان ٻاهر نڪري دنيا ۾ معزز، معتبر ۽ سکر ٿي پيش ٿيون، اسان جو وطن آسودو ٿئي ۽ دهشت کان آجو ٿئي. توهان سنڌ سان محبت رکو ٿا، ڪيترائي توهان مان سنڌي قومپرست سڏائين ٿا.

اوهان انهن ڳالهه طرف ڌيان نه ڏنو آهي ته صوفي متا ۽ مذهب سياسي طرح سياسي تحريڪ ۽ سياسي حڪومت وڃڻ جي اهل ڪين آهن جيئن ٻڌُ ڌرم ۽ خاص خرح ان جو فرقو مهايانا ۽ پڻ هندستان جو ڀڳتي يوگ، پرڪرستان مذهب ۽ اسلام ان بابت وڌيڪ ڪامياب رهيا آهن، جيئن ئي ارسطو جي سياسي ڄاڻ ڪرستانن کڻي نئين جاڳرتا (Renaissance) جي زور تي پنهنجو پاڻ بچائي سگهيا ۽ ساري دنيا کي فتح ڪري ان تي ڇائنجي ويا.سائنسي علم عقل ذهن دليل ئي اڳتي وڌڻ جا ذريعا آهن،جنهن هنن جي ذهن جا پٽ کولي ڇڏيا .جيسين باقائدي مناظرو نه ڪندا، مباحثو نه ڪندا، دليل نه ڏيندا، تڪرار نه ڪندا، سوال جواب نه ڪندا، علم کي ڏندن سان ڪرٽي نه چٻاڙيندا تيستائين اڳتي جا رستا نه کلندا. يورپ ۾ هن وقت عيسائي ڌرم کان وڌيڪ ارسطو جي ڳالهه ۽ صلاح هلي ٿي. نئين جاڳرتا ڪنهن سياسي فلسفي يا جنگي حڪمت عملي جو نالو ناهي پر ٻولي ۽ ادب ذريعي حاصل ٿئي ٿي جيڪي ٻي ٻولي ۽ ادب اوهان جي قبضي ۾ آهن.ان لاءِ رستو ته توهان ئي گهڙي سگهو ٿا ڪنهن سياسي گهرڙ گهائو يا وڏي سياسي شخصيت ڳولڻ جو ضرور ناهي. ٻولي ۽ ادب جا هٿيار اوهان وٽ آهن، مصر وارن پنهنجي اعليٰ درجي جي لائبريري جلائي ڇڏي هنجو ڪلچر تباهه ٿي ويو.هتي ڪراچي ۾ اسان جو فريئر هال هو، ايئڊهال، خالقڏنو هال جي لائبريري ڦٽائي ڇڏي،هاڻي رستو نٿا لڀي سگهون.محترم ارنالڊ ٽوئنبي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ۾ 5 صفحا تاريخي لائبريرين جي نالن سان ڀريا اهن جن جي ناس ٿيڻ سان تهذيبون ختم ٿي ويون. سنڌ جو اسان جو آسرو هاڻي توهان شاعرن، اديبن ۽ ليکن تي آهي ته سٺا ۽ موزون ڪتاب لکندا ۽ لئبريريون قائم رکندا ۽ سنڀاليندا پوءِ هي سياست جا گرو ۽ صاحب صحيح دڳ تي اچي سنڌ سنواريندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو