Home / افيئر / روانڊا: پراڻا زخم، ناسور بڻجي ويا
above article banner

روانڊا: پراڻا زخم، ناسور بڻجي ويا

روانڊا آفريڪي ملڪ آهي جتي  1994ع ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ گهرو ويڙهه ٿي جنهن ۾ اٺ لک ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه ورتائون ۽ هزارين عورتن سان جنسي ڏاڍائي پڻ ڪئي وئي. لکن جي تعداد ۾ ننڍا ٻار به قتل  ڪيا ويا. هي اها باهه هئي جنهن ۾ انسان وحشي جانور وانگر ڇتو هيو، هڪٻئي جي رت جو پياسو هو. اهي قبائلي ڪير هئا انهن جو رنگ هڪٻئي کان کڻي مختلف هيو پر هو هڪٻئي جي زبان به ڳالهائيندا هئا.مذهب به ساڳيو ۽ انساني جوڙجڪ به ساڳي، صرف ڪو فرق هيو ته نالي جو. هڪ اهو قبيلو هو جيڪو عددي حساب سان گهڻو هيو ۽ ٻيو تُتسي قبيلو جيڪو آبادي جي لحاظ کان بلڪل گهٽ هيو.تتسي قبيلي جو الميو اهو هو جو هو پڙهيل لکيل گهڻا هيا ۽ هو اقتدار ۾ به هوتو قبيلي کان وڌيڪ حصي تي قابض هيا.روانڊا جي ڪالونيل آزادي کان پوءِ هي قبائلي اقتدار ۾ رهندا آيا ۽ حصي پتي تي وڙهندا به رهيا . ايڏي وڏي قتل عام تي گڏيل قومن جو ادارو به خاموش تماشائي رهيو. آمريڪا ۽ يورپ به ڪجهه وقت لاءِ اکيو ن پوري ڇڏيون ته هنن کي ڇڏيو ته هو ڪيترا ٿا هڪٻئي جا ماڻهو مارين. موت جو ناچ جاري رهيو ۽ دنيا اگهور ننڊ ۾ ستل رهي. وڏي ڳالهه اها به هئي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به آفريڪا جي گهانا ملڪ جو هيو،جيڪو پڻ روانڊا جو پاڙيسري ملڪ آهي. واضح رهي ته ان خون جي هولي جي پٺيان پڻ لائبيريا جي تڏهوڪي صدر چارلس ٽيلر جو هٿ چيو وڃي ٿو. ٽيلر پاڙيسري ملڪ سيريلون ۾ 11 ورهين تائين هلندڙ گهرو ويڙهه ۾ باغين کي هٿيار سپلاءِ ڪندو رهيو. ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث رهيو. اها گهرو ويڙهه جيڪا 2002 ۾ ختم ٿي ان ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا. انهن جنگي ڏوهن ۽ انساني قتلام ۾ ملوث هجڻ سبب کيس تازو مئي 2012 ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت  50 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

هيڏي وڏي انساني نسل ڪشي کان پوءِ گڏيل قومن کي هوش آيو، جنهن آفريڪي يونين جي ملڪن جي گڏيل امن فوج موڪلي جنهن وڃي ملڪ ۾ امن ڪرايو. پر ايستائين اٺ لک انسان جنهن ۾ ڪيترائي کير پياڪ ٻار ۽ پيٽ ۾ موجود ٻار هي جهان ڏسڻ بغير موت جي راڪاس ختم ڪري ڇڏيا،جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ وڏو انساني الميو هيو. ان کان اڳ ۾اوڀر يورپ ۾ يوگو سلوا ڪيا ۾ ٽيٽو جي موت کان پوءِ جبري الحاق خلاف ماڻهن پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو ته آزادي گهرندڙن خلاف توبن جا منهن کليا ۽ مهذب سڏائيندڙ گورن پنهنجي هم نسلن خلاف رڳو مذهبي فرق جي ڪري موت جي راڪاس لامارا کاڌا ۽ ايئن بوسينا هرزگونيا ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي وئي، هزارين انسانن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو،جڏهن ته دنيا کي پڪاريو به ويو پر وقت سر ڪنهن نه ٻڌي، نيٺ آمريڪا ۽ يورپي يونين امن فوج موڪلي امن ڪرايو، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي . سربنيڪا  ۾ 10 هزار ماڻهن کي هڪ وقت گڏ ڪري قتل ڪيو ويو.

روانڊا آفريڪا کنڊ ۾ اڪيلو ملڪ آهي جنهن ۾ گهرو لڙائي ۾ ايتري تعداد ۾ ماڻهو ماريا ويا. آفريڪي رنگ جي  ڪارن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي گورا جڏهن آفريڪا آيا ته انهن اسان کي ٻڌايو ته اچي عبادت ڪريو ۽ الله کي راضي ڪري ان جي رحمت حاصل ڪريو، پوءِ اسان اکيون بند ڪري عبادت گهرن ۾ عبادت ۾ڪرڻ لڳاسون ته خدا راضي ٿئي. جڏهن اسان اک کولي ته نه اسان وٽ زمين رهي، نه ٻولي، نه ثقافت ۽ نه وري ڪلچر، سڀ ڪجهه پيرن هيٺان نڪري چڪو هو. پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ رت جي درياءَ مان گذرڻو پيو.اهو ساڳيو قصو روانڊا جي عوام سان به ٿيو. قابض حاڪمن هتان جي عوام کي قبائلي نظام ۾ جيئن جو تيئن رکيو بلڪه ان کي اڃا به مضبوط ڪيو ۽ هڪٻئي خلاف ايترو ته سگهارو ڪيو جوهو هڪٻئي جا ازلي دشمن ٿي بيٺا. وقت هنن کي ڪجهه به نه سيکاريو بلڪه چري وڌو وڌ وارو قصو رهيو،پوءِ عبوري مان فري اصل حاڪم بڻايا ويا. چونڊون ڪرايون ويون. ڪاگامي کي صدر چونڊيو ويو ۽ هو گذريل ڪيترن سالن کان اقتدار تي قابض آهي ۽ ٻنهي قبيلن کي اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو ويو.يو اين ڪميشن جوڙي وئي جنهن رابئيريا جي اڳوڻي حاڪم چارلس ٽيلر ۽ ان جي حامي فوج کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ ڪيتريون ئي شاهديون مليون آهن ته هو قتلام  ۾ ملوث هيا.

ملڪ ۾ امن ته ٿي ويو پر ملڪ جي ماڻهن جا پراڻا زخم ڪونه ڀريا. صدر ڪاگامي تي اوڀر ڪانگولي ۾ باغين جي حمايت ۽ ڪانگولي حڪومت خلاف باغين جي مدد ڪرڻ جا الزام لڳا آهن. جيئن اڳ ۾ يوگنڊا جي سربراهه تي الزام هيو ته هو ٻن مخالف قبيلن کي هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ملوث هيو ۽ ان گهرو ويڙهه ۾ يوگنڊا جا قبائلي شامل هيا، ڇاڪاڻ ته آفريڪا ۾ ساڳيا قبائلي آباد آهن، تنهن ڪري انهن جي ويڙهه ڪرائڻ ۾ مختلف حڪومتون به ملوث هونديون آهن.ملڪ اندر جيڪا بجيٽ تيار ڪئي ويندي آهي ان ۾ گهڻو حصو ٻاهرين امداد جو آهي.ٻاهرين ملڪن جي امداد روانڊا جي ماڻهن جي بحاليءَ بجاءِ روانڊا جو صدر ڪاگامي پاڙيسري ملڪن جي باغين جي مدد لاءِ  استعمال پيو ڪري. تازو الزام ريپبلڪ ڪانگو جي صدر هڻندي چيو ته روانڊا ملڪ اندر بغاوت کي هٿي پيو وٺرائي، هٿيار پيو فراهم ڪري، اهڙو الزام يو اين او جي پليٽ فارم تي پڻ هنيو ويو آهي. روانڊا جي گهرو ويڙهه جو بنياد به آفريڪي ملڪن ۾ قدرتي وسيلن جي مالڪي تي آهي. خاص ڪري هيري جون کاڻيون آهن. هيري مان ڪمايل رقم ڪرائي جي قاتلن جي ڀرتي تي خرچ ڪئي ٿي وڃي ته جيئن هو وڌيڪ علائقي تي قبضو ڪري وٺن ۽ وڌيڪ هيرا جواهرن واري علائقي تي قبضوحاصل ڪري سگهن، انڪري آفريڪا اندر ڪرائي جي قاتلن جي فوج تيار ڪرڻ ڪو مسئلو ڪونهي. اهو ڀلي مالي هجي يا ڪانگو ، موزمبيق هجي يا سوڊان. ڇاڪاڻ ته سڄي آفريڪا کنڊ ۾ مضبوط حڪومت ڪانهي جي ڪا حڪومت مضبوط ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ته ان کي پاڙي معرفت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ريجنل توڙي عالمي طور جي به ڪئي ويندي،جيئن 1960ع ۾ ڪانگو ۾ بغاوت ڪري اتان جي صدرپٽرس لاموبا سرڪار کي ختم ڪري کيس ماريو ويو ۽ ملڪ اڃا تائين غير يقيني جو شڪار آهي. ڪجهه تي سرڪار ۽ ڪجهه حصي تي باغين جو قبضو آهي.

روانڊا جي حڪومت کي ماضي جي تجربي مان سبق سکڻ گهرجي ۽ ٻاهرين امداد ملڪ کي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪري ۽ ملڪ اندر ڀائيچاري ۽ ٻڌي لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. قبائلي نفرتن کي ختم ڪرڻ گهرجي. ملڪ اندر بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪري عوام  ۾ علم، سهپ، روزگار جي ذريعن ۽ صعنتڪاري ڪري نه ته ان جو به حشر ٻين حڪمرانن کان گهٽ ڪونه ٿيندو، پاڙي جي ملڪن سان سٺا لاڳاپا هئڻ گهرجن ان ۾ خطي جي ڀلائي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو