Home / سياسي افيئر / زرداري- مرزا سرچاءُ : نوراڪشتي جي پڄاڻي يا شروعات
above article banner

زرداري- مرزا سرچاءُ : نوراڪشتي جي پڄاڻي يا شروعات

19 سيپٽمبر 2012ع تي صدر آصف علي زرداري اوچتو غير متوقع طور تي ڳجهه ڳوهه ۾ بلاول هائوس ڪراچي کان سڌو پنهنجي رٺل پڳ مٽ يار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي پرچائڻ لاءِ ان جي ڪراچي ۾ ڊفينس واري گهر پهتو. ميڊيا ۾ آيل اڻپورين خبرن موجب ان ملاقات ۾ ٻئي دوست کير کنڊ ٿي ويا ۽ سندن سمورا اختلاف ختم ٿي ويا.

رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي رٺل دوست ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ٻيهر ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جلدي کيس اهم وزارت پڻ ڏني ويندي.اهي به اطلاع آهن ته صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ جيڪي سندس حريف هئا، جن خلاف ڊاڪٽر مرزا ميڊيا ۾ سرعام الزام لڳائي انهن کي سمورن عهدن تان هٽائڻ جي صدر زرداري کان گهر پڻ ڪئي هئي. اهي سندس ٻئي مطالبا صدر زرداري مڃي ورتا آهن. بابر اعواڻ کي اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت سميت اهم عهدن تان هٽايو ويو آهي. ۽ سنڌ لاءِ وائسراءِ بڻيل رحمان ملڪ کي نيٺ سپريم ڪورٽ ئي پنجوڙ وجهي اهڙي طرح سان چئو کنڀو ڪري لٽڪائي ڇڏيو آهي جو همراهه پنجن سالن لاءِ اليڪشن ۾ نااهل بڻجي گهر ڀيڙو ٿي ويو آهي، پر سپريم ڪورٽ اڃا تائين سندس پيڇو ڪري رهي آهي ۽ گهڻو امڪان آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن خلاف وڌيڪ کوڙ سارا ڪيس هلايا ويندا . صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا مٿيان اهي مطالبا ان وقت مڃي ورتا آهن. جڏهن اهي ٻئي همراهه بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ اوچتو حادثاتي طور تي منظر تان گم ٿي ويا آهن. باقي صدر زرداري پنهنجي دادلي رحمان ملڪ کي ڊاڪٽر مرزا جي گُهر تي هٽائڻ لاءِ هرگز تيار نه هو.ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي به رحمان ملڪ کان اها شڪايت هئي ته هو سندس گهرو وزير هجڻ جي باوجود سنڌ جي معاملن ۾ سڌي طرح سان غير ضروري مداخلت ڪري رهيو هو. ان ڏس ۾ اها ڳالهه به غور طلب آهي ته سنڌ جي انتظامي معاملن ۾ رحمان ملڪ جيڪا مداخلت ڪري رهيو هو. اهو هو پنهنجي مرضي سان ڪري رهيو هو يا هن کي اهڙا حڪم ايوان صدر مان ملي رهيا هئا. يقينن رحمان ملڪ گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ سان جيڪي ڪلور ڪيا اهڙا اختيار کيس ايوان صدر کان ئي مليل هئا.ٻي حالت ۾ رحمان ملڪ ۾ ايتري ٿوم ئي نه هئي جو هو اڪيلي سر سنڌ سان اهڙا ويل وهائي سگهي. جيڪڏهن هن پاڻ  مرادو سنڌ سان اهڙا قهر ڪيا ته ايوان صدر ڇو خاموش رهيو ؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو گذريل سال اوچتو بظاهر پنهنجي يار صدر آصف علي زرداري سان ناراض ٿي پنهنجي گهرو وزارت، ٽنڊي باگي واري ايم پي اي جي سيٽ ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي نائب صدر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا سنگين الزام ۽ انڪشاف لائيو هلڻ لڳا. ڊاڪٽر مرزا حيرتناڪ طور تي هڪ طرف ايم ڪيو ايم کي  نسلي تنظيم ثابت ڪرڻ لاءِ سنگين الزامن جي ثابتين جون ٻوريون ڀري ميڊيا اڳيان کڻي آيو ۽ لنڊن ۾ ويٺل پير کي للڪارڻ لڳو ته ٻي طرف سنڌ جي قومپرستن تي به سندس پارو چڙهيل هو. ان وقت ڪنهن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته اصل ماجرا ڇا آهي ؟مرزا ڪهڙي مليل ٽاسڪ تي عمل ڪري رهيو آهي ؟  ڇا واقعي هن جا پنهنجي يار صدر آصف علي زرداري سان سخت اختلاف پيدا ٿي ويا آهن يا هي ڪو ٽوپي ڊرامو آهي ؟ ان گوڙ ۽ گهمسان ۾ ان وقت ڪابه ڳالهه سمجهڻ ۾ نٿي آئي .

ان وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خاص طور تي ٻن محاذن تي هڪ ئي وقت وڙهي رهيو هو. سندس هڪڙو نشانو ايم ڪيو ايم هو ۽ ٻيو نشانو سنڌ جا قومپرست هئا. ايم ڪيو ايم کي ميڊيا ۾ سرعام نشانو بڻائڻ تي گذريل سال ڊاڪٽر مرزا سنڌ ۾ هيرو بڻجڻ لڳو پر سنڌ جي قومپرستن کي نشانو بڻائڻ ڪري سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ سنڌي ميڊيا کيس شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳا.اوچتو ان وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنگ جو هڪ ٽيون محاذ به کولي وڌو جنهن ۾ هن رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ کانسواءِ ان وقت جي سنڌ جي ٽن وزيرن منظور وساڻ ،آغا سراج دراني ۽ پير مظهر الحق کي به وڃي هٿ ڳنڍيا ۽ انهن سنڌ ڪابينا جي ٽنهي وزيرن کي به جڏهن اچي ميڊيا ۾ سڱن تي کنيو ته انهن ٽنهي وزيرن به جوابي ڪارروائي ڪندي مرزا ڏانهن الزامن جا تير وسائڻ شروع ڪيا، جيڪا الزامن ۽ جوابي الزامن جي جنگ ايتري قدر  وڌي وئي جو بدين ضلعي مان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل مرزا کان ناراض ٻه يم پي اي محمد نواز چانڊيو ۽ مير بابو ٽالپر ان وقت جي گهرو وزير منظور وساڻ جي حمايت ۾ جيالن جو هڪ جلوس ڪڍي گولاڙچي شهر ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سوين حامين ان جلوس تي ڪاهه ڪري ڏني. پوليس جلد مداخلت ڪري ڌرين کي خونريزي کان بچائي ورتو، پر ڊاڪٽر مرزا جي حامين جلوس کي ڇڙوڇڙ ڪري جلسو  ڦٽائي ڇڏيو.

اهڙي واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ انجي حامين تي وڌيڪ ڏمرجي پئي،وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي مرزا جي حامين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مرزا جي خاص ماڻهن ڪمال خان چانگ، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽ ٻين کي پيپلز پارٽي ضلعي بدين جي عهدن تان هٽائي بدين جي جهونن جيالن عبدالغفور نظاماڻي کي ضلعي جو جنرل سيڪريٽري  ۽ ستار ميمڻ کي سٽي بدين جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ ضلعي توڙي تعلقي ڪائونسل بدين سميت ضلعي جي سڀني سڻڀن کاتن ۽ تعلقه ڪائونسلن تي قابض ڊاڪٽر مرزا جي خاص ماڻهن کي پڻ بااختيار سمورن عهدن تان هٽائي فنڊ منجمند ڪري ڇڏيا. ايتري ۾ گذريل سال 2011 جي آگسٽ مهيني کان بدين ضلعو مها ٻوڏ ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويو،  لکين ماڻهو بي گهر بڻجي دربدر ٿي ويا.ان مها ٻوڏ واري عين وقت تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين خلاف دهشتگردي جي سنگين الزامن جون پيتيون ڀري لنڊن ڏانهن روانو ٿي ويو. پوءِ سگهوئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ايوان صدر جي ٽيم جا ڪجهه ماڻهو ٽياڪڙي ڪرائڻ لاءِ لنڊن روانا ٿيا، جتي لنڊن ۾ ڪو اهڙو ڳجهو ٺاهه ٿي ويو جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي خاموشي جي ڪا اهڙي مهر لڳي وئي جو هو چپ ٿي منظر تان ئي گم ٿي ويو. لنڊن ٺاهه تحت بدين ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا پارٽي توڙي انتظامي عهدن تان هٽايل سمورا ماڻهو بحال ٿي ويا ۽ مها ٻوڏ ۾ ٻڏل بدين ضلعي جي لکين ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ بحال ڪاري جا سمورا انتظام مرزا خاندان جي حوالي  ڪيا ويا. ڪروڙين روپين جا جاري ڪيل فنڊ ۽ رليف جو اربين روپين جو سامان انهن شگرملن جي آفيسر مرزائن ۽ مرزا جي حامين حوالي ڪيو ويو. تعلقه ڪائونسلن سميت بدين ضلعي جا سمورا سڻڀا ادارا ٻيهر مرزا جي ماڻهن حوالي ڪيا ويا. ڊاڪٽرمرزا جي ٽنڊي باگي واري خالي ٿيل ايم پي اي جي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا کي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ ڏني وئي جيڪو سيد پپو شاهه  کي شڪست ڏئي سنڌ اسيمبلي ۾ پهتو. امڪان هو ته حسنين مرزا کي ڪا سڻڀي وزارت ڏني ويندي پر هيلتائين کيس ڪابه وزارت نه ڏني وئي آهي ، جنهن مان اندازو اهو هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف مڪمل طور تي ختم نه ٿي سگهيا هئا. واضح رهي ته لنڊن ٺاهه بعد بدين ضلعو ٻيهر ڊاڪٽر مرزا جي خاندان حوالي ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين مرزا خاندان حوالي ٿيل آهي. ان وچ ۾ گذريل آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ ڪجهه غير متوقع پراسرار سرگرميون پڻ ڏسڻ ۾ آيون، صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ صدر زرداري جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر زرداري جي ويجهي عزيز مظفر ٽپي اوچتو بدين ضلعي جا طوفاني  دروا ڪيا جنهن ۾ هنن بدين جي مختلف شگر ملن جو پڻ دورو ڪيو. واضح رهي ته بدين ضلعي جي ڇهن شگر ملن مان هڪ آرمي شگر ملز بدين کان سواءِ ضلعي جون پنج شگر ملون صدر آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خريد ڪري ورتيون ۽ پنگريو شگر مل ڊاڪٽر مرزا جي حوالي ٿيل آهي. باقي ٽي شگر ملون هر هڪ انصاري شگر ملز،ماتلي ڀاواني شگر ملز تلهار ۽ ديوان شگر ملز ،کوسڪي صدر آصف وٽ آهن، مرزا شگر ملز ڪڍڻ اڳ ۾ ئي زرداري ۽ مرزا جي گڏيل ملڪيت هئي جنهن ۾ ڪجهه سال اڳ تائين سيڪيورٽي گارڊ به نواب شاهه جا زرداري مقرر ٿيل هئا. جن کي بعد ۾ هٽايو ويو ۽ هن مل جا مڪمل اختيار مرزا خاندان جي حوالي ٿيل آهن. ان بعد چند سال اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنگريو شگر ملز ذاتي طور تي پنهنجي پيسن سان خريد ڪري ورتي هئي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ديوان شگر ملز کوسڪي کي پڻ ذاتي طور خريد ڪري رهيو هو ڌرين۾ ملز جي خريداري جا سمورا معاملا پڻ طئي ٿي ويا هئا. ايتري ۾ صدر آصف علي زرداري  جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي اها کڙڪ پئجي ويئي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ذاتي طور تي کوسڪي شگر ملز خريد ڪري رهيو آهي. ان پنهنجي شگر ملن جا آفيسر موڪلي وڌيڪ پيسن جي ٻولي لڳائي کوسڪي شگر ملز خريد ڪري ورتي، جنهن جي وڪري جو سودو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان طئي ٿي ويو هو. ڪن ڄاڻو ذريعن “ افيئر” کي ٻڌايو آهي ته گذريل سال داڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهرو وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ميدان تي لهڻ ۽ صدر آصف علي زرداري سان ناراضگي جو هڪ ڪارڻ کوسڪي شگر مل جو سودو پڻ هو ۽ ٻيو ڪارڻ سندن هڪ ويجهي عزيز ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن سان ڊاڪٽر مرزا جا لياري جي پيپلز امن ڪميٽي سان پيدا ٿيل سخت اختلاف ۽ لياري جي ترقياتي پراجيڪٽ ۽ پلاٽن جي معامن تان سخت اختلاف پيدا ٿي ويا هئا. ٻنهجي  ويجهو عزيز  جو  صدر آصف علي زرداري انهي ويڙهه ۾ پاسو کڻي ان کي بااختيار بڻائي ڇڏيو هو جنهن تان مرزا وڌيڪ سخت ناراض ٿي پيو .

هڪ طرف ڪن ذريعن جو چوڻ آهي ته مٿين ڪاروباري معاملن جي ڪري صدر آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر مرزا جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا هئا. ٻئي طرف ڪي تجزئي نگار ۽ مبصر انهي راءِ جا هئا ته ايم ڪيو ايم جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار  جي ها اندروني ويڙهه اصل ۾ نوراڪشتي هئي. جڏهن ته تازو گذريل مهيني جڏهن فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سخت حريف مظفر ٽپي بدين جا دوارا ڪيا تڏهن ميڊيا ۾ اهي رپورٽون پڻ شايع ٿيون ته فريال ٽالپر بدين ۾ ڊاڪٽر ذوالفار مزرا جي سخت سياسي مخالفن ماتلي جي هاليپوٽن، اسماعيل راهو، حاجي شير جمالي ۽ ٻين ڌرين سان رابطا ڪري انهن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڏس ۾ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته فريال ٽالپر بدين جا هي دوران ان وقت ڪيا جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ان جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا سميت مرزا خاندان سخت بيماري واري حالت ۾ آمريڪا ۾ علاج هيٺ هئا. ان وقت بدين ۾ اهي افواهه پڻ پکڙجي ويا هئا ته صدر زرداري مرزا خاندان کي بدين جي سياست مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرزا خاندان کان شگر ملون ۽ زمينون کسيون پيون وڃن.اهڙن افواهن جي ابتڙ زرداري -مرزا ملاقات سڄي سياسي وايو منڊل کي بدلائي ڇڏيو آهي. مرزا جا سياسي مخالف ملاقات بعد سخت پريشان ٿي ويا آهن، مرزا کي رحمان ملڪ واري ساڳي گهرو کاتي جي وزارت ڏيڻ، پ پ سنڌ جو صدر بڻائڻ جون ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن، هي سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ملڪ ۾ نئين اليڪشن جا طبل وڄي رهيا آهن. مڪاني ادارن جي سنڌ دشمن آرڊيننس بعد سڄي سنڌ ڪشمور کان ڪراچي تائين سراپاءِ احتجاج آهي، ايم ڪيو ايم وارا هڪ دفعو ٻيهر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڀڀڪيون هڻي رهيا آهن. اهڙي وقت ۾ صدر زرداري ڊاڪٽر مرزا کي ڪهڙو ٽاسڪ ڏئي ميدان تي لاهي رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان ۾ ڪيترو ڪامياب  ٿيندو اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو