Home / افيئر / سامَ سنگ ايپل کي هڪ ارب ڊالر ڏنڊ ادا ڪندي
above article banner

سامَ سنگ ايپل کي هڪ ارب ڊالر ڏنڊ ادا ڪندي

آمريڪا جي رياست ڪيلفورنيا جي هڪ عدالت ڏکڻ ڪوريا جي Technology Electronics جي اهم اداري Samsung کي حڪم ڏنو آهي ته اها Apple کي 1.05 ارب ڊالر جو ڏنڊ  ادا ڪري.

سمارٽ فون ٽيڪنالاجي چوري ڪرڻ جو ڪيس ايپل سامسينگ تي ۽ سامسينگ ايپل تي هنيو هو، ٻنهي جي الزامن کي ٻڌندي آمريڪي رياست ڪليفورنيا جي عدالت سامسينگ کي حڪم ڏنو ته ايپل کي 1.05 ارب ڊالر بطور ڏنڊ ادا ڪري.

عدالت Samsung جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. امڪان آهي ته عدالتي فيصلي کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا جي هن Samsung company جي ٻين منصوبن تي به پابندي لڳي سگهي ٿي. ان ڪيس جي ٻڌڻي 6 ججن تي مشتمل بئنچ ڪئي ،جنهن جو فيصلو Apple جي حق ۾ هو. Apple جي طرفان هنيل ستن الزامن مان 6 ثابت ٿيا. 3 هفتن تائين هلندڙ هن ڪيس سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن فيصلي جي اچڻ کان پوءِ ردعمل ۾ Samsung چيو ته هي حرف آخر  نه آهي نه وري هي Apple جي فتح آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو